Thursday, August 20, 2020

ڪهاڻي لڙهي ويئي!

ڪهاڻي لڙهي ويئي!

ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


”تون منهنجي اکين ۾ ائين ڇا ٿي ڏسين؟“

”ڪا ڪهاڻي.“

”ڪنهن جي؟“

”پنهنجي؟“

”ڇا هي لکيل ان ۾؟“


”ان ۾ لکيل آهي ته ڪا ڇوڪري آهي، جيڪا تو سان گڏ مون واري سيج تي ويٺي آهي؟“

”ڪير آهي اها؟“

”تنهنجي پنهنجي ڪا آهي.“

”۽ تون ڪٿي آهين؟“

”مان اُٿي، آهستي آهستي واپس وڃي رهي آهيان.“

”ڪيڏانهن؟“

”جيڏانهن هر هڪ کي وڃڻو هوندو آهي.“

نديءَ جي ڳالهه تي ساگر جي اکين ۾ ڳوڙهن جي هڪ وڏي ڇولي آئي، جنهن ۾ اها ڪهاڻي لڙهي ويئي!

 

(انور ابڙو، ۲۰ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي فيسبڪ وال تان رکيل/کنيل)

No comments:

Post a Comment