Tuesday, August 4, 2020

چوٿون موت

چوٿون موت!

هڪ حقيقت هڪ افسانو

جبار آزاد منگي


زينت اڄ مري وئي! هڪ ڊگهي عذاب مان ڄڻ آجي ٿي وئي. هُن کي دائمي سڪون ۽ آرام، سنڌ جي مٺڙي مٽيءَ ۾ لَٽجڻ بعد ئي مليو ھوندو!!

هوءَ اسان جي تعلقي جي ته نه هئي پر سندس شادي اسان جي تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ پڙهيل لکيل بيروزگار سان ڊسمبر ۱۹۸۷ع ۾ ٿي هئي. هوءَ سگهڙ ڌياڻي هئي. سلائي ڪڙھائي ڪري پنهنجي مڙس سان خوش هئي.


شادي جي ڇهن مهينن بعد هُن مٿان ڄڻ وڄ ڪري پئي، جڏهن زينت کي مڙس خوش ٿيندي ٻڌايو ته؛ “سعودي عرب ۾ هڪ دوڪان تي ڪم ڪرڻ جي ويزا ملي آهي ۽ هو پندرهن ڏينهن اندر ملڪ ڇڏي هليو ويندو.”

“راڻا تون مون کي ڇڏي ويندين!؟ مان رات ڏينهن پورهيو ڪري تو کي تڪليف نه ڏينديس، تون سعودي نه وڃ!”

پر زينت جي نماڻائي، هن جي ڪم نه آئي ۽ هوءِ اڪيلي ٿي وئي.

فيبروري ۱۹۹۰ع جي هڪ آچر ڏهاڙي هڪ گڏھ گاڏو منهنجي بيٺڪ وٽ اچي بيٺو، جنهن تي اڇي برقعي سان هڪ عورت ويٺل هئي. گڏ آيل نوجوان، مونکان منهنجو نالو پڇي پڪ ڪرڻ بعد چيو ته؛ ”گڏھ گاڏي تي ويٺل عورت منهنجي ڀيڻ آهي ۽ هوءَ اوهان سان ملڻ گهري ٿي.”

”ڪهڙو ڪم اٿس؟“ مون نوجوان کان معلوم ڪيو.

“اخبار ۾ اشتهار ڏيڻو آهي.” نوجوان جواب ۾ چيو.

هوءَ گڏھ گاڏي تان لهي، منهنجي بيٺڪ اندر اچي ڪرسيءَ تي ويهي رهي.

“مونکي پنهنجي مڙس کان طلاق وٺڻي آهي. هي ڌيان طلب ڇپرائڻو آهي!” هن اڇو برقعو مٿي ڪري پنهنجو منهن ظاهر ڪندي ڳالھ کي جاري رکيو؛ “منهنجو نالو زينت آهي. شادي جي ڇهن مهينن کان پوءِ منهنجو مڙس سعودي هليو ويو آهي. جنهن کي اڍائي سال ٿي ويا آهن. هن واپس ورڻ جي ناهي ڪئي.... اتي هڪ بنگالڻ سان شادي ڪئي اٿائين! هڪ خط لکي چيو اٿائين ته مان تو کي نٿو رکي سگهان سو تون طلاق وٺي ڇڏ.” زينت ٿڌو ساھ ڀري چپ ٿي وئي.

هي ڪهڙو بدنصيب آهي، جيڪو هن سهڻي سيبتي ۽ نوجوان ڇوڪريءَ کي ڇڏي رهيو آهي، جنهن جي عمر ئي ننڍي آهي!

“منهنجي شادي سورهن سالن جي عمر ۾ ٿي هئي. هِن وقت منهنجي عمر ارڙهن سالن کان وڌي هلي آهي، شناختي ڪارڊ به هاڻي ٺهرايو اٿم.... اوهان جو نانءُ ٻڌي آئي آهيان ته اوهان ڏکويل ماڻهن جي مدد ڪندا آهيو..... منهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟”

سنڌ جي ھڪ نئين نويلي ڪنوار جي ان جملي ۾ ڄڻ خنجر لڪل هيو، جيڪو منهنجي دل ۾ گهڙي ويو.

مان هن ڌيان طلب جا پيسا تو کان نه وٺندس ۽ تنهنجي هر جائز مدد ڪندس.

“مون اِهي ٻه اڍائي سال ڪيئن گذاريا آهن؟ سا هڪ مونکي خبر آهي ۽ ٻيو دلين جي مالڪ رب سائينءَ کي!“ زينت جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا؛ “هي منهنجو ننڍو ۽ اڪيلو ڀاءُ آهي، ابي جي پيار جي ڇانوَ چار سال اڳ کسجي چڪي آهي. امڙ جو سهارو آهي. مون سڀ ڪجھ مڙس کي سمجهيو هيو. پنهنجو تن، من، ڌن، سڀئي جوان جذبا ۽ حياتيءَ جو پَلُ پَلُ مڙس حوالي ڪيو هيو، پر هو بي وفا نڪتو!”

جاڳو اخبار ۾ڌيان طلب ڇپيو. ڪيس هليو ۽ زينت جي حق ۾ هڪ طرفو فيصلو آيو. جنهن ڏينهن هُن جي حق ۾ فيصلو آيو ته خوش نه هئي. مجبور هئي، هن ايترو چيو هو ته ”اڄ مون کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي.“

جيستائين ڪيس هليو، مون هن جي پنهنجي وت آهر مدد ڪئي. فيصلي جي ٻن هفتن بعد هوءَ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ڀاءُ سان منهنجي بيٺڪ تي آئي. منهنجو شڪريو ادا ڪرڻ بعد پڇيائين ته؛ “اوهان جي شادي ٿيل آهي؟” اهڙي سوال تي مان سوچ ۾ پئجي ويس ۽ کيس جواب ڏنو ته؛ ”جي! مان شادي شده آهيان ۽ ٻه سال ٿي چڪا آهن. پر اوهان جي اهڙي سوال ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟“

“جي واقعي اوهان جي شادي ٿيل آهي ته بس!” پوءِ زينت خاموش ٿي وئي. مون ڄاڻي ورتو ته اهڙي سوال پويان زينت جو ڪهڙو ارادو لڪل هيو! ان جي گمان کي ختم ڪرڻ لاءِ زينت کي گهر اندر وٺي وڃي، پنهنجي گهرواريءَ سان ملايو.

آگسٽ ۱۹۹۲ع جي هڪ صبح زينت جو ڀاءُ پريس ڪلب اچي نڪتو. حال احوال ڏيندي چيائين ته؛ “سائين! ادي زينت جي شادي خميس ڏينهن، جمعي جي رات ٿي رهي آهي، اوهان لاءِ تاڪيد ڪيو اٿائين ته، شادي ۾ اچو پر زال سميت.”

”زينت جي شادي ڪنهن سان ٿي رهي آهي؟“

منهنجي سوال تي زينت جي ڀاءُ ٻڌايو ته؛ “پنهنجي ذات وارو هڪ رنڙ آهي. جنهن جي زال اڳ ئي مري وئي آهي، ان سان!”

”رنڙ!؟ گهوٽ جي عمر ڪيتري آهي؟“ مون حيرت وچان پڇيو.

“چاليهن سالن کان مٿي عمر اٿس. اڳين گهر واريءَ مان اولاد نه هيس. اولاد ڪري هو ٻي شادي ڪري رهيو آهي ۽ ادي زينت جي شادي ان سان ٿي رهي آهي.”

مون شاديءَ ۾ اچڻ جي هاڪار ڪئي. هو هليو ويو. زينت جي شادي کان ٻه ڏينهن اڳ تيز برسات سبب شادي ۾ وڃي نه سگهيس ۽ منهنجو اهڙو ارادو به نه هيو! پر سانوڻيءَ جي وسڪاري ڄڻ ته مونکي بهانو بڻائي ڏنو.

وقت چوي آئون بادشاھ. سو وقت جو بادشاھ پنهنجون منزلون طئي ڪندو اڳتي وڌندو رهيو.

آڪٽوبر ۱۹۹۷ع جي شام جو، منهنجي گهر ۾ ئي، منهنجي ملاقات زينت سان ٿي. هوءَ جنهن وقت گهر آئي هئي، ان وقت مان گهر نه هيس. جنهن وقت گهر آيس ته زينت مونکي ڏسندي ئي هڪ قهر ڀري دانهن ڪئي ۽ منهنجي گهر ڀاتين جي پرواھ نه ڪندي، مونکي ڀاڪر وجهي چنبڙي پئي ۽ روئندي چيائين ته؛ ”ادا شايد منهنجي قسمت ئي خراب آهي، مونکي ٻئي مڙس به طلاق ڏئي ڇڏي آهي.”

مون زينت جا ڳوڙها اگهندي کيس آٿت ڏيندي چيو ته؛ ”طلاق ڏيڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟“

“پنج سال شادي کي ٿي ويا. ڪو به اولاد نه ٿيو، ڊاڪٽرن وٽ وياسين. مون منجھ ڪا به خرابي نه آهي. ڊاڪٽرن اولاد نه ٿيڻ جو سبب منهنجي مڙس کي ڄاڻايو. تنهن هوندي به مونکي طلاق ڏيندي الزام هنيائين ته؛ مان اولاد ڄڻڻ جي لائق ناهيان ۽ نڀاڳي آهيان، سُنڍ آهيان! ادا هڪ دفعو مان وري مري چڪي آهيان.”

منهنجي گهرواري زينت کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري، دلداري ڏني ته؛ ”ادي دل نه لاھ، الله سڀ ڏک سور دور ڪندو.“

”زينت! تنهنجو ڀاءُ ڪٿي آهي؟“ مون زينت کان پڇيو.

“ادا اهو به هاڻي ٻن ٻارن جو پيءُ ٿي ويو آهي. امان جي مري وڃڻ کانپوءِ، ڪراچي هليو ويو آهي جتي هو ٻارين ٻچين رهندو آهي ۽ مزدوري ڪندو آهي.”

”هاڻي مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي، اهو ٻڌاءِ! ڀيڻ زينت. “

“هت منهنجو هڪ الله ۾ آسرو آهي ۽ ٻيو تو ڀاءُ جو آسرو اٿم. هي ادا جي ائڊريس آهي، اوڏانهن وڃڻ گهران ٿي، مونکي ڪراچي ڇڏي اچ” زينت ائڊريس لکيل پنو، مونکي ڏيندي چيو.

”زينت هن وقت تنهنجي عمر پنجويھ ڇويھ سال آهي، ڪيترو وقت اڪيلائي ۾ گذارينديئن!؟ جوان آهين اولاد به نه ٿي اٿئي...........“

“نه ادا! مونکي ٻه دفعا موت اچي چڪو آهي. هاڻ ٽيون دفعو مرڻ نٿي گهران! بس پنهنجو پورهيو ڪري، ڀاءُ جي ٻچڙن کي تاتي نپائي وڏو ڪنديس.” منهنجو جملو ڪٽيندي، زينت پنهنجي ايندڙ وقت جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

مون بنا ڏينهن وجهڻ جي، زينت کي سندس ڀاءُ وٽ ڪراچي ڇڏي آيس.

جڏهن به ڪراچي ويندو هيس ته صرف اڌ ڪلاڪ لاءِ ڀيڻ زينت سان ملڻ ويندو هيس.

موبائل فون جو دور اچي ويو، هفتي ٻئي فون وسيلي هڪٻئي سان حال احوال ڪبا هئا. هڪ ڏينهن فون ڪندي، مبارڪ ڏيندين چيائين ته؛ “ادا منهنجي محنت ۽ پورهيو رائيگان نه ويو، مون محنت ڪري ڀائٽي کي پڙهايو، جيڪو امتحان پاس ڪري اسٽنٽ ڪمشنر ٿي ويو آهي.”

سال سوا جي عرصي بعد، زينت فون تي روئندي ٻڌايو ته؛ “منهنجو ڀائيٽو اسان سڀني کي اڪيلو ڪري، ٽي مهينا اڳ گهر ڇڏي هليو ويو آهي! ادا! هيءُ وقت به موت کان گهٽ ناهي. وري به مونکي موت مليو آهي، جنهن جي صورت ۽ شڪل ٻي آهي! ادا! هر ڀيري موت منهنجي مقدر ۾ ڇو آهي؟ مونکي اصلي موت ڇو ڪو نه ٿو اچي!؟ جيڪو مون کي هنن ڏکن منجهان آجو “ڪري!”

”دل وڏي ڪر ڀيڻ! ڏکن جي رات کُٽڻ تي آهي. صبح ضرور ٿيڻو آهي. پر ڇو؟ اوهان کي، اوهان جو ڀائيٽو ڇڏي ويو آهي؟ مون کي حيرت لڳي.

“هن کي غير سنڌين سڱ ڏئي پنهنجو ڪري، اسان کان جدا ڪري ڇڏيو! ادا اسان وري اڪيلا ٿي ويا آھيون. گهر کائڻ ٿو اچي! بس هاڻي ڳوٺ موٽي پنهنجي ڪچي گهر ۾ رهنداسين!”

زينت وارا پنهنجي ڳوٺ ته موٽي آيا پر هنن جو روح ڄڻ سندن جسمن ۾ نه هيو. هو جِي رهيا هيا، ان اميد ۽ آس سان ته من هنن جو مونڀي گهر ڀاتي، اسٽنٽ ڪمشنر موٽي اچي ۽ اڱڻ وري آباد ٿئي!

پر ڌارئي جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل شڪار ڪٿي ٿو موٽ کائي!!!

“ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئي جا نه ٿيا.”

۽ اڄ پرھ ڦٽيءَ مهل فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. فون اٽينڊ ڪيم. پريان آواز آيو؛ ”ادا پنهنجي ڀيڻ زينت، الله کي پياري ٿي وئي!!”

هڪ سڏڪو هڪ آھ ۽ فون بند ٿي وئي.... !!

مون سندس چوٿين موت کي، ”مُڪتي“ سمجهي، سندس نرڙ تي چمي ڏني ۽ آلين اکين سان کيس مٽيءَ جي زينت بڻائي، ابدي امڙ جي جهوليءَ حوالي ڪري آيس.

 

(جبار آزاد منگي جي فيسبڪ وال تان ۴ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment