Thursday, August 6, 2020

جمعي رات

جمعي رات

مختصر ڪھاڻي

ابراھيم کرل


ھن سان نئين ڏيٺ ويٺ ٿي. پھريان ته پڪائيءَ جا پھا پي رکيائين؛ ”الا مان گھر کان ٻاھر ڪٿي نڪرندي آھيان. بابو جامع مسجد جو پيش امام آھي. مٽن مائٽن ۾ وڃان ته اڇو ٽوپيءَ وارو برقعو پائي وڃان ۽ ٽٻر ڇورو به ڪڍ لائي ڇڏيندا آھن ته متان وچ مان ڪاڏي گھت ھڻي و ڃي. ڪو سئوٽ ماسات، ڪنھن ڪم سانگي به گھر اچي ته ڀڄي وڃي ڪمري ۾ڪرندي آھيان، مجال جو منھن پوانس. ڀلي سڏي سڏي بيک نڪري وڃين جو مان ٻاھر نڪران. الا! الائي ڇا ٿيندو آ! دل ايڏو ڌڙڪندي آ، جو ڄڻ سيني مان ٻاھر ٿي نڪتي اچي. ھڪ ڏينھن شاديءَ ۾ رڳو سئوٽ جو پاسو لڳي ويو ھو ته برقعو مٿي ۾ وجھي اچي گھر ساھ پٽيو ھئم.“


سندس اھڙيون ڳالھيون ٻڌي، مون کي حيرت ٿيندي ھئي ته، اڄ جي ھھڙي جديد دور ۾ ڀلا ائين ھوندو؟

وري من ئي من ۾ سوچيندو ھئس ته؛ متان ائين ھجي به، ڪک ھيٺيان لک پيو آ.

ھڪ ڏينھن پڇيومانس؛ ”ڀلا ايڏي پابندي اٿئي يا رڳو مون سان نبن خان وارا نخرا ٿي ڪرين؟“

چيائين؛ ”نور جو قسم! مان صحيح ٿي چوانءِ!“

چيو مانس؛ ”پوءِ ھي موبائيل، ان جي ڄاڻ، ايس ايم ايس، وڊيو ڪلپس؟“

ته چيائين؛ ”اھو وري ڊيو ڪلپ ڇا ھوندو آ؟“

”چري ھي جيڪي واٽس ايپ تي موڪليا اٿئي، اھي ڪلپس.“

”قسم سان خبر ڪونه پوندي آ. ھو ننڍڙو ڀاءُ آھي نه، اھو حرڪتون ڪندو رھندو آ. ڪڏھن جلال ٻڌائيندو آ، ڪڏھن شمن ته، ڪڏھن اھو مُئو عمراڻي، ھاڻي ته اھو موالي نڪتو آ....“

”ڪھڙو موالي؟“

”اھو ٽانڪيءَ ڦاٽو، جيڪو پھريان شاعر ھو.“

”اڙي ھا ممتاز مولائي.“

”ھا ھا اھو.“

مون کي کل اچي وئي ته، ھن به ٽھڪ ڏنو.

”ٻڌ خبر ته سڄي اٿئي، پوءِ مون سان ڇو ٿي الين.“

”ڇا جي خبر؟“

”اھو ئي ته مولائي پھريان شاعر ھو.“

”اڙي اھو مون کي، ندوءَ ٻڌايو ھو.“

”اھو ندو وري ڪير آ؟“

”مون وارو ڀاءُ، جيڪو تو کي اھي ڪلام موڪليندو آ.“

”ڪلام اُھو موڪليندو آ يا تون چوندي آھينس؟“

”اُھو لوڊ ڪرائي ايندوآ، ٻڌائيندو آ ته مان چوندي آھيانس ته، ھن نمبر تي موڪل.“

”ڪيترو پڙھيل آھي ندُو؟“

”اھو ھاڻي چوٿون ٿو پڙھي.“

”پوءِ ته اھو سمجھ وارو آ، ڪڏھن وجھي نه مصيبت ۾.“

”تو کان وڌيڪ ڊڄڻي ته مان آھيان، پھريان ته ڪھاڙي منھنجي مٿي ۾ لڳندي، تون ڇو ٿو ڊڄين؟“

اڃا ھُو ٻيو ٽڻڪ آ. صفا بابا تي ويو آ، مدرسي ۾ پڙھندو آ، سونڊ به بابي جيان نرڙ ۾ ھوندو اٿس. ان کان ته موبائيل به لڪائي رکندي آھيان. ھي وقت ملندو آھي، جو ھو مسيت ۾ ھوندا آھن. سومھڻيءَ جي نماز ڊگھي ٿيندي آ نه! تنھن ڪري وقت ملي ويندو آ. نماز پڙھن وري ذڪر ڪن، يا تبارڪ پڙھن. مسجد ڀرسان آھي. سو جڏھن دعا گھرندا آھن ته مان موبائيل بند ڪري، وھاڻي جي ڇَوَ ۾ لڪائي ڇڏيندي آھيان. تون جي ڊڄين ٿو ته کڻي نه ڳالھائيندو ڪر.“

”نه نه منھنجو اھو مقصد ڪونھي، پر خيال ته ٿئي ٿو نه؟“

”پرڻيل آھين ته زال جو ڀؤ ٿيندو ھوندئي. بابو به امان کان لھرائيندو آ، ڪا مائي، ختمو ڏيارڻ لاءِ ماني ڏئي ويندي آ ته امان جي ننڊ خراب ٿي ويندي آ.“

”الائي ختمي جو بھانو ڪري رن مڙس ۾ اکيون نه وڌيون آھن، الائي مانيءَ ۾ ڪجھ وجھي نه آئي رن. سوين وسوسا ويٺي ڪندي. جڏھن بابا نور تي ھٿ رکي پڪ نه ڏيندس، تيستائين ويٺي پنھنجي منھن ڳالھائيندي آ.“

”پوءِ ڀلا تو کي ساڙ نه ٿو ٿئي ڇا جو مون پرڻيل سان ٿي ڳالھائين.“

”ھاڻي تون منھنجو ڪھڙو مڙس آھين جو مون کي ساڙ ٿيندو.“

”جي شادي ڪيانءِ ته..؟“

ھوءَ فون بند ڪري ڀڄي وئي. مون جھٽ کان پوءِ وري نمبر ملايو ته نمبر آف مليو.

پورا پنج ڏينھن، ھن سان رابطو نه ٿيو. جمعي جي رات ھئي، مون اوکا پوکا لاھي، سمھڻ جي تياري ڪئي ته منھنجي موبائيل جي اسڪرين روشن ٿي. مون موبائيل کڻي ڏٺو ته ھُن جو نمبر ھو. مونکي سمجھ ۾ نه  پئي آيو ته ھن مھل ڪيئن فون ڪيو اٿائين. ايتري عرصي ۾ ھن جو نمبر ڪڏھن به مونکي کليل نه مليو ھو. ڇو ته مان سڀئي وقت رکي رکي چيڪ ڪندو رھندو ھئس. ھن جون ڳالھيون اھڙيون ھونديون ھيون، جو ھن سان بحث ڪرڻ ۽ ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ دل چوندي ھئي، پر سندس نمبر بند ئي بند ملندو ھو، جيستائين ھوءَ پاڻ مس ڪال نه ڪري، جنھن مان اندازو ٿيندو ھو ته وٽس بيلنس به ڪونھي.

ڪال اچي بند ٿي وئي. اھو پھريون دفعو ھو جو ھن جي ڪال، مسلسل وڳي ھئي. ٿورو وقت رکي وري ھن ڪال ڪئي ته، مون ڪٽي کيس رنگ ڪئي، ته ھن جو آواز آھستي آيو؛ ”دير ڇو ڪيئي، چڱو بيھ مان مٿي وڃان.“

ھن جي سھڪڻ جو آواز مان ٻڌي رھيو ھئس، ٿوري دير ۾ ھن جو آواز آيو؛ ”ھا سمھي پيو ھئين ڇا؟“

”نه نه ھاڻي تياري پئي ڪيم.“

يڪي ڇا پيو ڪرين؟“

”ڪجھ نه بس ائين“

”ٻڌ! اڄ ڪھڙو ڏينھن ھيو؟“

”ڇو خير ته آھي؟“

”ھا خير آ، پڇانءِ ٿي.“

”اڄ خميس جو ڏينھن ھو ۽ جمعي جي رات آھي.“

ڪجھ گھڙيون سانت ٿي، ھن ھڪ وڏو ٿڌو ساھ ڀريو.

مون پڇيو ڇا ٿيو؟

ھن جي آواز ۾ ڪروڌ ڀرجي ويو؛ ”معنيٰ تون به ان ڪم سان ھنئين نه؟“

”ڇا مطلب؟“ مون کانئس پڇيو.

”سڀڪجھ سمجھين ٿو، پوءِ نٽائين ڇو ٿو.“

”قسم سان مون نه سمجھيو.“

”ھل ڪوڙا!“

ھاڻي ٻڌاءِ به کڻي.“ مان مٿس زور ٿو ڀريان.

”مان ڪيئن ٻڌايانءِ!“

”ڇو خبر توکي آ ته، ٻڌاءِ به تون.“ مان کيس چوان ٿو.

ھوءَ سانت ٿي وڃي ٿي. پوءِ ٿڌو ساھ ڀري چوي ٿي؛ ”الائي ڇو مون کي جمعي رات ننڊ نه ايندي آ، مان سڄي رات لڇي گذاريندي آھيان.“

”ڇا جي ڪري؟“

”ھونئن ته امان اسان سان گڏ سمھندي آھي پر......“

پر ڇا؟

”پھريان تون ٻڌاءِ ته تون ڪٿي ستو آھين؟“

”گھر ۾، ٻيو ڪٿي!“

”جوڻھين ڪٿي آ؟“

”اھا ڪمري ۾؟“

”ڇو تو سان ڪو نه سمھندي آھي ڇا؟

”سمھندي آ!“

”معنيٰ سوير سمھي ٻاھر نڪتو آھين نه!“

منھنجي مٿي مان ٺڪاءَ نڪري ويا. مان ڌڪ پچائي، ”پڇانس ٿو؛ تو کي ڇو ننڊ ڪو نه ايندي آ؟ اھا به جمعي رات.“

ھوءَ رنڊي جو سُتي آ وڃي، ملان سان، پنھنجي ننڊ ته ڦٽائن ٿا، پر کٽ جا چيڪٽ ڪري، منھنجي به ننڊ ڦٽائين ٿا، منھنجو دماغ ٿو ڦاٽي سور کان. ڪڏھن مان ماري نه وجھان ٻنھي کي، ۽ ھا تون به جنھن رات جوءِ سان سمھين، مون سان نه ڳالھائيندو ڪر.“

No comments:

Post a Comment