Friday, August 21, 2020

بند رستو

بند رستو

ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


”ڪنهن سان وڙهي آيو آهين ڇا؟“

”ها.“

”ڇو؟“

”رستو نه پيو ڏي.“

”پاسو ڏيئي هليو وڃين هان؟“

”پاسي مان به وڃڻ نه پيو ڏي.“

”ڇا پيو چوي؟“


”بس ضد ته تو کي ان رستي سان وڃڻ نه ڏيندس.“

”ڇو پئي ائين ڪيائين؟“

”خبر ناهي... مون چيس؛ جيئن سڄي دنيا ان رستي سان وڃي پئي، تيئن مون کي به وڃڻ ڏي. منهنجا ٻچا بک تي ويٺا آهن. ڪيئي ڏينهن کان گهرَ جو چُلهو ٺَريل آهي. مان پنهنجي ٻچن جي اکين ۾ نهاري نٿو سگهان. گهرَواريءَ جا سڏڪا ته مون کي ماري ٿا وجهن.... اهو اڪيلو ئي رستو آهي، جنهن تان وڃي اڪثر ماڻهن ترقي ڪئي آهي، مون کي به ان ئي رستي سان وڃڻ ڏي....“

”پوءِ ڇا چيائين؟“

”بس وڙهي پيو. چيائين؛ ڇا به ٿي پوي تو کي ان رستي سان وڃڻ نه ڏيندس، اُڪو تنهنجا ٻچا بک تي هجن. اهو بيمانيءَ وارو رستو آهي. ڀٽائي سائينءَ به چيو آهي ته، ’لوڪ وهي لھوارو، تون وهج اوڀارو....‘ تون انهن ماڻهن کان الڳ ٿي هل... هڪ نه هڪ ڏينهن تنهنجي زندگيءَ ۾ سُک ايندو.“

”اها ته وڏي ڏاڍائي چئبي يار.“

”ها.... ۽ جڏهن مون زوريءَ ان رستي سان وڃڻ چاهيو ته، مون کي وٺي ڀت سان ٽَڪر هڻايائين.“

”تنهنجي نرڙ مان ته اڃا به رت وهي پيو.... پر جنهن تو کي رستو نه پئي ڏنو، اُهو هيو ڪير؟“

”اهو مان پاڻ هئس.“

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي ۲۱ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment