Thursday, August 6, 2020

پيراڍُو - دريا خان شنباڻي

پيراڍُو

ننڍڙي ڪھاڻي

دريا خان شنباڻي



ڪاڪو نازڻ مشھور ۽ معروف پيراڍو..... ڪنهن به واردات جا پيرا ڪاڪي نازڻ کنيا ته چور جو ساھ مُٺ ۾ اچي وڃي. عمر پنجونجاھ سال پر پاڻ ڄڻ چاليهن جي پيٽي ۾ هجي. مُٺ تي سگريٽ پيئي. اکيون وڏيون پر ڄڻ رت-ڳاڙھيون. ڳاڙھي ٽوپي مٿي تي، ڪجھ پاسيري رکيل. ۽ ٽوپيءَ جون ڪناريون ڌوپجڻ کان پوءِ به ميريون. اڇا ڪپڙا ۽ ڪلهي تي پوتڙو. مُڙس اڙٻنگ، جو جيڪڏھن ڪنهن جهيڙي جهٽي ۾ لهي لٺ وھائي ته ڏھن پندرهن مڙسن کي ڍيري ڪري ڇڏي. پر جھيڙن جهٽن کان اصل پري. سندس گهر ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي پرڀرو. ۽ گهر جي چوڌاري ٻن مڙسن جي قد جيترو لوڙھو ڏنل. پنهنجي مال متاع ۽ کير مکڻ وارو. ٻه اڍائي کن جريب زمين. گهر ۾ ڪُل ٻه ماڻھو. سندس گهرواريءَ کي گذارئي اٺ نو سال ٿيا آھن. پٽ جي اولاد کان محروم. ٽي ڌيئرون جن مان ٻن جي شادي ٿي وئي، باقي هڪ ڌيءُ به جوان ۽ گهر سنڀالڻ واري.... جيڪڏھن ويٺي کائي ته به ڪو حرج نه هوندو. پر چوٿين پنجين ڏينهن ڪو نه ڪو هن کي ڪنهن واردات جي پيراڍو ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي ۽ اتان ھزار پندرهن سئو به کنيو اچي. هروڀرو چور جو نالو به نه کڻبو پر چور سان ياري اصل نه رکبي. گھڻو زور ڀرڻ تي به ڪنهن ننڍيري کي ته نه پر وڏيري وڙي کي چور جا پار پتا سُود ڏئي، ڳالھ ڳجهارت ۾ ڇڏي اچي، پوتڙو ڇنڊي گهر پهچبو.


اڄ صبح جي وقت، جڏھن سج ڏيڍ ٻه ڪانا مٿي چڙھي آيو ته جاڳيو ۽ کٽ تان اٿي گهر کان ٻاهر نڪري، نم جي وڻ مان ڏندڻ پٽي، ٿورو گهر ٻاهران پسار ڪرڻ لاءِ نڪري پيو. هلندي هلندي، گهر جي اولهائين پاسي کان لوڙھي جي ڪنڊ تان تازا پيرن جا نشان نظر آيس. ڪجھ گھڙيون ته پريشان ٿيو پر پاڻ سنڀاليائين ۽ پيرن جي نشانن سان گڏ هلڻ چاهيائين پر هن ڪجھ ٻيو سوچيو ۽ تڪڙو تڪڙو گهر وريو ۽ سڀ کان پهريان مال جي لانڍيءَ ۾ داخل ٿيو ته ڏٺائين سندس ڌيءُ مال کي گاھ ملي ڏئي رهي هئي. مال به سهي سلامت ۽ پوءِ گهر جا ٻئي ڪمرا هڪ هڪ ڪندو ڏسندو ويو. ۽ اتي به پيتين کي تالا لڳل. گهر جي سڀني اوسن پاسن تي نظر ڦيرايائين پر هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي موجود. هو اچي ساڳي کٽ تي ويهي رهيو، جنهن کٽ تان ٿوري دير اڳ اٿيو هيو. پر هن کي ويھڻ نه آيو ۽ ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ٻيهر ٻاهر نڪتو ۽ اچي پيرن جا نشان جانچڻ لڳو ۽ اهي پيرا جتي وڃي رهيا هيا، اوڏانهن وڌڻ لڳو. هلندي هلندي پيرن جا نشان اتي وڃي بيهي رهيا، جتي لوڙھي ۾ ٻٻر جو وڻ هيو ۽ غور ڪيائين ته ٻٻر جي ٻيلنگھ وٽان، سندس گهر جو سمورو اڱڻ ظاهر هيو ۽ کٽون هن کان ڇهن ستن فوٽن تي رکيل هيون ۽ ان وقت سندس ڌيءَ هنڌ ويڙھي رهي هئي. هو پيرن جا نشان وڌيڪ توجھ سان ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ ڪنڌ ڌوڻي “هون” چئي گهر ڏانهن واپس وريو. گهر اچي تڙ تڪڙ ۾ وهنجي ڪپڙا لٽا پائي. چانھ جو پيالو نوش ڪري، ڳوٺ ڏانهن نڪتو ۽ سڌو وڏيري وٽ پهتو. وڏيري سان حالي احوالي ٿيندي، سموري حقيقت بيان ڪيائين ته وڏيري هن کان اهو پڇيو ته کيس ڪنهن تي شڪ آھي.

“مبن” هن نالو کنيو.

“خالقني وارو مبن.” وڏيري چيو.

“جي ها!”

“ڇوڪرو ته صفا شريف آھي.” وڏيري چيو ۽ پوءِ ڪجھ سوڇيندي چيائين؛ “آخر نيت ڪهڙيءَ سان آيو؟”

ڪاڪو نازڻ ڪجھ به نه ڪڇيو.

“ٺيڪ آھي. پر جيئن تنهنجو حڪم هجي!” وڏيري چيس.

“مان ته اوهان وٽ آيو آھيان، جيئن اوهان ڪيو!”

“چئو ته خالقني کي هينئر گهرايان؟!” وڏيري چيو.

“مان هلان ٿو. پوءِ شام اوهان ڀلي گهرائجوس.” ائين چئي، ڪاڪو نازڻ گهر طرف روانو ٿيو.

شام جو خالقنو، وڏيري وٽ حاضر ٿيو ۽ وڏيري سربستي ڳالھ ٻڌايس ته خالقنو ست ست قرآن کنيو وڃي ته وڏيرا منهنجو پٽ نه مال چور نه....... ايترو چئي، اڳتي ڪڇي نه سگهي.

“پيرا ته تنهنجي پٽ جا آھن. جيڪڏھن چوريءَ جي ارادي نه ويو ته پوءِ ويو ڇو. ڪجھ ته آھي خالقنا. هن جي گهر ۾ جوان ڌيءُ به آھي!”

خالقنو ويچارو پريشان ٿي ويو ۽ اهو چئي اٿيو ته؛ “سرڪار ڀلا جيئن اوهان چئو؟!”

“هاڻي هيئن ڪر. پهريان پنهنجي پٽ کان پڇ. جيڪڏهن هو واقعي ويو به آھي ته پوءِ يا ته لڳندئي ڏنڊ ڏوھ يا پوءِ قرآن ۽ نياڻيون ميڙ وٺي وڃڻو پوندئي.”

خالقني ڪنڌ هيٺ ڪيو ته وڏيري چيس؛ “۽ صبح پنهنجي پٽ کي هتي وٺي اچجانءِ!”

خالقنو هليو ويو.

هر جاء تي اڻ تڻ ۽ بيقراري. هڪڙي پاسي کان ڪاڪو نازڻ پريشان ته ٻئي پاسي کان خالقنو به پريشان جو پٽ چيس ته هو واقعي به ويو هيو. پر ڪهڙي مقصد تحت ويو اها ڳالھ اصل نه ٻڌايائين.

صبح جو سوير خالقنو پنهنجي پٽ سميت، وڏيري وٽ پهتو ۽ وڏيرو مبن کي ٻاهر وٺي ويو ۽ حال احوال ورتائين. هن سڄي ڳالھ ٻڌائي. ۽ وڏيري خالقني ۽ سندس پٽ کي اهو چئي گهر موڪليو ته اڄ ڪاڪو نازڻ به ايندو. ان کان پوء ڪا صلاح ڪنداسين.

هنن جي وڃڻ کان پوءِ ڪلاڪ ڏيڍ ۾ ڪاڪو نازڻ به آيو ۽ وڏيري کيس ٻڌايو ته تو واري ڳالھ سچ ثابت ٿي، جو مبن ئي اهو ڪم ڪيو.

“پر اوهان هن کان پڇيو ته هو ڇو آيو ۽ منهنجي گهر پنهنجن پيرن جا نشان آخر ڇا لاءِ ڏنائين.”

وڏيري گهڻو ئي نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪاڪو نازڻ ضد ڪري بيهجي ويو ۽ چئي “مان ايف آء آر ٿو ڪرايان. يا مان هن تي اهڙو ٽڪو لائيندس جو سڄي عمر نه ڌوپجي سگهندا. وڏيرا! مون پيراڍوءَ جي گهر ۾ پير رکيا اٿئين. ائين سولو ٿوروئي ڇڏيندس.”

“ڪاڪا نازڻ” وڏيري هن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪرڻ لاءِ ٿورو کهرو ٿيندي سڏيو ۽ چيائينس؛ “ايترو به تڪڙو نه ٿيءُ. ڇورو به حوصلي ۾ صفا نه هيو ۽ ٻڌايائين پئي ته تنهنجي ڌيءُ هڪ دفعي هنن جي گهر آئي ۽ هن جي ماءُ کي روئيندي الائجي ڪهڙيون ابتيون سبتون ڳالهيون ڪيائين.”

“ڪهڙيون ابتيون سبتيون ڳالهيون؟” ڪاڪي نازڻ چيو.

ڇورو چوي پيو ته؛ “مان نازڻ جا پنهنجا پير ليڪڻ ويو هيس، جيڪي ڌيڻس جي کٽ تائين چٽا پيا هئا.” ڪاڪي نازڻ اها ڳالھ ٻڌي ته سندس ٺپ ئي ٺري ويا.

ائين ڄڻ وقت رڪجي ويو ۽ ڪاڪو نازڻ موڙي تان ٻه دفعا اٿڻ جي ڪوشش ڪئي. اٿي نه سگهيو آخر ٽئين دفعي اٿي وڏيري جي اوطاق مان ائين آھستي آھستي نڪرڻ لڳو ڄڻ سندس چيلھ ڀڳل هجي.

1 comment:

  1. دريا خان شنباڻي جي ڪهاڻي "پيراڍو" بابت رايا
    رحمت الله ماڃوٺي: سنڌ جي هيل تائين لکيل ڀلين ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي, ڪهاڻيء جي گرفت به ڪمال جي آھي. ڊگهي وقت کان پوء هڪ نج سنڌي ڪهاڻي پڙھي ڄڻ نسيم کرل ۽ جمال ابڙو ويا ئي ناهن.
    ڊاڪٽر مشتاق ڦل: خطرناڪ ڪلائميڪس سان ڪهاڻي لکيل آھي ۽ مون کي پڻ هڪ سچو واقعو ياد اچي ويو.
    مٺل جسڪاڻي: بهترين ڪهاڻي, ڪلائميڪس سان ڀرپور, پڄاڻي به اهڙي جو پڙھندڙ جي مرضي, شاندار ۽ مثالي ڪهاڻي.
    منير پنهيار: هن ڪهاڻيء جو انداز ئي نرالو آھي, پر مان چوندس ته هيء ڪهاڻي ڪهاڻين جي سفر جي غير روايتي ڪهاڻي ثابت ٿيندي ۽ اهو ئي رنگ ڍنگ ڪهاڻيڪار کي منفرد ڪري بيهاريندو جيڪڏھن ائين ئي ڪهاڻيون لکيون ويون ته. بيحد جاندار, پر اثر ۽ ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي آھي جنهن ۾ ڪابه لفاظي ناهي.
    عبدالسلام ٿهيم: نج ٻوليء سان اڻيل ملوڪ ڪهاڻي.
    سيما چانڊيو: بهترين ڪهاڻي, بلڪل اهڙي ڏيک ڏيکاءُ جنهن ۾ بظاهر معتبر ماڻھن جي اندر ۾ راڪاس رهن ٿا. ڀلوڙ ڪلائميڪس سان سرجيل ڪهاڻي.
    غلام مرتضي' خان: هيء ڪهاڻي پڙھي سعادت حسن منٽوء جي ياد اچي وئي ۽ ساڳي جهلڪ.
    زاهد علي ڀٽو: هيء ڪهاڻي هڪ لاجواب ۽ پڙھندڙ جي سوچ کان تمام مختلف ۽ منفرد ڪهاڻي آھي, ڇو ته عام پڙھندڙ جي ذھن ۾ پيراڍو ئي سڀني جي لاک لاهيندو آھي پر هن ڪهاڻيء ۾ ابتو هڪ نوجوان پيراڍو جا پيرا جاچي لاک لاهي ٿو ڇڏي. شاندار ڪلائميڪس پڙھڻ سان ئي پڙھندڙ جا لڱ ئي ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ اهو ئي هڪ ڪهاڻيڪار جو ڪمال هوندو آھي جو پڙھندڙ کي ڪهاڻي جي گهرائي ۾ مصروف رکي ٿو.
    ممتاز ساقي: ڪمال جي ڪلائميڪس سان انتهائي نڀار ڪهاڻي لکي وئي آھي.
    اصغر موساڻي: سنڌي ادب جي بهترين ڪهاڻين ۾ ڳڻپ جهڙي ڪهاڻي. وڏي ادبي وٿيء کان پوء اهڙي قسم جي ڪهاڻي پڙھڻ لاء ملي آھي.
    مختيار چنو: اڄ ته هيء ڪهاڻي لکي ڪمال ڪري ڇڏيئي, پيراڍو کي پير لڀڻ ئي ڪونه ڏنئي.
    سائل مهراڻ: تمام بهترين ڪهاڻي ۽ ڪلائميڪس به بهترين آھي.

    ReplyDelete