Friday, August 21, 2020

جوڳڻ سان جيءُ

جوڳڻ سان جيءُ

چندر سکاڻي


وسڪاري جي جوڀن ڀري مند جي صبح جو ڪٿان مورن جا ٽهوڪا اچي رهيا هئا، ڪٿان چڙن جي آواز سان گڏ ڌنارن جا مال هڪلڻ جا مخصوص آواز ”ها ها، هو هو“ پئي آيا، هارين وري پنهنجي وهٽن کي پلاڻي ٻنين جو رُخ رکيو هو. آئون چانهہ جو ڍڪ ڀري پنهنجي دوست امرت جي دڪان تي اچي ويٺس تہ ڪن ۾ هلڪو سور محسوس ڪيم.

امرت کان ماچيس گهري، انهي مان تيلي ڪڍي ڪن ۾ گهمائڻ لڳيس.

امرت دڪان تي آيل گراهڪن کان فارغ ٿيو تہ ڪن ۾ تيلي ڦيريندي چيم؛ ”يار ڪن ۾ سور پئجي ويو آهي.“

”اڳي ڪڏهن سور پيو آهي، يا هينئر پيو آهي؟“ امرت آيل ننڍڙي ٻار کي شيءِ ڏيندي چيو.




”يار مهينو ٿيو آهي“ مون تيلي کي نهاريندي چيو.

”اڇا!.. ڪو دوا درمل ڪيو اٿئي يا نہ؟“ امرت ٻارڙي کان فارغ ٿي ويهندي چيو.

”ها يار ڊاڪٽر کي ڏيکاريو هو، پر سور ۾ ڪو فرق نہ پيو.“ امرت ڏانهن ڏسندي چيم.

”پڪ ڪن ۾ ڪو جيت هوندو. جوڳي آيل آهن. ڪا جوڳياڻي اچي تہ هن کي ڏيکار.“ امرت صلاح ڏيندي چيو.

”يار تون نہ عجيب ٿو ڳالهيون ڪرين. جوڳين کان ٿا ڪن صاف ٿين. هي جوڳياڻيون ڪو ڪچرو ڪن ۾ وجهي خراب ڪنديون.“ مون امرت جي صلاح کي نظر انداز ڪندي چيو.

تہ امرت ڪجهہ دليل ڏئي مونکي نيٺ مطئمن ڪيو تہ مان بہ راضي ٿي ويس.

ٿوري ئي دير گذري تہ پريان ٻہ نوجوان جوڳياڻيون اچي رهيون ھيون. ٻنهي مان هڪ جي حسن منهنجا هوش خطا ڪري ڇڏيا، هئي تہ جوڳياڻي پر حسن ۾ چوڏينهن جي چنڊ کان بہ وڌيڪ هئي. هن جون گول اکيون، گلابي چهرو، نشيلا نيڻ، ڪنن ۾ عام جوڳين جي ابتڙ سنهڙيون واليون. نڪ ۾ هيري جو ڪوڪو ٻانهن ۾ سائو ديسي چوڙو پيل. اچي اسان جي ڀرسان بيٺيون. ٻيءَ جوڳياڻيءَ صدا هنئي تہ؛ ”ڀڳوان جي نالي خيريات ڏيو!“

امرت هنن ڏانهن ڏسندي پڇيو؛ ”ڪن ۾ جيت آهي، اوهان مان ڪير ڪڍي سگهي ٿي!“

”نہ نہ اسين ائين ئي گهمڻ آيون آهيون!“ ٻيءَ جوڳڻ چيو.

”ها ها مان ڪڍان ٿي!“ حسين جوڳياڻي هلڪي آواز ۾ چيو؛ ”ڪنهن جي ڪنن ۾ آهن؟“

”منهنجي!“ مون، هن ڏانهن ڏسندي چيو.

”تہ اچ!“ هن پنهنجي جهولي مان هڪ بال پين جي نلي ڪڍندي چيو.

”ڪٿي ويهان؟“ مون حسينا ڏانهن ڏسندي چيو.

”هن جي گود ۾ سمهي رها“ ٻيءَ جوڳياڻيءَ ڪاوڙ ڪندي، تکي لهجي ۾ چيو تہ هن حسينا جي منهن تي ڀني جي صبح جهڙي مرڪ تري آئي.

هن منهنجي ڪن ۾ نالي وجهي، ڪجهہ ڦوڪون ڏئي گند ڪڍيو، پر ڪيڙا نہ هئا. ان ڏينهن مونکي جوڳين تي اعتبار ٿي ويو تہ هي سچ ۾ محنت سان ڪنن ۾ گند ڪچرو ۽ جيت جڻا ڪڍن ٿا. هن کي انهي محنت جي ڪري کيسي مان پنجاهہ روپيہ ڪڍي ڏنم ۽ هو وٺي رواني ٿي.

”جوڳياڻي ٿي ڪري، ڪيڏي نہ خوبصورت آهي!؟“ امرت کي چيم.

”تنهنجا آثار خراب ٿا ڏسجن، رلي ويندين پٽ!“ امرت کلندي چيو.

”يار اهڙي ڪا ڳالهہ ناهي!“ مون وضاحت ڏيندي چيو؛ ”باقي خوبصورت شيءِ جي تعريف ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي.“

”ڀلين صفايون ادل، پر جوڳي نہ ڪنهن جا مٽ. اڄ هتي آهن، سڀاڻ وري وڃي ٻيا پٽ وسائيندا. تون رلي ويندين!“ امرت منهنجي وضاحت کي نظر انداز ڪندي چيو.

”يار! مون چيو نہ؛ اهڙي ڪا ڳالهہ ناهي!“ مون وري وضاحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي تہ امرت کلندي چيو؛ ”پوليس کي سڀ خبر آ!“

آئون خاموش ٿي ويس. پر بيچيني وڌي وئي. سوچيم؛ ”جوڳياڻين پويان وڃان! ڪنهن گهر ۾ ضرور خيريات وٺي رهيون هونديون.“ پوءِ ارادو تبديل ڪندي، انهيءَ اميد تي گهر اچي ويس تہ ضرور خيريات وٺڻ گهر ايندي. پر اهو سڄو ڏينهن انتظار ڪندي ئي گذريو.

شام جو پنج ٿي رهيا هئا. ورانهڊ ويلي جا پاڇا ڊگها ٿيندا پئي ويا. گرمي پد ڪرندو پئي ويو. سج جي تپس ڪجهہ هلڪي ٿي تہ آئون ۽ منهنجو سئوٽ ديال، پاڻيءَ لاءِ کوهہ ڏانهن روانا ٿياسين. ڪجهہ وارا ئي مس ڪڍيا هئا تہ سؤٽ رڙ ڪئي؛ ”هي ئي وارو ڪڍون ٿا، پريان آفت پئي اچي.“

”ڪهڙي آفت؟“ مون پريشاني ۾ پڇيو.

”ڏسين ڪونہ ٿو، پريان جوڳياڻين جو ٽولو پيو اچي، سڀني کي پاڻي ڪير ڀري ڏيندو؟!“ سٺ پرهہ جي کوهہ مان گڏهن سان وارا ڪڍي پاڻي ڀريندڙ ئي سمجهي سگهن ٿا تہ پاڻي جي اڻاٺ ڪنهن کي چئبو آ! ڊيمن تي ڊيم ۽ ندين تي بئراج ٻڌي، پنهنجي علائقن کي سرسبز ۽ آباد ڏسڻ جا خواهشمند اچي جون جولاءِ جي تتل سج ۾، ساٺيڪن پرهن وارن کوهن ۾ گڏهہ جوٽي هڪ وارو ڪڍين تڏهن خبر پوندي تہ ٿريا پاڻي لاءِ ايتريون رڙيون ڇو ٿا ڪن.

چيم؛ ”يار پاڻي پيارڻ ثواب جو ڪم آهي!“

ايتري ۾ ٽولو کوهہ تي پهچي ويو. ڄڻ فوج لٿي هجي ڪنهن جنگ جي ميدان ۾. ڪو هتان، ڪو هُتان. هو سڀ کان پاسري خاموش بيٺي هئي.

”هلو هتان، پاڻي ڪونهي.“ منهنجي سؤٽ ڪاوڙ ڪندي چيو.

”ڪجهہ هن کوهہ ڏانهن وڃو، ٻين کي مان پاڻي ڀري ڏيان ٿو!“ مون چيو.

تہ اڌ ٽولو ٻئي کوهہ ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهہ دير کان پوءِ سڀني کي پاڻي ڀري ڏنو، پر هو اتي ئي بيٺي رهي.

چيم؛ ”توهان بہ هاڻ هيڏانهن اچو تہ پاڻي جي بوتل ڀري ڏيان!“

هو خاموشي سان اڳتي وڌي، بوتل مونکي ڏئي بيٺي رهي. بوتل وڏي هجڻ ڪري مون مدد ڪرائي. هن جي مٿي تي بوتل رکرائي ۽ بنا ڪجهہ ڳالهائڻ جي رواني ٿي.

ٻئي ڏينهن صبح جو گهر ۾ ويٺو هئس، بابا ٻاهر ويل هو ۽ آئون بابا جي جنتري پڙهي رهيو هئس تہ در تي صدا ٻڌم. ساڳيو مڌر آواز، سماعتن سان ٽڪرايو. اندر جو واسنگ ڦڻ ڪري بيهي رهيو. آئون ڪمري مان ٻاهر نڪري نهاريو تہ اها هڪڙي ئي بيٺي هئي. مون امان کي سڏ ڪري چيو؛ ”امان پل سٺو پيو هلي، هن مهل جوڳين کي ڀوجن ڪرائڻ مها شُڀ آهي، ڪهڙي خبر پرماتما پاڻ جوڳي جو روپ ڌاري اچي سگهي ٿو.“ مون هن جوڳڻ سان ڪچهري ڪرڻ جو بهانو ڳوليو.

امان منهنجي ڳالهہ جو اعتبار ڪندي چيو؛ ”ڪلهہ واقعي ڀڳت موهن هڪ قصو ٻڌايو پئي تہ ڀڳوان جوڳي جو ويس ڌاري اچي سگهي ٿو.“

چيم؛ ”امان پوءِ هنن کي تہ ڀوجن ڪرائڻو پوندو. هي بہ جوڳين جي ذات منجهان آهي.“

امان اڃان رڌڻي ڏانهن وڌي ئي مس هئي تہ ٻاهريان چاچي سڏ ڪيو، سو امان مونکي چيو؛

”مان وڃان ٿي تنهنجي چاچي جي گهر، تون ئي هن کي ماني ۽ خيريات ڏئي ڇڏ!“

امان ائين چئي، وئي هلي. پويان آئون رڌڻي ۾ وڃي مانيون، ڪجهہ مکڻ ڌونئري جو گلاس ڀري، کڻي آيس تہ هن نازنين پنهنجو ڪشتو اڳتي ڪيو.

چيم؛ ”انهي ٿانون ۾ کائي وٺ!“

”تون شايد ڳوٺ ۾ نئون آهين، ڳوٺ ۾ پهريون ڀيرو آيو آهين ڇا؟“ هن مون ڏانهن حيرت ۾ ڏسندي چيو.

”نہ ننڍپڻ کان ئي هتي رهان ٿو. اها بہ خبر آهي تہ ڳوٺ وارا پنهنجي برتنن ۾ اوهان کي ڪجهہ بہ کائڻ ۽ پيڻ لاءِ نہ ڏيندا آهن!“ مون هن ڏانهن ڏسندي سنجيدگيءَ سان چيو.

”مون ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهہ آهي جيڪو ايڏي مهرباني پيو ڪرين؟“ هن ماڻو ڪندي چيو.

”اهو مونکي بہ پتو ناهي، پر الائي ڇو جيئن تو کي ڏٺو آهي، دل تنهنجو ئي انتظار ڪندي رهي ٿي.“ مون هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو؛ ”جيڪڏهن اهو غلط آهي تہ مونکي معاف ڪجو، جيڪڏهن صحيح آهي تہ شام جو پنج وڳي اڪيلي کوهہ تي اچجانءِ!“

هن ڪجهہ ڪڇيو ڪونهي، ماني اڌ ۾ ڇڏي، جهولي کڻي رواني ٿي وئي.

”يار هي ڇا ڪيم، وڏو بدتميز آهيان!“ پاڻ کي ڪوسيندي چپن ۾ ڀڻڪيم. انهي ڏک وچان نڪري دڪان تي هلي آيس پر بيچيني وڌي وئي هئي. جيئن تيئن ڪري وقت گذاريم. شام جو پنج وڳي، گڏهہ تي پخال وجهي وڃي کوهہ تي ٺهيل ٽاڪي مان پاڻي ڀرڻ لڳيس تہ پريان نازنين بوتل کڻي، اڪيلي اچي رهي هئي. هن کي ڏسي من گدگد ٿي ويو.

”ڀڳوان جي نالي پاڻي جي بوتل ڀري ڏيندين؟“ هن نخريلي انداز ۾ چيو.

”نہ“ مون بہ مذاق ڪندي، انڪار ڪيو تہ هو واپس ورڻ لڳي.

”ٻڌ! ڀڳوان جي نالي تي ڀري ڪو نہ ڏيندس پر تنهنجي نالي چوين تہ ڀري ڏيا!“ ٽٽل ڦٽل لفظن سان چيم. زبان لفظ اچارڻ لاءِ ساٿ نہ پئي ڏنو.

”ڊائيلاگ سٺا هڻندو آهين، ڪٿي فلمن ۾ ڪم ڪرين ٿو ڇا؟“ مون ڏانهن ڏسي مرڪي پئي ۽ آئون حيران ٿي ويس تہ هڪ جوڳياڻي ٿي ڪري، انگريزي لفظ بہ ڳالهائي ٿي ۽ فلمن جو بہ ذڪر پئي ڪري. ڇو تہ منهنجي سوچ مطابق جوڳي صرف پنڻ ۽ خانابدوشي واري زندگي گذاري رهيا آهن، پر هن جي ڳالهائڻ جو انداز ۽ اهو ذڪر مون لاءِ حيران ڪندڙ هو.

”بس جڏهن تو کي ڏٺو آهي ڊائلاگ هڻڻ سکي ويو آهيان.“ مون مرڪندي هن ڏانهن ڏٺو ۽ شرمي ٻوٽي جيان شرمائجي وئي.

مون بوتل پئي ڀري تہ هن چيو؛ ”ٻڌ! ها ڪرڻ کان پهرين هڪ وچن وٺندس! ڏيندين؟“ هن مونکي چيو.

”جي جي ٻڌايو؟!“ چيم.

”سوچي وٺ!“ هن سنجيدگي سان چيو.

”سوچي ورتو آهي!“ مون بہ سنجيدگي سان جواب ڏنو.

”هتان وڃڻ کان پوءِ، وساري ڇڏجانءِ“ هن منهن ٻئي طرف ڦيري چيو.

چيم؛ ”ڪم ڏاڍو مشڪل آ پر پنهنجي وچن پارڻ جي ڪوشش ڪندس.“

گهڻي تائين خاموشي رهي، ٻنين مان ماڻهو گهرن ڏانهن وري رهيا هئا. گڏهہ تي پيل پاڻي جي اڌ پخال ياد اچي وئي. پخال ۾ پاڻي وجهندي چيم؛

”ٽي ڏينهن ٿيا آهن، پنهنجون هي اڌوريون ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن پر اڃان تائين نالو ناهي ٻڌايو؟“

”جوڳين سان جيءُ لڳائڻ اجايو آهي! اسان کي ڇا آهي! اڄ هتي، سڀاڻ ٻئي جڳهہ. پوءِ نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟“

چيم؛ ”ڪڏهن اڌوري محبت، زندگي جو سرمايو ٿي پوندي آهي. ڪنهن مهل تنهنجي ياد هري آئي، انهيءَ مهل ٿڌو ساهہ کڻي گهٽ ۾ گهٽ نالو کڻي ياد تہ ڪري سگهان ٿو!“

”سيتا!“ هن جا چپ ٿڙڪڻ لڳا، اکين ۾ لڙڪ لياڪا پائي رهيا هئا.

”رام، دوئاپر يگ ۾ سيتا رام جي جوڙي هئي، ڪليگ ۾ پنهنجي جوڙي آهي، اهو اتفاق ڪيئن آهي؟“

چيائين؛ ”سيتا زندگي ۾ ڏک ڏٺا، شايد پاڻ ايترا نہ ڏسون.“

چيم؛ ”سيتا ۽ رام، ملي ڪري بہ زندگي ۾ ڏک ڏٺا هئا پر پاڻ بہ انهن جيائين ڏک ڏسون ٿا. ٻئي هڪ مذهب جا هوندي بہ اونچ نيچ ۾ ڦاٿل آهيون. پاڻ ٻئي هڪ ٿي نہ سگهنداسين.“

سيتا، بنا ڪجهہ چوڻ جي بوتل کڻي هلي وئي ۽ آئون پويان گڏهہ کي رسيس.

ائين سج اڀريو، هاري کيٽن ڏي هلڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. بابا وارن ٻني تي وڃڻ جو چيو. مون انڪار ڪري، گهر ئي رهي پيس. آهستي آهستي سج مٿي چڙهندو آيو. يارنهن بجي رهيا تہ ٻاهر صدا بلند ٿي؛ ”ڀڳوان جي نالي خيريات ڏيو!“ منهنجي من ۾ مرليون وڃڻ لڳيون ڇو تہ اهو مڌر آواز محبوب جو هو.

آئون ڪمري مان نڪري ٻاهر آيس تہ هو سامهون مرڪ جون ميخون وسائي رهي هئي.

”اچي ويا اوهان!؟“ مون مرڪندي چيو.

”اوهان جي صورت کي پنهنجي دل جي ڪنواس تي چٽيان پئي. انهيءَ ڪري وري ڏسڻ جو تمنا ٿي پئي، سو هلي آيس.“ هن جهولي کي پٽ تي رکندي چيو.

چيم؛ ”منهنجي تصوير ڏيان ٿو، مورت ٺاهڻ ۾ ساڳيو ٿورو ئي نظر ايندس.“ آئون رهڙي هن جي ڀرسان آيس؛ ”هتي ٻاهر نہ ويهو، اندر ڪمري ۾ اچو.“

”ٻيو ڪير آهي؟“ سيتا پڇيو.

”ڪير بہ ناهي!“ جواب ڏيندي، ڪمري ڏانهن وڌيس.

”بابا، امان وارا، ڪيڏانهن ويل آهن؟“ اتي بيٺي ئي پڇيائين.

”ٻني ويل آهن!“ آئون اتي ئي رڪي پيس.

”مونکي خيرات ڏي، اڃان پورو پاڙو گهمڻو آ“ هن جهولي کي مٿي کڻندي چيو.

پڇيم؛ ”ڪيترو وقت گهمندين پاڙي ۾؟!“

”ٻہ ڪلاڪ!“ سيتا ٻئي طرف ڏسندي چيو.

”ڪيترو ڪمائيندي آهين؟“ پڇيم.

”توهان جي ڳوٺ جا سخي ماڻهو ڏيندا ڇا؟ امير گهر تہ اسان کي ڏسي در ئي بند ڪري ٿا ڇڏين. باقي غريب ئي لپ لپ داڻا ۽ اٽو ڏين ٿا، ان ۾ ڇا ٿيندو؟ ٻہ ٽي ڪلو داڻا ۽ اٽو ملي ٿو.“ سيتا مايوسيءَ ۾ چيو ۽ ڦڪي مرڪ چپن تي تري آيس.

”ٻہ ڪلو اٽو ۽ داڻا؟ آئون تو کي هزار ڏيان ٿو، ٻہ ڪلاڪ منهنجي نانءُ ڪيو.“ هن کي ڏسندي چيم.

”اسان جوڳي ايترا بہ لالچي ناهيون، سنگت ۾ سر ڏيڻ وارا آهيون، تو کي تہ ٻہ ڪلاڪ مفت ۾ ڏئي ڇڏيان!“ سيتا منهنجي اکين ۾ نهاريو.

”اهي ٻہ ڪلاڪ مونکي ڏيڻ لاءِ اوهان جا وڏا وڙ“ وڌيڪ چيم تہ؛ ”هاڻ ڪمري اندر اچو“

هوءَ ڪمري ڏانهن وڌي چوگهٽ تي ئي ويهي رهي. مون پکو هلائي پوئتي مڙي ڏٺو. هيٺ ويٺل ڏسي چيم؛ ”هيٺ ڇو ويٺا آهيو؟“

”نہ منهنجي ايتري اوقات ناھي جو کٽ تي ويهان!“ جهولي کي گوڏي هيٺيان ڏيندي چيائين.

”اوقات؟ ڇا جي اوقات، تون انسان ناهين ڇا؟ انسان سڀ برابر آهن. هي وچ ۾ طبقاتي نظام، مفادن پويان ڊوڙيندڙ ماڻهن ٺاهيا آهن، جيڪڏهن تو جوڳي جي گهر جنم ورتو آ تہ ڇا ٿي پيو؟“ مون هن کي ٻانهن ۾ جهلي کٽ تي ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نہ مڃي، اتي ئي ويٺي رهي.

”هڪ ڳالهہ پڇان ناراض نہ ٿيئن تہ؟“

”پڇ!“

”تون جوڳي جو ٻار تہ نٿي لڳين؟!“ مون ڪنڌ جهڪائي، پڇتائڻ لڳيس تہ اهو سوال ڇو پڇيم. پر هن ڪنهن بہ ناراضگي جو اظهار نہ ڪندي چيو؛

”ڪو شڪ آهي ڇا؟ آئون شهر ۾ ئي رهان ٿي. انگليش ميڊيم ۾ انٽر ڪيو آهي. جوڳين جي زندگي ڪيئن ٿي گذري، انهي کي محسوس ڪرڻ لاءِ مامي وارن سان گڏ آئي آهيان.“ سيتا وضاحت ڏيندي چيو.

”ڪنن مان گند ڪڍڻ تہ مونکي سيکار!“ مرڪندي چيم.

چيائين؛ ”آئون پاڻ هينئر سکي آهيان، منهنجي مامي کان جي تون سکين تہ سفارش ڪيا؟“

”نہ نہ مهرباني!“ مون هٿ ٻڌندي چيو تہ سيتا چيو؛

”هن جڳهہ تي ٻئي ڪو جوڳڻ هجي تہ توکي اهڙي مار ڏئي جو سڄي عمر ياد ڪرين ها!“

چيم؛ ”عشق حاضر آهي حسن جي اڳيان قتل ٿيڻ لاءِ!“

”پر حسن هتي قاتل نٿو بڻجي سگهي، ڇو تہ حسن بہ عشق جي آڙاهہ ۾ جلي پيو.“ ٽهڪ ڏيندي چيائين. هن جا ٽهڪ مورن جي ٽهوڪن جيان ڪائنات جي وشالتا ۾ ٽڙي پکڙي ويا؛ ”تو الائي ڪهڙي نظر سان نهاريو جو پاڻ ڦاسائي ويٺي آهيان!“

چيم؛ ”جڏهن ڪو ڪنهن تي عاشق ٿيندو آهي تہ معشوق کي پاڻهي خبر پئجي ويندي آ. هي پاڻ ٻنهي جا جذبا آهن جو هڪ ٻئي ڏانهن ڇڪين ٿا.“ سيتا جواب ڏيڻ بدران جهولي کڻي اٿي بيٺي. چيم؛ ”وڃين ٿي؟ وري ڪڏهن ملندين؟“

”شام جو کوهہ تي ايندين؟ ملنداسين!“ جواب ڏئي، رواني ٿي تہ سڏ ڪيم؛ ”سيتا!“

هو بيهي رهي.

چيم؛ ”ماني تيار آهي، ماني کائي پوءِ وڃ!“

”گڏ کارائيندين؟“ هن مرڪندي چيو.

”نہ نہ گڏ ڪير ٿو کارائي جوڳين کي.“ مون کلندي چيو؛ ”پر اوهان سان تہ گڏ ضرور کائبي.“ چئي آئون رڌڻي مان ماني کڻي آيس ۽ گڏجي ماني کائيندي چيم؛ ”محبت هڪ اهڙو مذهب آهي جتي اونچ نيچ ۽ ننڍ وڏائي جو تصور ناهي هوندو.“

ائين ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. ڳوٺ جي ٻن ٽن دوستن کي منهنجي هن محبت جي خبر پئي تہ هر روز پنهنجا انسانيت کي لڄائيندڙ رايا ڏيندا ۽ مهذب پڻي جو مثال قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. آئون سڀ ڳالهيون ٻڌيون اڻٻڌيون ڪري ڇڏيون.

هڪ شام، کوهہ تي پاڻي ڀري رهيو هئس تہ دستور مطابق، سيتا بہ بوتل کڻي پهتي. ايندي ئي چيائين؛

”اڄ کان پوءِ مان هتي نہ اچان تہ؟“

”اهو تہ ٿيڻو آهي، تون اڄ هتي آهي، سڀاڻي ٻئي هنڌ هوندين، تو پاڻ تہ چيو هو؛ ’جوڳي نہ ڪنهن جا مٽ!‘“

”اڄ دل چئي ٿي تو سان وڌيڪ ڪچهري ڪيان!“ سيتا مرڪندي چيو.

”اڇا!... تہ پوءِ ائين ڪر، آئون پخال ڀري گهر ٿو وڃان ۽ تون بہ بوتل ڀري وڃ. وچ ۾ هاري واپس اچ، آئون بہ پخال وٺي ٿو اچان.“ مشورو ڏيندي چيم.

پوءِ شام ڏاڍي ڪچهري ٿي. محبت جون ڳالهيون، پنهنجون ڳالهيون، سنسار جون ڳالهيون ڪري آخر ٻئي اٿياسين. اٿڻ ويل هن جا چپ منهنجي ڳلن تي پنهنجا نشان ٺاهي هليا ويا. آئون انهي چمي جي سرور ۾ لڏندو لمندو گهر پهتس.

اڄ الائي ڇو سيتا جو چنگ جهڙو آواز، اهي جبلن کي ٽوڙي ڇڏڻ جهڙا ظالم ٽهڪ، چمي جو سرور پل پل تڙپائي رهيو ھيو. ملڻ جي تمنا ويتر وڌي وئي هئي. ائين رات لڇندي لڇندي گذاري. صبح جو گهڻي تائين، انتظار ڪيم تہ سيتا ايندي، پر سيتا نظر نہ آئي.

منهنجي تڙپ مونکي ويهڻ نہ ڏنو ۽ آئون اٿي ڳوٺ جي ڀر ۾ جوڳين جي لڏي ڏانهن روانو ٿيس.

پريان کان ڪجهہ ٻارڙا هنن جهوپڙين وٽ بيٺل ڏٺم. دل خوش ٿي پئي. وڏيون وکون کڻندو جڏهن ويجهو پهتم تہ پيرن هيٺيان زمين کسڪندي، محسوس ٿي.

ڇو تہ انهن جهوپڙين وٽ هاڻ ڪو جوڳي نہ هو ۽ سيتا جا پير هئا، جيڪي ڌنڌلا پئجي ويا هئا. آئون انهن پيرن کي نهاري رهيو هئس تہ روڊ تي رڪشو گذريو، جنهن ۾ موهن ڀڳت جو آواز اٿيو؛

”آيل ما منهنجو جوڳيئڙن سان سنگ!“

1 comment: