Tuesday, August 4, 2020

واويلا

واويلا

ننڍڙي ڪھاڻي

مير سجاد اختر ٽالپر


ليلان جي شادي، ڪجھ سال اڳ، همير سان ٿي هُئي. انهيءَ سال اهڙو ته مينهن پيو هو جو سڄو ٿر، اصل بوند بهار بڻجي ويو هو. تڏهن همير، پنهنجي ليلان کي چيو هو ته؛ ”نيڪ بخت جيڪڏهن پاڻ کي پُٽ ٿيو ته نالو رکنداسينس ملهار ۽ جي ڀاڳن ڀري نياڻي ٿي ته نالو رکنداسينس بوند.“

انهيءَ سال مال مڏي کان ويندي جيت جڻيي تائين خوشيون پئي ملهايون پر پوءِ ٽي سال لاڳيتو ٿر ۾ بارش جي ڪا بوند ئي ڪا نه پئي هُئي. همير به پنهنجو رهيل اڀرو سڀرو مال ڪاهي، سنڌ ڏانهن لڙي ويو هو. ٽن سالن کانپوءِ ئي ليلان کي اُميدواري ٿي هُئي. پر ٽن سالن جي ڪاري ڏُڪار، ليلان جي رنگ روپ کي ته ڪاراٺي ڇڏيو هو بلڪ سڄو ساھ نپوڙي، هڏن جي مُٺ ڪري ڇڏيو هو. مٿان اهڙي حالت ۾ وري اُميدواري ٿي پئي هُيس. همير اُميدواري ٿيڻ تي ته ڏاڍو خوش هو پر ڇا ڪري سندس پنجن ڍڳڙين مان ٽي بُک ۽ بيماريءَ وگهي مري ويون هيون. باقي ٻه پُڇ مال جا بچيا هُئس. سو دل تي پٿر رکي، لڙي لاڙ ڏانهن نڪتو هو. هن سال به ٿر تي رب مهربان ڪو نه ٿيو جو هيڏي وشال آڪاش ۾ ڪڪرن جي ڪا دڙي، کڻي ٿر تي وسائي ها.


ليلان اُميدواري ٿيڻ سان ويتر ويئي ڪمزور ٿيندي. اڳ مال گهر بيٺل هو ته کير ۽ مهي جا ٻه چار ڍُڪ نصيب ٿي پوندا هُئا هاڻ ته رُڳي ڪنڊين جي سڱرين ۽ هڪ وقت ٻاجهر جو ڪو ٽُڪر نصيب ٿيندو هو نه ته بس....!!

اڳ ليلان رُڳي پنهنجي جيءَ لاءِ کائيندي هُئي سو به اڌوگابرو پر هاڻي پيٽ ۾ ٻيو جِيوَ به پلجي رهيو ھيس ۽ کاڌو اهو ئي ساڳيو. سو وقت کان اڳ ئي ليلان کي ويم جا سور پوڻ لڳا. سندس سس نوران، پنهنجي علائقي جي تجربيڪار دائي مائي سليمت کي وٺي آئي. تنهن ليلان جي حالت ڏسي، نوران کي ٺڙ ٺُپ جواب ڏيندي چيو؛

”ادي ڇوڪريءَ جو حال ڪونهي، صفا هڏن مُٺ آهي. اهڙي حالت ۾ آئون هٿ ڪا نه وجهنديس. وڃ وڃي ڪنهن سُٺي ڏاڪتر يا ماڊم کي ڏيکار.“

انهيءَ ڳالهه نوران کي تاڪ ڏيئي ڇڏيا. هڪ اڳ ئي پيسي جو حال ڪو نه هو. مٿان مٺيءَ وڃڻ لاءِ سُواري ڪٿان ملي. نوران آڙي پاڙي ۾ منت ميڙ ڪرڻ ويئي پر هتي ته حال سڀني جو هڪجهڙو. لک ڪوششن باوجود وريو سريو ڪُجھ ڪو نه...... نيٺ وري به ڦري سري دائي سليمت کي وڃي پلاند وڌائين.

”ادي، ڏس! تُنهنجي چوڻ جي ڪري کڻي هٿ وجهان ٿي، حياتي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، تو واري نُنهن جو حال ڪونهي، سُڀاڻي مون تي ميار نه ڏجين..“

نوران روئڻهارڪي ٿيندي چيو؛ ”ادي جن جو ڪو به ڪونهي، سي الله بادشاه جي آسري ئي هلن ٿا. ڇوريءَ جو سورن ۾ ٿو ساھُ وڃي. جيڪي وڻئي سو ڪر پر مونکي ڇوري بچائي ڏي...!“

سليمت دائپي جو ضروري سامان کڻي، نوران ساڻ اچي ليلان وٽ پُهتي، جنهن جي اکين مان سورن ڪاڻ ڳوڙها پئي ڳڙيا، منهن ۾ دانهن نه هُئس.

دائي سليمت پنهنجي ڪاروائي شروع ڪئي ۽ ڪلاڪ اڌ ۾، صفا نٻل ستڙيو پُٽڙو، نوران جي حوالي ڪيو. جنهن جلدي ۾ کڻي پنهنجي پوتي ۾ ويڙهيو. دائي سليمت پنهنجي ڪم مان واندي ٿي ۽ ليلان جي ڏندن جي وچ ۾ ڏنل ڪپڙو ڪڍيو ته ليلان به ڪُجهه سامت ۾ آئي.

دائي سليمت پنهنجا هٿ ڌوئيندي وراڻيو؛ ”ادي، ڇوڪري کي نجي گيهه جي بُسري ۽ مکڻ جام کارائينس ته ڪُجهه جان اچيس نه ته ٿڃ ڪا نه ٿينديس. ها!!“ ۽ نوران کان ٻڪري کڻڻ جو وچن وٺي، هوءَ ٿي پنهنجي گهر رواني.

نوران ننڍڙي کي وهنجاري سهنجاري، تڃڙن ۾ تاڻي، اچي ليلان کي ڏنو. ليلان کان پنهنجي ٻچڙي کي ڏسندي ئي سڀ سور وسري ويا. ڪلاڪ کن کانپوءِ، پنهنجي ٻچڙي کي ٿڃ پيئارڻ جي ڪيائين پر ٿڃ ۾ ڪُجھ هجي ته اچي نه، نوران اها حالت ڏٺي ته ڳوٺ مان ڍڳي جو کير پني آئي، ٻه ٽي ڏينهن ته ننڍڙو ملهار ڍڳي جي کير تي گُذر ڪندو رهيو پر پوءِ اوچتو اچي اُلٽيون، پيچش لڳس، گهڻي ڳوٺاڻا ۽ گهريلو ٽوٽڪا ڪيائون پر ڇوڪرو ويو صفا نٻل ٿيندو. ليلان کي ٻيو ڪُجھ سُجهيو ڪو نه ٿي سو مائٽن طرفان شادي ۾ مليل اڪيلو چاندي وارو بولو وڪڻي، ننڍڙي کي کڻائي اچي مٺي اسپتال پُهتي ته اسپتال کي پوليس جو مڪمل ڪڙو چڙهيل هو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي اندر نه پئي ڇڏيائون. آخر وزيراعلٰي اندر دورو پئي ڪيو. ليلان پوليس وارن توڙي آفيسرن کي ايلاز ڪندي رهي پر ڪنهنجي ڪن تي ڪا جونءَ ڪا نه رنڱي. وزيراعلٰي صاحب پريس ڪانفرنس ڪندي فرمائي رهيا هُئا ته؛

”هتي بيماري جي اهڙي ڪا به صورتحال ڪانهي، جيتري هنن ڄٽن ڄامڙن واويلا مچائي آهي ۽ نه ئي اسپتال ۾ ڪا دوائن يا ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي. هي جاهل ماڻهو، پنهنجن ٻارن جو ناجائز فائدو وٺي، حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ مخالف ڌُر وارا انهن کي بيوقوف ٺاهيندا وتن.......“

۽ ليلان جي جهولي ۾، ليلان ۽ همير جي ملهار آخري هڏڪي ڏيئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ليلان، جيڪا ويم جي هيڙن سورن ۾ دانهن نه ڪئي، پنهنجي ٻچي جي موت تي پار ڪڍي روئڻ لڳي. پر اهي پار واريون دانهون هزارن گاڏين جي آوازن ۽ پوليس سائرن جي زون زون ۾ ڪٿي وڃائجي ويون.

No comments:

Post a Comment