Tuesday, August 4, 2020

ساڳيو ڪم

ساڳيو ڪم

ننڍڙي ڪھاڻي

جبار آزاد منگي


اڙي بي حيا! ................. خبر ٻڌي اٿم ته تون شهر وڃي ڀڙوت جو ڌنڌو شروع ڪيو آهي؟“ ڳوٺ جي وڏيري، ڪراچيءَ کان آيل ڳوٺ جي هڪ نوجوان کي اوطاق تي گهرائي چيو.

”وڏيرا سائين! بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري........ نوڪري لاءِ لکين روپيا نه هيا، جيڪي اوهان کي ڏئي نوڪري وٺان ها! سو نوڪري ملڻ جو آسرو پليو. ڪاپي ڪري گريجوئيٽ جو ڪيم! پڙهيل پاڻ کي سمجهندي مزدوري کي عيب سمجهيم! ڀوتار! هاڻي ته هن ڌنڌي ۾ ماهر ٿي ويو آهيان، مون وارو ڌنڌو بنا سيڙپ جي منافعي وارو ڌنڌو آهي.“ نوجوان وڏيري کي پنهنجي صفائي ۾ ورندي ڏني.


”ان جو مطلب اهيو ٿيو ته بک کان ڀڙوو ٿيو آهين؟ يعني تنهنجو نالو ’بکيو ڀڙوو ٿيو! ۽ ٻڌ ڀڙون لاءِ منهنجي هن ڳوٺ ۾ رهڻ لاءِ ڪا به جاءِ ناهي....... هيئنر جو هيئنر ڳوٺ مان هليو وڃ.“ وڏيري حڪم ڏيندي نوجوان کي چيو.

وڏيري جي موبائل فون وڄي ٿي. هو فون جي اسڪرين تي نظر وجهي ۽ ڀر سان بيٺل پنهنجي نوڪر کي چوي ٿو؛ ”پاڻ واري يار .......... بالا آفيسر جي فون آهي.“

وڏيرو فون اٽينڊ ڪري ٿو.

”هيلو........ وعليڪم سلام........ خوش خير عافيت............؟ اڇا!! سڀاڻي اوهان اچو پيا... واھ واھ ......سڀاڻي شام جو منهنجا مهمان آهيو؟......... ها ها اوهان ڪنهن به قسم جي ڳڻتي نه ڪريو!......... يارن لاءِ سِرُ به حاضر آهي........... اڳ وانگيان هر ڪم اوهان جي پسند  جي موجب هوندو.......... ٺيڪ آهي ........ نڪرو ته رابطو ڪجو....... مهرباني سائين لک احسان.“

وڏيرو فون بند ڪري، نوڪر کي چيو؛ ”........... مون وارو جگري يار بالا آفيسر سڀاڻي مهمان آهي، بندوبست اڳ جيان هجي، هي وٺ فون ۽ گلشن جو نمبر لڳاءِ!“

وڏيري نوڪر کي فون ڏني.

نوڪر نمبر ڊائل ڪري، ڪن-فون کي ڪن تي رکي، ويندڙ ٽون جو آواز ٻڌي، وڏيري کي ڏيندي چيو؛ ”سائين گلشن ڏي رنگ وڃي ٿي.“

وڏيرو نوڪر کان فون وٺي ڳالهائي ٿو......... ”سلام عليڪم......... ها خوش...........ٻڌ! ..........صاحب سڀاڻي اچي پيو، ٻئي ڏينهن موڪل وارا، منهنجو مهمان آهي........... ها ها .......... ٻه هجن....... سمجهين وئين نه؟......... ها پر جي نئون مال هجي ته واھ واھ.......... رقم منهنجي، زبان تنهنجي..............بس رڳو مون وارو دوست، اڳي جيان خوش ٿي وڃي........ هن جي عادتن جي ته تو کي اڳ ئي خبر آهي! بابا سمجهين  ته سڀ ڪجھ ٿو، زماني جو ماڻهو آهين! ......... اسان جا ڪم به انهن آفيسرن ۾ ئي آهن.........ها ها ٻڌ! جي پيئڻ واريون هجن ته منڊيءَ تي ٽِڪَ.......... ها سڀاڻي شام جو.”

وڏيرو فون بند ڪري ڳوٺ جي نوجوان کي ڪاوڙ وچان چوي ٿو؛ ”ٻڌ! بکيا ڀڙوا! ٽر اکين اڳيان! هن وقت ئي منهنجي  ڳوٺ مان هليو وڃ! نه ته اهڙو بڇڙو ڪندوسانءِ، جو ست ئي پيڙهيون ياد ايندئي.”

نوجوان هڪ نظر ڳوٺ جي وڏيري تي وجهي ٿو ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪندي چوي ٿو؛ ”مان ٿيس بکيو ڀڙوو! ۽ هي صاحب ٿيو وري  ’سکيو سپلائير‘ نالو تبديل، ڪم ساڳيو.“ ۽ نوجوان اوطاق مان نڪري وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment