Sunday, August 9, 2020

فلسفو ۰ غفار سومرو

فلسفو

ڪھاڻي

غفار سومرو


اڄڪلھ آھي الاءِ ڇا! ڪجھ به ته نٿو وڻي. سڪون، آرام، نالي ڪاڻ وڃي رهيو آھي. هينئون هڪ جاءِ ڪونهي. ڪنهن مهل هيئن ته ڪنهن مهل هونئن. ذهن به ڊم فل ڊم فل پيو ٿئي. يعني ٻري اجهي پيو. خيالن جو هڪ ولر، من پڌر تي، پکين جيان اچي لهي ئي  مس ٿو ته وري ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ٿو وڃي. پاڻ رڳو پرن جو ڦڙڪو محسوس ڪريون ٿا، باقي ڪجھ ئي ڪو نه. ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آھن، گهر ويٺو آھيان. ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ ٺپ بند آھي. يارن دوستن، مٽن مائٽن جو اچڻ وڃڻ، يا وٽن پنهنجو وڃڻ، قرب ڪچهري ڪرڻ به يا نصيب ٿي ويو آھي. روح ئي نه ٿو ٿئي ٻاهر نڪرڻ تي. ماڻھوءَ-ڏٺي به ڏينهن ٿي ويا آھن. اها ٻي ڳالھ آھي ته ان ۾ ماڻھن جو قصور ته آھي ئي ڪو نه. هي ڪورونا، قادر شل! سڀني کي بچائي، آدم بيزار ڪري ڇڏيو آھيس. نه گهر ٿو وڻي نه ٻاهر. ماڻهو، ماڻھوءَ کان ائين ٿو ڀڄي جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان. ڀاڪر ڀري ملڻ ته خواب ٿي ويو. هٿ ڏيڻ به بند آھي، وڏي ڳالھ آھي نه!


 بيماري ناهي ڪا جنڙي آ، جيڪا ڪنهن کي ڪنهن سان جائز تعلق رکڻ به نه ٿي سهي. مان به ڏينهن رات گهر ۾ ڄڻ اونڌي منجي ڪيون پيون آھيان. اسڪول بند، شھر بند، ڳوٺ بند. بس ڳوٺ ۾ وري اهو فائدو آھي ته پوليس ڪو نه ٿي اچي ۽ نه ئي ڏسي ٿي. ٻڌو آ شھر ۾ ته لٺ لڳي پئي آ.

مان مڙيئي صبح شام ڪجھ گهڙين لاءِ. گهر کان نڪري ويندو آھيان. ٽنگون ساهي، ٽرڙو چڪر ڏيئي واپس ورڻ جي ڪندو آھيان. ٻاهر نڪري به اهو احتياط ڪبو آھي ته من ڪو ماڻهو منهن نه پئي. تنهنڪري عام رستي کي ڇڏي، اوجهڙ وارو پاسو وٺندو آھيان. جيئن، نه ڪوئي ملي نه ئي هٿ ڏيڻو پئي. اڄ به صبح واري چانھ پي، مون به پير گهر کان ٻاهر ڪڍيا. عام رستي تي اچي پريان ڪجھ ڳوٺاڻن کي ايندي ڏسي، لهي پيس ڪڻڪ جي ناڙ ۾. لاب ٿي چڪا هئا، هارين نارين ان ڪڻا وڃي گهرن ۾ موجود مٽي جي گندين ۾ هٿيڪا ڪيا هئا ته زميندارن وڃي گودامن جا ڀڀ ڀريا هئا. آ ناڙِ لتاڙيندو، کليل فضا جو مزو وٺندو، اچي ٻني تي چڙھيس.

پريان ڪجھ ڳوٺاڻيون عورتون مٿي تي وونئڻاٺين جون ڀريون مٿي تي کنيو، قطار ۾ پئي آيون. مان کڻي هيٺ لهڻ جي ڪئي. ڪڻڪ جي پيلن، سڪل سنڍن تي پير رکڻ سان ٽڙڪاٽ جي آواز جي رڌم تي اڳتي وڌندو ٿي ويس. پنهنجيءَ ٻني ۾ رکيل بھ جي ڌھڙي جي ويجهو پهتس ته ڏٺم، ڳوٺ وارن جون ٻه ٽي مينهون بھ کي ٻرا ڏنيون پئي ويون. مال آھريندڙ ڇوڪرا، ڪجھ پرڀرو، ڪچي رستي تي ڪرڪيٽ بيٺي کيڏيا. هڪل ڪئيمان پر ڇوڪرن ڪن ئي ڪو نه ڏنو. نيٺ ڀتر هڻي مينهن کي بھ کان ڀڄاييم. سوچيم؛ پنهنجي ڪلي تي ته ٻٽي ٻڪري به ٻڌل ڪونهي. سڀاڻي بھ وڪڻي جان ڇڏايان. ٻه ٽي رپيا ٿي پوندا. ور نه ته ويندو پرايو مال چري چٽ ڪري. پڪو ٺھراءُ ڪري، اڳتي وڌي ويس. اڳيان صاف ٻنو ڏسي، ناڙ ڇڏي، ٻني تي چڙھي پيس. ڳچ پنڌ ڇڪي آيس. گهڻي وقت کان پنڌ نه ڪرڻ ۽ سگريٽن جي سوٽن ڀرڻ جي ڪري ڪجھ مڙيئي ٿڪوڙو به ٿيڻ لڳو ته سهڪڻي به شروع ٿي ويئي. ويجهو ئي ٻٻر جو وڻ ڏسي، ڇانءَ جو آسرو ڪري ڪجھ دير ساهي کڻي، واپس ورڻ جو سوچي ٻنو ڇڏي لهي پيس وري ناڙ ۾. ٻٻر هيٺان اچي بيٺس، وڻ جي ڇانوري جي ڪري فرحت محسوس ٿيڻ لڳي. پگهرڙو سڪڻ لڳو، صاف جڳھ ڏسڻ لڳس، جتي جهٽ گهڙي ويهي ساهي ڪجي. نظر ڦيرائي ڏٺم، ڇا ٿو ڏسان؛ سامهون هڪ عدد ڪهاڻي پئي هئي. ويچار وڪوڙي ويم، ڪهاڻي جو کر پير لهڻ لاءِ ويجهو وڃي غور سان ڏسڻ لڳس. سامهون لتاڙيل ناڙ مٿان، شراب جو خالي آڌيو، ڀڳل گلاس ۽ ٻه چار استعمال شده ڦوڪڻا، وارن واري پوني ۽ کوڙ سارا سگريٽن جا ٽوٽا پيا هئا. ساڻ ئي ڪاري رنگ جي شاپر ۽ سڻڀا اخباري ڪاغذ ويڙھيا سيڙھيا پيل هئا. ڪهاڻي ته  سموري، پڙھي به ورتي ته سمجھي به ويس. پر اهو سو سمجھ ۾ ڪو نه پئي آيو ته هن ڪهاڻي جا مکيه ڪردار ڪهڙا آھن!!

ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جو پيرو کڻڻ کان پهرين، ھڪ ٻي ڪهاڻي ٻڌائيندو هلان ته، شايد اڳئين سال يا ان کان اڳئين سال، هن ئي موسم ۾، بجلي بند هجڻ سبب سولر وارو پکو هلائي گنجي ۽ گوڏ ۾، گهر اندر ستو پيو هوس. رات جو تقريبن ڏھين يارهين جي وچ ڌاري موبائل جي رنگ وڄڻ لڳي. اسڪرين تي نمبر ۽ نالو ڏسي ڪال اٽينڊ ڪيم. پريان ڳوٺ جو هڪ دوست ڳالھائي پيو. چوڻ لڳو؛ ”يار! ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل، ٿوري برف ۽ گلاس پهچائي ڏي.” ۽ جڳھ به ٻڌايائين ته ڪٿي پهچان. سمجھي ته مان به سڀ ڪجھ ويس ته همراه اڄ رات شڪار تي آھي. ڇو ته هو خاصو مشھور هو، اهڙن ڪمن لاءِ. توڙي جو پاڻ کي رب سائين پيئڻ کائڻ کان بچايو هو پر دوستيءَ جي رشتي ماري رکيو هو. ور نه ته پاڻ اهڙن ڦڏن ۾ هٿ وجهون ئي ڪو نه. هڪڙو ٻيو به سبب هو، انهن ڏينهن ۾ مون تازو تازو حميد ڪاشميري جو ڪتاب “اس بازار ۾” پڙھيو هو. جنهن ۾ هن صاحب بازار حسن جي حسينائن کان انٽرويو ڪيا هئا. تڏھن مان به ڪهاڻيون لکڻ شروع ٿيو هوس. مون کي به شوق ٿيو ته؛ مان به اهڙو ئي هڪ اڌ انٽرويو ڪريان. سو سيرانديءَ کان رکيل قميص ڳچيءَ مان ٽپائي، فرج مان برف جو ٽڪرو، ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل ۽ گلاس کڻي ڏنل پارن پتن تي، رات جي انڌيري ۾ به، کين ڳولهي وڃي لڌم. ٻه مرد، هڪ عورت. آمهون سامهون پلٿي ماريو ويٺا هئا. عورت جي هنج ۾ ننڍڙو کير پياڪ ٻار، جيڪو تنهن وقت به ماءُ جي ڇاتيءَ سان چنبڙي کير پي رهيو هو. کين پاڻي ڏيئي، موبائل جي ٽارچ ٻاري مائيءَ جي شڪل ڏسي لائٽ بند ڪري، ساڻن گڏ پٽ تي ويهي رهيس. مائي ڪا خاص سهڻي ڪو نه هئي. باقي ٻارڙو خوبصورت ڳاڙھو ڳٽول لڳو پيو هو. مون کي ڳالھ صفا وارو ڪو نه ڏنو. واپس ورڻ چاهيم پر دوست زور ڪري ويهاري ڇڏيو. هو به سمجھي ويو ته مان ناراض ٿيو آھيان. گلاس ٺاهي ڏنائين. چيم؛ ”خبر اٿئي! ته پاڻ ڪڏھن پيتو ناهي.” مون هن کان گلاس ڪو نه ورتو.

ٻئي همراه چيو؛ “وٺ يار ڇا آهي؟”

چيم؛ “بلڪل به نه!”

“ڀلا ماني ته کاءُ!” پهرئين دوست شاپر کولي اڳيان رکي. جنهن ۾ هوٽل تان ورتل اخباري پني ۾ ويڙھيل ماني، گوشت جي ڀاڄي ۽ سلاد پيل هو. مون سلاد مان ٻه ٽڪڙا کڻي وات ۾ وڌا. هو ٽيئي واري واري سان پيئندا رهيا. مون ڏٺو ته عورت پيئڻ جي شوقين ڪو نه پئي لڳي، پر هنن جي زور ڀرڻ تي ويٺي ننڍڙا ڍڪ ڀريائين. رات جي پهر ۾ ڏکڻ جي هوا ته چڱي پئي لڳي پر مڙيئي ڪجھ مڇر چڪ هڻن پيا. مان اٿڻ جي ڪئي ته دوست کڻي گوڏ ۾ هٿ وڌو چيائين؛ ”ائين ڪيئن ويندين!” وري عورت کي چيائين؛ “اٿ! هن سان وڃ.”

عورت، کير ڌائيندڙ ٻار جي وات مان ٿڃ ڇڏائي، ٻار هن جي حوالي ڪري اٿي بيٺي.

مون هڪدم چيو؛ “يار مان اهو ڪم، ڪو نه ڪندس.” هن کي به چيم؛ “تون ويهي رھ.”

هاڻي دوست کي ٻه گلاس لڳي چڪا هئا. هو موج مستي ۾ اچي چڪو هو. حڪم، واري انداز ۾ چيائين؛ “هڪ ڀيرو لازمي وڃڻو پوندئي.” وري مائي کي گار ڏيندي چيائين؛ “تون ڇا ٿي ڏسين! وٺينس ٻانهن کان، اڄ منهنجي دوست کي خوش ڪر، وڃ جلدي ڪر!”

مائي منهنجي چنبي ۾ هٿ وڌو، مون به سوچيو هو هاڻي ڇڏيندو ڪو نه، ڪندو خوار. ماٺ ڪري مائي سان گڏجي هنن کان ڪجھ وٿيرڪو وڃي هڪ ٻني تي ويٺس. عورت به ڀر ۾ ويهندي ئي پنهنجي سلوار ۾ ھٿ وڌو. مون ڊڄندي هن جا هٿ پڪڙي ورتا. چيم؛ “ڳالھ ٻڌ! مان اهو ڪم قطعي ڪو نه ڪندس، تون تڪليف نه ڪر!”

ڪجھ ناراضگي، ڪجھ حيرت مان چيائين؛ “پوءِ آيو ڇا لاءِ آهين؟”

 مون چيو؛ “مون کي ايترو ٻڌاءِ، هن اونداهي رات، گرمي ۽ مڇرن جي آزار ۾، ننڍڙي معصوم ٻار کي ساڻ کڻي  شھر کان هن اوجهڙ ۾ ڇو آئي آھين؟”

هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري چوڻ لڳي؛ “خوشيءَ کان ته ڪو نه آئي آھيان؟”

مون کي حيرت سان گڏ خوف ورائي ويو. سوچيم؛ ڪٿي هي چنڊا هن کي زوري کنڀي کڻي ته ڪو نه آيا آھن. جلديءَ مان پڇيومانس؛ “ڇا مطلب؟”

عورت ڪنڌ جهڪائي، ٿڌو ساھ کڻي، روئڻھارڪي لهجي ۾ وراڻيو؛ “جن زالن جا مڙس، سست، بيڪار، آرام پسند ۽ عياش، هوندا ته پوءِ سندن زالون پيٽ پالڻ لاءِ اهڙا ئي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿينديون آهن.”

عورت جو انوکو فلسفو ٻڌي، حيران رهجي ويس. ذھن ۾ اهو نظارو گهمڻ لڳو، جڏھن مون واري دوست جي جوان ڀيڻ، مون کي ڏسي جوار جي فصل مان، زميندار جي ڀاڪرن مان پاڻ ڇڏائي، سلوار جا ور ٺاهيندي، گاھ جي ڀري کڻي، ٿڪل ٿڪل قدمن سان گهر رواني ٿي وئي هئي!!

No comments:

Post a Comment