Friday, August 7, 2020

فيصلو

فيصلو

ننڍڙي ڪهاڻي

ممتاز ساقي


“اي نوري! سج ڪيترو چڙھي آيو آھي! اڃا سُتي پئي آھين!؟” سفوران نوري کي جاڳائيندي مٿانئس سوَڙ لاھيندي چيو.

“امان تون ته صبح سان ئي ملڪ کڻيو مٿي ڪرين! جھڙو اڀريو ڪونھي، ماڳئين لھيو ٿو وڃي.” نوري ڪاوڙ ۾ چيو ۽ وري سوڙ ڇڪي سمھي رھي.

گھر جي پڌر تي بيٺل گدامڙيءَ جي وڻ تي ويٺل جھرڪين جي چُون چُون ۽ صبح جي ٿڌڙي ھير کي پسند ڪندڙ نوريءَ کي اڄ ھنڌ ڇڏڻ ئي نٿي آيو. پر سفوران جي بار بار اٿارڻ تي ھوءَ اٿي ۽ ھنڌ ويڙھي وڃي پڇنڊيءَ تي رکيائين. منھن کي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھڻي وڃي رڌڻي ۾ ويٺي. چانھ ڍڪ پي ٻھاري ٽاري جي ڪيائين.


نوري ٻه ٽي درجا پڙهيل سفوران جي اڪيلي ڌيءَ آھي. سندس پيءُ رمضان خون جي ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رھيو آھي. سفوران پھرين ته گھر جي ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊايو، پوءِ رئيس جي حويليءَ ڏانھن ھلي ويئي، جتان پورھيو ڪري سانجھيءَ ٽاڻي موٽندي آھي. نوري لاءِ گھر جي ڪم کانپوءِ سيبو ٽوپو ئي سندس وندر آھي، جتان ٻه ڏوڪڙ به ملي ويندا اٿس.

ھوءَ رات اونداھيءَ ۾ جڏھن ڪڪڙ ٻئي پھر جا دَسَ ھڻندا آھن، تڏھن ماءُ کي ستل ڏسي گھر جي ڏيڍيءَ تائين مراد خان سان ملڻ لاءِ نڪري ويندي آھي. مراد خان جي سگھاري بدن ۽ مرداني ھانٺيءَ سندس جيءَ ۾ اھڙي جاءِ ٺاھي ورتي آھي، جو ھاڻي کيس ھُن سان ملڻ جي ھيرَ پئجي وئي آھي. ھونئن ته سندس مڱڻو پنھنجي سئوٽ ملھار سان ٿيل آھي، جيڪو انٽر پاس آھي. پر ھو معذور آھي. ملھار کي جڏھن کان اڌ رنگ (فالج) جي بيماري ٿي آھي، تڏھن کان سندس زندگي کٽ جي چئن پاين تائين محدود ٿي وئي آھي. ۽ مراد خان ڳوٺ جي چڱي مڙس جو پٽ آھي، خوبصورت جوان آھي. نوريءَ جي مراد خان سان ڏيٺ ويٺ تڏھن ٿي، جڏھن ھوءَ ماءُ جي بدران حويليءَ تي ڪم لاءِ وئي. ۽ پوءِ ڪڏھن ڪڏھن پيو ملڻ ٿيندو ھو. ھلڪي عليڪ سليڪ مان پنھنجائپ، ۽ پوءِ پنھنجائپ مان پيار جا پيچرا ٺھي پيا. جن تي گڏجي ھلڻ لڳا. لِڪي لِڪي سرٻاٽن ۾ ڪيل ڪچھرين کان پوءِ آھستي آھستي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو. رات جي ٻئي پھر ۾ جڏهن ڪڪڙ دَسَ ھڻندا ھئا تڏهن مراد خان سندن گھر ٻاھران مخصوص انداز ۾ ڳيري جي آواز ۾ غُوغُو.. غُو غُوغُو غُو ڪندو آھي. تڏھن نوريءَ جي من مندر ۾ سوين گھنڊ وڄندا آھن. اڄ به ائين ئي سندس ڪنن تي ڳيري جو آواز پيو ته ھوءَ پير پير ۾ ڏيئي، ٻاھر نڪتي، مراد خان کيس ايندي ڏٺو ته ٻانھن کان جھلي سوگھو ڪيائينس!

ھن پاڻ کي ڍرو ڇڏي، اکيون اکين ۾ کپائي ڇڏيون.

“ڇو، ڇا پئي ڏسين؟” مراد پڇيو.

“ڏسان پئي ته ھيڏي اونداھيءَ ۾ تون ڪيئن جھلي وٺندو آھين؟“ نوري پڇيو.

مراد ٻيھر ڀاڪرن ۾ ڀريندي چيس؛ “نوري خبر اٿئي جيڪي پيار ڪندا آھن، انھن جون نوانوي اکيون ٿي پونديون آھن.“

“ڇو باقي ھڪڙي اک ڪيڏانھن ويئي!؟” نوري ڀوڳن ۾ پڇيو.

“ھڪڙي اک ته زماني جي به ھجي نه!” مراد جواب ڏنو. ٻنھي کان ھلڪو ٽھڪ نڪري ويو.

۽ پوءِ کن پل ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ان خاموشيءَ ۾ نوريءَ جي ڪنواري بدن جي ھُڳاءُ ۽ سندن ساھن جي سھڪي کانسواءِ ڪجھ به نه ھو. مراد خاموشي ٽوڙيندي چيو؛ “نوري! حقيقت ۾ زماني جون نوانوي اکيون آھن، ائين لِڪي لِڪي ملڻ سان اسين زماني جي نظرن ۾ اچي وينداسين. ڇو نه پاڻ ھتان ڀڄي ھلون؟ ايترو پري جو زماني جي ڪا به اک اسان کي ڏسي نه سگھي، تون ھلندئين نه مون سان گڏ؟”

نوري ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي، ڪو به جواب نه ڏنائين.

“نوري تون جواب ڇو نه ڏيندي آھين، گھڻا دفعا پڇيو اٿم؟” مراد خان ٻيھر پڇيو.

نوري کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو، ھن نٽائيندي چيو؛ “ھاڻي آئون ھلان ٿي امان جاڳي نه پئي!!“

“ٺيڪ آھي، تنھنجي جواب جو انتظار رهندو!” مراد خان موڪلائي ھليو ويو.

نوري ھوشياريءَ سان گھر اندر داخل ٿي، کٽ تي ليٽي پئي، پر ننڍ کانئس ڪوھن تي پري ھئي. ھُوءَ سوچيندي رھي ته مراد خان وڏيري سائينءَ سان ڳالھائي ڇو نٿو!!؟ کيس شاديءَ لاءِ راضي ڇو نٿو ڪري!؟ پر ٻئي لمحي کيس مراد جا لفظ ڀالي جيان ٽنبندي محسوس ٿيا. ھڪ ڏينھن مراد خان ٻڌايو ھوس ته؛ “بابا جي اکين تي دولت ۽ انا جي پٽي ٻڌل آھي. ھو ڪڏھن به نه چاھيندو ته ھڪ غريب پورھيت جي ڌيءَ سندس گھر ۾ پرڻجي اچي.” نوري پاڻ کي ٻه-واٽي تي بيٺل محسوس ڪيو. ھن سوچيو ته؛ جيڪڏھن ڀڄي وينديس ته امان جو ڇا ٿيندو!؟ بابا کي خبر پوندي ته ڇا سوچيندو،..... ڳوٺ وارا ڇا چوندا، ماما ۽ ماميءَ تان ڇا گذرندو! ۽... ملھار جو ڇا ٿيندو!؟ سوچيندي سوچيندي اندر ۾ آنڌ مانڌ وڌي ويس. ملھار سان گھاريل گھڙين کيس سمھڻ نه ڏنو. ڪيئن نه گدامڙيءَ جي وڻ ۾ ٻڌل پينگھ ۾ لڏندي مستيون ڪيائون. ننڍين ڳالهين تي رسڻ ۽ پرچڻ، زل ڪاڙھي ۾ پيرون پٽي کائڻ! ۽ مٽيءَ جي رانديڪن سان ڪيل راندين کي ياد ڪندي سندس لڱ ڪانڊارجي ويا. کيس ياد آيو؛ ھڪ ڏينھن جڏھن ملھار وڻ تان گدامڙيءَ جا پلڙا پٽي سندس جھوليءَ ۾ اڇلائيندو رھيو. تڏھن نوريءَ چيو ھوس؛ “بس ملھار ھاڻ ٻيا پلڙا وري صبح جو پٽينداسين”. تڏھن موٽ ۾ ملھار چيو ھوس ته؛ “نوري پنھنجي پتيءَ جا پلڙا اڄ ئي پٽي ٿا وٺون.” ملھار جي ان جملي کي ياد ڪندي سندس اکيون ڀرجي آيون. ھن پاسو ورائي سمھڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ننڊ نه آيس.! ملھار سان گھاريل گھڙيون. کيس ھر ھر ذھن تي ھُرڻ لڳيون. کيس ياد آيو ته؛ جڏھن گڏجي ڀنڀوريون جھليندا ھئا. تڏھن اڪثر ملھار کي (کٽ ڀنڀوري) ڳاڙھي ڀينگاري جَھلَ نه ڏيندي ھئي. ته نوري کيس جھلي ڏيندي ھئي. پوءِ ملھار خوشيءَ ۾ نه ماپندو ھو. نوري کٽ تي پاسا ورائيندي ڄڻ ماضيءَ جا ورق اٿلائيندي، لُڇندي رھي. سوچن جون ويرون ورنديون رھيون. ۽ انھن ويرن ۾ لڙھندي لڙھندي خبر ناھي، ڪيئن ھوءَ ننڊ جي ڪُن ۾ ٻُڏي ويئي. پوءِ معمول جيان صبح جو سندس ماءُ ھڪلُون ڪري اٿاريس. ھوءَ اوجاڳيل نيڻن سان اٿي ته سندس اکيون ڳاڙھيون ھيون جھڙو رت. ھوءَ سڄو ڏينھن پنھنجي زندگيءَ جي فيصلي لاءِ پريشان ھئي. نوري ڪو به فيصلو ڪري نه سگھي. سندس اڳيان ٻه رستا ھئا، ھڪ رستو ملھار ڏانھن ٿي ويو، جيڪا زندگي ملھار جي کٽ جي چئن پايَن تائين محدود ھئي. ٻيو رستو مراد خان ڏانھن ھو. جتي سُک ئي سُک ھو. ھن جيڪي خوشحاليءَ جا خواب مراد خان جي ٻانھن ۾ ڏٺا ھئا، انھن خوابن جي تعبير اڳيان کيس گذريل زندگي فضول لڳي رھي ھئي. پر ھوءَ رشتن جي ڀرم ۽ محبت جي ڇِڪَ جي وچ ۾ ڏاھي ڪانگ جيان ڦاسي پئي. انھيءَ ڪشمڪش ۾ سڄو ڏينھن گذري ويس. ۽ پوءِ سج جا آخري ڳاڙھسرا منظر آسمان تي ڇانئجڻ لڳا. پکي پنھنجن ماڳن ڏانھن موٽيا، ۽ آھستي آھستي رات پنھنجا پَرَ پکيڙڻ لڳي. تڏهن من ۾ مانڌاڻ مچي ويس. ٿڌڙي موسم ۾ به گرمي ٿيڻ لڳيس. ھوءَ سوچن ۾ گم ھئي. اڌ رات ۾ جڏھن سندس ڪنن تي غُوغُو غُو جو آواز پيو، ھوءَ ھوشياري سان کٽ تان اٿي ٻاھر نڪتي، جتي مراد جا ڀاڪر سندس آجيان لاءِ آتا ھئا. نوري مراد جي ڪلھن تي ڪنڌ لاڙي ڇڏيو. ھوءَ خاموش ۽ پريشان ھئي.

“ڇا ڳالھ آھي، اڄ ايتري اداس ڇو آھين!!؟“ مراد پڇيو.

ھن ڪوبه جواب نه ڏنو.

“ڪھڙو فيصلو ڪيئي؟ ڇا مون سان نه ھلندئين؟”

“ائين ڀڄي ھلڻ سٺو نٿو لڳي.” نوري جواب ڏنو

“چري! پاڻ خوشيءَ سان نٿا ڀڄون، مجبوري آھي، پوءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ھڪ دفعو پاڻ ھتان ھليا وينداسين، ۽ ڪورٽ ۾ شادي ڪري ڇڏينداسين، ۽ پوءِ بابا به مجبور ٿي پوندو، سڀني جا وات به بند ٿي ويندا.” مراد کيس دلداري ڏني.

“مون کي ڊپ ٿو ٿيئي. سڀني کي ڇڏي ائين ڀڄي وڃڻ.” نوري چپ ٿي وئي.

“ڏس نوري، آئون تنھنجي ڪري پنھنجو سڀ ڪجھ ڇڏڻ لاءِ تيار آھيان. ھي ڌن دولت، مال ملڪيت، شان شوڪت... سڀ ڪجھ!! ڇا تون منھنجي ڪري ڪجھ ڏينھن لاءِ پنھنجي ماءُ کي نٿي ڇڏي سگھين؟” مراد کيس آٿتون ڏيندو رھيو.

نوري ڄڻ بنا ونجھ واري ھوڙي جي مسافر ھئي! کيس ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو. ته ھوءِ ڪھڙو فيصلو ڪري. پر ڪجھ دير ۾ مراد جي آٿتن ۾ وگھري پاڻي پاڻي ٿي پئي. مراد کيس سمجھائيندي چيو؛ ”تون دل نه لاھ! وقت پاڻ کي ھميشه لاءِ ھڪ ڪري ڇڏيندو. ھي فيصلو ڏکيو ضرور آھي، پر ڀڄي ھلڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناھي. آئون صبح جو ٻاھرئين بند تي گاڏي بيھاري توڏانھن ايندس، تيار رھجان. پاڻ رات جي پيٽ ۾ ڳوٺ ڇڏي ھليا وينداسين، آئون توسان گڏ آھيان. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، بس تون تيار رھجانءِ!”

نوري فقط کيس ٻڌندي رھي ۽ ھائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي گھر ھلي ويئي. ھوءَ معمول جيان گھر ۾ ھوشياري سان داخل ٿي، ماڻس ننڊ ۾ الُوٽ ھئي. ھوءَ ليٽي پئي، سندس دل جو ڌڙڪو وڌي ويو. ھوءَ پنھنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي فيصلي تي سوچيندي رھي. نوري اھو به سوچيو ھو ته؛ صبح جو آخري ڀيرو ملھار کي ڏسڻ ويندي. وري الاءِ کيس ڏسي سگھي الاءِ نه!! صبح ٿيندي ئي گھر جو ڪم ڪار ڪري ملھار جي گھر ھلي ويئي. جتي ھو کٽ تي ليٽيل ھو. ملھار جي نظر جڏھن نوريءَ تي پئي ته ھو مرڪي پيو.

“اچ نوري! ھيترا ڏينهن منھن نه ڏيکاريئي، مون کي ته اچي وسوسن ورايو. مون سمجھيو الائي وساري ڇڏيئي!! “

ملھار کٽ تي اٿي ويھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو؛ “نه سئوٽ! امان ڪم تي ھلي ويندي ھئي، آئون اڪيلو گھر ڪيئن ڇڏي اچان!؟”

نوري ڪجھ دير خاموش ٿي وئي، مٿي تي گنديءَ جو پلئه ٺاھيندي چيائين؛ “ڪيئن آھين ملھار؟”

“بس جيئان پيو.” ملھار ٿڌو ساھ ڀريندي چيو.

“مامي ڪٿي آھي؟“ نوريءَ پڇيو.

“امان اندر ڪوٺيءَ ۾ آھي.” ملھار جواب ڏنو ۽ پوءِ نوريءَ کي چتائي ڏسڻ لڳو. ھو نوريءَ سان مخاطب ٿيو؛ ”نوري ماڻھو ڇا ڇا ٿو سوچي! ۽ ٿئي ڇا ٿو!!! ڪا به خبر نٿي پوي، منھنجي زندگيءَ جي گھڙيال مان وقت جا ڪانٽا ٽٽي ويا آھن. وقت گذري ئي نٿو! ھڪڙو ڏينھن سالن جيڏو ٿي پيو آهي، اھو ته شڪر آھي جو ريڊيو ۽ ڪتاب آهن، جن کي ٻڌي ۽ پڙھي وقت پيو گذاريان.”

ملھار ڪجھ گھڙيون ماٺ ٿي ويو. نوري رڳو کيس ڏسندي رھي.

ھن وري ڳالھايو؛ ”نوري! ھيءَ ھيڏي ڪائنات آھي، پر منھنجي زندگي ھن ننڍڙي گھر جي چوديواريءَ تائين محدود آھي، ڄڻ قيدي ھجان! ھي قيد ڪيستائين ھلي، ڪا خبر ڪونھي!؟”

“الله خير ڪندو ملھار، تون دل نه لاھيندو ڪر، جلدي ٺيڪ ٿي ويندين.” نوري کيس آٿت ڏيندي چيو.

ملھار وري ڳالھايو؛ ”نوري ياد اٿئي، جڏھن ڀنڀوريون جھليندي مون کي ڳاڙھي ڀنڀوري جھل نه ڏيندي ھئي، تڏھن تون مون کي اھا ڳاڙھي ڀنڀوري (کٽ ڀنڀوري) جھلي ڏيندي ھئين. ڏس نوري! منھنجي زندگيءَ جا پر پٽجي ويا آھن. نوري منھنجي پر پٽيل ڀنڀوريءَ کي پَرَ لڳائي ڏيندئين!؟؟” ۽ پوءِ ملھار زارو قطار روئڻ لڳو. سندس اھڙي حالت ڏسندي نوري به لڙڪ روڪي نه سگھي. نوري گنديءَ جو پلاند ڏندن ۾ ڦاسائي سُڏڪي پئي. ۽ جھڙپ ڏيئي کٽ تان اٿي ھلي ويئي. ملھار کيس ڌنڌلين اکين سان ويندي ڏسندو ۽ سُڏڪندو رھيو.

نوري سڄو ڏينھن ذھني مونجھاري جو شڪار رھي. ملھار جا چيل لفظ سندس ڪنن ۾ ٻُرندا رھيا. ملھار جي بيوسي ۽ لاچاري کيس بيقرار ڪندي رھي. ھن ملھار کي ايڏو لاچار ڪڏھن به نه ڏٺو ھو. نوريءَ لاءِ اھو ڏينھن ڪنھن قيامت کان گھٽ نه ھو. ھوڏانھن مراد خان آھي ۽ خوشحال زندگي آھي. جتي ھُوءَ رئيسياڻي سڏبي. نوري سوچيو؛ اڄ رات مراد تياري ڪري ايندو، اھو ئي وقت آھي. ھتي ته سڄي زندگي عذابن ۾ گذرندي. ۽ پوءِ رات جي پيٽ ۾ ڳيري جي آواز تي دل پڪي ڪري پير پير ۾ ڏيئي ٻاھر نڪري وئي. جتي مراد خان اڳي ئي تيار بيٺل ھو.

ھن کيس ڏسندي ھلڪي رڙ ڪئي؛ “ڇا پئي ڪرين! ھيتري دير، ڪپڙا کنيا اٿئي؟ جلدي ڪي دير نه ڪر!”

مراد جي سوالن تي نوريءَ جون متيون ئي منجھي ويون.

مراد کيس ڀاڪرن ۾ ڀري چوڻ لڳو؛ “ڏس نوري! اڄ پاڻ ڳوٺ کي الوداع ڪنداسين، ۽ پنھنجي نئين دنيا ھوندي، جتي پنھنجو ڪو به ويري نه ھوندو، رڳو تون آئون ۽ پنھنجو پيار ھوندو. تون جلدي ڪر ڪجھ ڪپڙا کڻي اچ، وڃ جلدي ڪر“

ھوءَ ھراسجي وئي، ۽ لوءَ پائي چورن وانگر گھر ۾ داخل ٿي. ڪپڙن جي ٻڌل ھَڙَ کڻي، ھن آخري ڀيرو پنھنجي ماءُ کي ڏٺو، جيڪا گھري ننڊ ۾ ھئي. نوري آھستي آھستي گھر کان ٻاھر نڪري وئي. پوءِ مراد ۽ پاڻ، چورن جيان بند تي بيٺل گاڏي طرف وڌڻ لڳا. گاڏيءَ ۾ ويھندي نوري اونداھي باوجود به ڳوٺ تي ھڪ نظر وڌي، گاڏي ڪجھ اڳڀرو ٿي ته ملھار جي لفظن کيس ٻير جيان ڌوڻي ڇڏيو؛ “ڏس نوري منھنجي زندگيءَ جا پَرَ پٽجي ويا آھن، ڇا تون منھنجي پَرَ پٽيل ڀنڀوري کي پَرَ لڳائي ڏيندئين؟” کيس ملھار جا لفظ ڏينڀوئن جيان ڏنگڻ لڳا. ھوءَ پگھرجي پئي. ماضي سندس اڳيان ڪُند ڀڳل لاٽون جيان ڦرڻ لڳو، اکين ۾ ڪوسو پاڻي ڀرجي آيس. ھن ھڪدم گاڏي روڪڻ جو اشارو ڪيو، مراد خان بريڪ ھڻندي پڇيو؛ “ڇا ٿيو ڪو سامان رھجي ويو آهي ڇا؟” نوري ڪو به جواب نه ڏنو. ڪپڙن جي ھَڙَ کڻي، گاڏيءَ مان ٻاھر نڪتي.

”چري ھي تون ڇا پئي ڪرين؟” مراد خان به گاڏيءَ مان ٻاهر نڪرندي تعجب مان سوال ڪيو.“

”مراد مون فيصلو ڪري ورتو آهي.“

پوءِ نوري واپس پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ڊوڙ پاتي، جتي سندس ننڍپڻ وارو ملھار ھو.

No comments:

Post a Comment