Thursday, August 6, 2020

گھر ڌياڻي

گھر ڌياڻي

ننڍڙي ڪهاڻي

رزاق سهتو


هوءَ رڌڻي ۾ هئي جو ڌيءَ سنيا وٽس آئي ۽ پڇڻ لڳس؛ ”امان! بابا ڪڏهن ايندو؟“

پاڻ ڌيءَ تي نگاهه ڪيائين ته اندر جھري پيس. وقت جا ڪانٽا موڪل تي هئا. هر شيءِ ساڪن هئي. جواب ڏيڻ لاءِ وکريل وجود کي يڪجاءِ ڪندي، ڌيءَ جي ڳل تي پيار ڀري ٿڦڪي ڏيندي چيائين؛ ”دعا ڪر ڪهڪاءُ اچين ته آزاد ڪنس. خبر ڪا نه ٿي پئي ته ڪيڏانهن خانگي پوشاڪ پهريل ماڻهو کيس کنڀي کڻي ويا آهن. ڳولهي ڳولهي ٿڪا آهيون پر پروڙ ئي ڪان ٿي پئي.“

”امان! بابا کي ڇو کڻي ويا آهن؟“

”ڪو ڏوهه گناهه به نٿا ٻڌائن. کڻي هليا ٿا وڃن. ماڻهو نه ٿيو جانور جو ٻچو ٿيو.“


ڪمري ۾ستل ننڍڙيءَ، روئڻ شروع ڪيو ته ماڻس سنيا کي فيڊر ۾ کير وجھي ڏنو، جيئن وڃي پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي کير پياري ته روئڻ کان بس ڪري. سنيا ڪمري ڏانهن کير کڻي هلي وئي. ماڻس آخري ماني تئي ۾ وڌي. ماني پچائيندي، کيس مڙس جا الڪا به اندر ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري رهيا هئا.

”تون ناهين پوءِ به هر ويلي تي تنهنجي ماني پچائيندي آهيان. تون ڪڏهن موٽندين؟ هاڻ ته اولاد جا سوال ته من کي رهڙي ٿا ڇڏن. کين سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. مِٽن مائٽن جا اجايا جملا ٻڌي دل ٻڏي ٿي وڃي. اوکي ويل، دل کي ٽيڪ ڏيڻ ته ٺهيو، رهندو هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڌاڙيلن سان مليل آهي. پئسي ميڙڻ جي چڪر ۾ ڦاٿو آهي. وڏو آيو آهي ديس جي خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ. چڱو ٿيو اٿس! الائي ڪهڙا ڪهڙا جملا، اندر ۾ ٿا وڍ وجھن.“

ماني گھڙي ڊرائنگ روم ۾ آئي ۽ سنيا کي چيائين؛ ”تون پڙهائي ڪر وڃي. مان ننڍڙيءَ کي ڏسان ٿي.“

سنيا هلي وئي. ننڍڙي ڌيءَ کي ڪڇ ۾ڪيائين ته سندس من ويهندو ويو. هن معصوم جو، پيءُ کانسواءِ، ڇا ٿيندو. سنيا ۽ روحل ته وري به وڏڙا آهن. هن معصوم کي ته خبر به ناهي ته سندس پيءُ ۽ گھر ڀاتي، ڪيڏي وڏي ڪرب مان پيا گذرن. ڌيءَ جي ڳل تي چمي ڏيندي ماضيءَ جا ورق اٿلڻ ٿا لڳن.

”تون ڪم ڪار تي ويندو هئين، شام لڙيءَ گھر موٽندو هئين ته اڪثر گھٽيءَ جي موڙ وٽ، هارون ڏيندو هئين ته مان سنيا کي چوندي هيس ته؛ پڻهي اچئي پيو. هوءَ مون ڏانهن نهاري چوندي هئي ته؛ توهان کي ڪيئن ٿي خبر پئي ته اها بابا جي گاڏي آهي امان! روڊ تي ٻيون به گاڏيون پيون هارون ڏيو گذرن.“

هن ڏانهن ڏسي رڳو مرڪندي هيس. تون ناهين ته پوءِ پئي ڪنايان ته اچڻ وارو آهين! اجھو هارن لڳو. پر ائين ڪو نه ٿو ٿئي. تو کي الائي ڪٿي لڪايو اٿن! اسان جو گھر ئي ڊانوانڊول ٿي ويو آهي.

ننڍڙيءَ کي ننڊ وٺي وئي ته کيس سمهاري ٻاهر نڪري آئي، جتي سنيا پڙهيو پئي. اتان ٿي بيڊ روم ۾ آئي ته مڙس جون سارون به ساڻ کنيو آئي. بيڊ تي آهلندي ئي پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي؛

تون ناهين ته در ديوارون، گھر جي هر شيءِ، اوپري ٿي لڳيم. ڏينهن ته جئين تئين ڪري گذري ٿو وڃي. رات اکين ۾ ٿي ڪٽجي. ڪنهن ٻڌايو آهي ته؛ جنهن کي کنڀي کڻندا آهن، انهن کي رات جو ئي ڇڏيندا آهن. جڏهن کان اهو ٻڌو اٿم رات اکين ۾ ٿي نبري. کڙڪي تي پئي ڪنايان ته تون ته ناهين. گھر ۾ پاليل ننڍڙن ننڍڙن پکين چهڪڻ گھٽائي ڇڏيو آهي. سندن ٻولين ۾ به درد ڀرجي ويو آهي. باغيچي ۾ گل ٻوٽا رات جي راڻي سڀ ڪومائجي ويا آهن. هر سُو اداسي آهي. اداسيءَ سان گڏ، گھر تي خوف جو راڄ آهي. هر فرد ڊنل آهي. زندگيءَ جو گذر ايڏو اهنجو ٿي پوندو، اهو ته ڪڏهن سوچيو به نه هئو.“

اکيون آليون ٿي پيس. ٽشو پير سان اگھندي، واش روم ۾ هلي وئي. هڪ ڏکارو گھرو سڏڪو واش روم ۾ گونجڻ چاهيو پر گونج کي گھٽو ڏئي ڇڏيائين، جيئن ٻڙڪ ٻاهر نه نڪري.

ڊور بيل وڳو. سنيا اٿي در کوليو ته روحل گهر ۾ داخل ٿيو. سنيا سندس چهري کي سواليه نشان سان ڏسندي رهي. پر خاموش رهي. ڀاءُ لاءِ فرج مان پاڻي کڻي آئي. گلاس ڀري روحل طرف وڌايائين ۽ پڇي ويٺي؛

”ادا ڪر خبر سڄو ڏينهن ڪاٿي لڳايئي؟ بابا سائين جي ڪا خبرچار.”

پريس ڪلب سامهون احتجاج هيو، سو اتي ئي هيس.“

”ڇا ٿيو؟

سنيا جي لهجي ۾تڪڙ ۽ لاچاري هئي.

”احتجاج ته ڀرپور هئو. کوڙ ماڻهو ۽ تنظيمن جا عهديدار ڪارڪن اچي گڏ ٿيا. سڀڪو پنهنجي پنهنجي کنڀي کنيل پيارن جون تصويرون کڻي اچي پهتو هئو. چيائون پئي ته بک ھڙتال ڪنداسين. ڏسون ته جدوجهد رنگ لائيندي الائي آهستي آهستي چپ ٿي ويندي.“

”ادا! اوهان سان گڏجي هلندس. احتجاج ۽ بکڙتال ۾ شامل ٿيندس.“

”نه ڀيڻ تنهنجي پڙهائيءَ ۾ رخنو ايندو.“

”ادا! بابا ئي ناهي ته پڙهي ڇا ڪنديس؟“

سندن ماءُ سنيا جو اهو جملو ٻڌي ورتو. ڊرائنگ روم ۾ ايندي چيو ته؛ ”ڇو ٿي ائين چوين ته پڙهي ڇا ڪنديس. مايوس نه ٿي. تو کي محنت ڪرڻي آهي. پڙهڻو آهي. هڪ ڏينهن تنهجو بابا سائين واپس ضرور ايندو. روحل پٽ، هٿ منهن ڌوئي وٺ ته ماني لڳايان.“

ماءُ ڏانهن روحل ڏسندي چيو؛ ”جي امان!“

روحل فريش ٿيڻ لاءِ واش روم هليو ويو.

کاڌي جي ٽيبل تي ماءُ سنيا ۽ روحل ماني پئي کاڌي ته روحل ماءُ کي مخاطب ٿيندي چيو؛

امان! ادي سنيا چئي ٿي ته احتجاج ۽ جلسن جلوسن بکڙتال ۾ پاڻ سان گڏ وٺي هل.“

ماءُ ورندي ڏنس ته؛ ”امتحان ڏئي وٺي! پوءِ سندس مرضي! تو سان ڀلي گڏجي هلي پر اسان سڀ گھر ڀاتي هلنداسين. پهريون پڙهائي پوري ڪري. سندس پيءُ جي به اها ئي خواهش هئي ته ڌيءُ پڙهي پئي.“

روحل چيو؛ ”امان صحيح ٿي چوي اول پڙهائي پوري ڪرڻي پوندئي.“

”ٺيڪ آهي! جيڪا اوهان جي مرضي.“

ماڻس چيس ته؛ ”آخري سال جو امتحان ٿي. محنت ڪر! الڪو نه ڪر! تنهنجو بابا اميد آهي ته هڪ ڏينهن سلامت موٽندو.“

ماني پوري ڪري، سڀڪو پنهنجي ڪمرن ڏانهن هليو ويو.

کاڌي جا ٿانوسهيڙيندي، سندس نظر، سامهون ڀت تي ٽنگيل مڙس جي وڏي تصوير تي پئي ۽ اکين جا بند ڀڄي پيس. ڪا دير تصوير کي ڏسندي رهي ته روحل جي ڪمري مان سڏڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيس. روحل جي ڪمري ۾ جهڙو ڊوڙندي آئي. دروازو بند ڪندي ڏٺائين ته روحل گوڏن ۾ منهن هنيون سڏڪين پئجي ويوهئو.

ڇا ٿيو پٽ؟”

امان! بابا سائين ياد ٿو اچي.”

مان صد قي وڃانءِ! دل نه لاهه تون ته منهنجو بهادر پٽ آهين نه روءُ.“

ماڻس ڀاڪر ۾ ڪيس ته ويتر اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.

تون روئندين ته ڀيڻ سنيا به اچي ڪمري ۾ پهچندي. ماٺ ڪر! منهنجا سهڻا ٻچا.”

روئي روئي رحل جو من هلڪو ٿيو ته ماٺ ڪيائين. ماءُ کيس سمهاري ڪمري کان ٻاهر نڪتي ۽ پنهنجي بيڊ روم طرف آئي. سندس ڳلن تي ڳوڙهن جي آلاڻ هئي. دل ملول هيس. پلنگ تي آهلندي وڌيڪ الڪن ۾ اچي وئي. سوچڻ لڳي؛

”تون ناهين ته ٻار به دل لاهي ويٺا آهن. اکين ۽ من ۾ ويراني آهي. تون هوندي هئين ته تنهنجا دوست ايندا هئا. مهمانن جي خدمت ڪندي، دل باغ بهار ٿيندي هئي. تون ناهين ته گھر ۾ ڪو مهمان ئي ڪو نه ٿو اچي. بس ڀتين تي ڪانون جي ڪان ڪان آهي. ٻيو مڙئي خير. تون گھر جو ڊور بيل وڄائيندو هئين ته سمجھي ويندي هيس ته تون آهين. تو ۾ ساهه آهي، منهنجو ساهه. تون ڪڏهن ايندين؟ گھر جي ڊرائنگ روم ۾سنڌ جي نقشي جي وڏي تصوير، تنهنجي هٿن جي لڳل آهي. صبح جو ڏيهاڙي ان نقشي کي پيو ڏسندو هئين. پڇندي هئيمانءِ ته؛ ان ۾ ڇا ٿو ڳولهين. چوندو هئين؛ پنهنجي وطن کي پيو ڏسان. تون ناهين ته مان ان نقشي کي پئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسندي آهيان. تنهجي آسيس ايندي اٿم. واقعي ان نقشي ۾ وڏي ڪشش آهي. مان پاڻ هرتو ان ڏانهن ڇڪجي ٿي وڃان. ڪٿي ان جي پاداش ۾ ته ڪو نه تو کي کڻي ويا آهن. سنيا، امتحان ڏئي پورو ڪري ته اسان سڀ گھر ڀاتي شهر شهر، چوڪ چوڪ، پريس ڪلب، هر جاءِ احتجاج ڪنداسين، تنهنجي آزاديءَ کي ممڪن بڻائينداسين.“

وقت ويو گذرندو پر هو ڪو نه موٽيو، سو ڪو نه موٽيو. سنيا، خوشي خوشي گھر موٽي. هوءَ پهرين پوزيشن ۾ پاس ٿي هئي. گھر ۾ آئي ته سڀ گھر ڀاتي خوشيءَ ۾ روئڻ لڳا.

سنيا چيو؛ ”امان! بابا ڏاڍو ٿو ياد اچي. هجي ها ته ڪيڏو نه خوش ٿئي ها. قيمتي تحفو وٺي ڏئي ها. اسان سڀن گھر ڀاتين کي وڏي هوٽل تي وٺي هلي ڊنر ڪرائي ها. پر مون کي ڪجھ به نه کپي، بس بابا سائين سلامت موٽي اچي.“

ماءُ ڀاڪر ۾ ڪيس سڏڪا هئا. لفظ نه هئا ڳالهائڻ لاءِ جملا نه هئا. ڪا دير گھر ۾ ڏک جي لهر ڊوڙيل هئي. وري به ماءُ کي ئي ٻچن کي سنڀالڻو پيو. دلاسو ڏيڻو پيو. پرچائي سڀني کي ماٺ ڪرايائين.

اهو ڏينهن به آيو جو سڀني گھر ڀاتين کي هٿن ۾ هن جي تصوير هئي ۽ جاءِ بجاءِ احتجاج ۾ شامل هئا. ڪيترن سالن کان باشعور ماڻهو کنڀجي ويا آهن. ڪڏهن موٽندا؟ ڪا خبر ناهي. سندن گھر-ڀاتي ورديءَ وارن جي گھيري ۾ احتجاج ڪن ٿا. بکڙتال ڪن ٿا. عورتن ۽ مردن سان ورديءَ وارن جون جھڙپون ٿين ٿيون. احتجاج هلندڙ آهي.

رات جو پويون پهر آهي. هوءَ جاڳي رهي آهي. سندس اکين ۾ ننڊ ناهي. پئي ٿي ڪنائي ته ڪيڏي مهل ٿي ڊور بيل وڄي ۽ روحل جو پيءُ مرڪندو گھر ۾ داخل ٿئي.

No comments:

Post a Comment