Monday, August 10, 2020

خوشبوءِ

خوشبوءِ

ڪورونا جي ڏينهَنِ جي ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


رحمان هڪ نجي اسپتال ۾ بيٺو هئو ته مٿئين ڪلاس جي هڪ حسين عورت، هوا جي جهوٽي وانگر اچي سندس پاسي مان گذري. هن کي خوشبوءِ محسوس نه ٿي. نزلو زڪام به نه هئس. نڪ به بند نه هئس. اهڙين عورتن جي آس پاس موجود هئڻ يا ڀرسان گذري وڃڻ سان هٻڪار ڦهلجي ويندي آهي، پر هن ڀيري ائين نه ٿيو. هيءُ ڊڄي ويو. کيس خوف ورائي ويو ته، ڪٿي ڪورونا ۾ ته نه وٺجي ويو آهي، جنهن جي ٿيڻ سان سنگهڻ جي حِس ختم ٿي ويندي آهي.


تڪڙ ۾ وڃي پي سي آر (Polymerise Chain Reaction) ٽيسٽ ڪرايائين. گهر وڃي، گهرواريءَ کان ٿورو وٿيرڪو ٿي ويٺو. ماني به ڊگهو هٿ ڪري کانئس ورتائين. جوڻهس سوچ ۾ پئجي ويئي. رات پاسا ورائي ڪاٽيائين.

ٻئي ڏينهن تي نيگيٽوِ رزلٽ آيس. ساهه پيس. خوش ٿيو. پاڻ کي چيائين؛ ”ان مائيءَ خوشبو نه لڳائي هوندي، اجايو پريشان ٿيس!“

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي رکيل/ کنيل، ۱۰ آگسٽ ۲۰۲۰ع)

No comments:

Post a Comment