خوشبوءِ
ڪورونا جي ڏينهَنِ جي ننڍڙي
ڪهاڻي
انور ابڙو
رحمان هڪ نجي
اسپتال ۾ بيٺو هئو ته مٿئين ڪلاس جي هڪ حسين عورت، هوا جي جهوٽي وانگر اچي سندس
پاسي مان گذري. هن کي خوشبوءِ محسوس نه ٿي. نزلو زڪام به نه هئس. نڪ به بند نه
هئس. اهڙين عورتن جي آس پاس موجود هئڻ يا ڀرسان گذري وڃڻ سان هٻڪار ڦهلجي ويندي
آهي، پر هن ڀيري ائين نه ٿيو. هيءُ ڊڄي ويو. کيس خوف ورائي ويو ته، ڪٿي ڪورونا ۾
ته نه وٺجي ويو آهي، جنهن جي ٿيڻ سان سنگهڻ جي حِس ختم ٿي ويندي آهي.
