Thursday, August 6, 2020

عقل ۾ اڌورو

عقل ۾ اڌورو

ننڍڙي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي


نُوروءَ جو مُنھن لٿل ڏسي، پروءَ پڇيس؛ ”خير ته آھي، پنا ڏئي لھي پيو آھين! طبيعت صحيح نه آھي ڇا؟“

”نه پَرُو! چون ٿا ڏينھن ٻن ۾ وڏا مينھن پوڻا آھن. ان ڪري سوچيان پيو ته ڇا ٿيندو؟“ نوروءَ وراڻيو.

پروءَ چيو ”ھا... تو ٻڌو سؤ کان سؤ ٽيھ ملي ميٽر برسات وسندي، ان ڪري اچي ڳڻتين ورايو اٿيئي... خبر به اٿئي ته اھو مينھن ڪيترو ٿيو؟ منھنجو مطلب آھي ته وسيو ته زمين تي ڪيترو پاڻي بيھندو؟ مُرئي برابر، بُڪيءَ تائين، گوڏي جيڏو، چيلھه جيترو، يا ڪُلھي گس ٿي ھلندو يا مُڙس تار ھوندو؟ ڪيترو ٿيندو؟“


پروءَ جو بي خوف جواب ٻڌي، نوروءَ ۾ ڪجهه ساھه پيو. جواب ڏنائين؛ ”يار پرو، آئون اڻ پڙھيو سؤ ۽ سؤ ٽيھ ٻڌي ڊڄي ويس.“

پروءَ چيس؛ ”بخار ٿيندو آھي! ڊاڪٽرن وٽ وڃبو آھي!؟! تپاسي چوندا آھن سؤ ڊگري بخار آھي. روز ٻه سيون لڳنديون. ست ڏينھن اچڻو پوندو... تون ٻُڌاءِ، اھو ڪيترو بخار ھوندو آھي؟“

ان سوال جو جواب، نوروءَ ڪجهه وڌيڪ اطمينان سان ڏيندي چيو؛ ”اھو بخار اسان کي ته محسوس ئي نه ٿيندو آھي. ڊاڪٽر ٻڌائي ڊيڄاريندا آھن.“

”ھاڻي آئين نه پيرن تي! ھي جيڪو وڏو مينھن پيو اچي، اھو جيڪڏھن ڏيڍ سؤ ملي ميٽر به پيو، ته به،“ پروءَ ساڄي ھٿ جي مُٺ ٺاھي، آڱوٺو اُڀو ڪري، مٺ کي زمين تي رکي، آڱوٺي جي چوٽيءَ تي کاٻي ھٿ جي ڏسڻي آڱر رکي سمجھائيندي چيس؛ ”ايترو مينھن وسندو. ان کان ٻيڻو ٽيڻو پاڻي تون فصل کي ھر واري تي ڏيندو آھين.“

نوروءَ کي پروءَ جي ڳالھه جڏھن مغز ۾ ويٺي ته چوڻ لڳو؛ ”اڻ پڙھيو ماڻھو، عقل ۾ اڌورو!“

1 comment:

  1. سٺي ڪاوش

    عبدالرحمان پيرزادو

    ReplyDelete