Showing posts with label جوڳڻ سان جيءُ، چندر سکاڻي، ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts
Showing posts with label جوڳڻ سان جيءُ، چندر سکاڻي، ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts

Friday, August 21, 2020

جوڳڻ سان جيءُ

جوڳڻ سان جيءُ

چندر سکاڻي


وسڪاري جي جوڀن ڀري مند جي صبح جو ڪٿان مورن جا ٽهوڪا اچي رهيا هئا، ڪٿان چڙن جي آواز سان گڏ ڌنارن جا مال هڪلڻ جا مخصوص آواز ”ها ها، هو هو“ پئي آيا، هارين وري پنهنجي وهٽن کي پلاڻي ٻنين جو رُخ رکيو هو. آئون چانهہ جو ڍڪ ڀري پنهنجي دوست امرت جي دڪان تي اچي ويٺس تہ ڪن ۾ هلڪو سور محسوس ڪيم.

امرت کان ماچيس گهري، انهي مان تيلي ڪڍي ڪن ۾ گهمائڻ لڳيس.

امرت دڪان تي آيل گراهڪن کان فارغ ٿيو تہ ڪن ۾ تيلي ڦيريندي چيم؛ ”يار ڪن ۾ سور پئجي ويو آهي.“

”اڳي ڪڏهن سور پيو آهي، يا هينئر پيو آهي؟“ امرت آيل ننڍڙي ٻار کي شيءِ ڏيندي چيو.