Friday, August 21, 2020

هُو پين موٽائي نه سگهيو

هُو پين موٽائي نه سگهيو!

ڪورونا جي ڏينهَنِ جي هڪ ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


فياض صدر واري علائقي ۾، ريگل چوڪ ڀرسان ڪمپيوٽر مارڪيٽ واري عمارت جي پهرين ماڙ تي، ڪمپيوٽر ٺاهيندڙ جي دڪان تي بيٺو هو. هڪ نوجوان سندس ليپ ٽاپ جي بيٽري ۽ چارجر چيڪ ڪري رهيو هو.

شام جو پهر هو. بند مارڪيٽ ۾ ماڻهن جي پيهه هئي. ڪي پراڻا ليپ ٽاپ ٺهرائي رهيا هئا، ته ڪي نوان ڊيسڪ ٽاپ وٺي رهيا هئا. ڪو استعمال ٿيل ڪمپيوٽر خريدي رهيو هو ته، ڪنهن کي ڪا ٻي شيءِ گهربي هئي. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رُڌل هو. اهڙي ماحول ۾، فياض جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. اوچتو سندس ڪنن تي، ڀرسان کان هڪ آواز پيو: ”بيٽا پين لي لين....“


هن مُڙي ڏٺو ته اڇي ڏاڙهي، اڇي مٿي، ڀوري رنگ ۽ ويڪري مُنهن وارو پنجونجاهه سٺ سالن جي عمر جو هڪ شخص، جنهن کي اڇي شلوار قميص پاتل ۽ ڳچيءَ ۾ رومال ويڙهيل هيو، اهو هن ڏانهن هڪ پين وڌائي بيٺو هو. ان شخص جي اکين جي بيوسي ۽ چهري جي پيڙا هن کي ڌوڏي ويئي.  

فياض ان عمر رسيده شخص جي چهري ۽ هٿ ۾ پڪڙيل پين کي سڪتي واري انداز ۾، واري واري سان ڏسي، سوچن ۾ گم ٿي ويو. هيءُ پنهنجن خيالن مان تڏهن واپس آيو، جڏهن ان بزرگ کيس وري چيو: ”بيٽا، يه پين لي لو... چار مهيني سي ڪورونا کي وجه سي روزگار نهين هي.... چار بچي هين... ايڪ سؤ روپيا دي دين....“

درد فياض جي دل ۾ لهي ويو....

هن سڪتي مان، سيڪنڊن ۾ واپس اچي، پنهنجي پينٽ مان واليٽ ڪڍي، هڪ لمحي لاءِ ان ۾ پيل پُورن آندل پئسن کي ڏسي، انهن مان سؤ رپيا ڪڍي، ڪراڙي کي ڏيئي، کانئس آهستي آهستي ڪري پين ورتي.

فياض هڪ مجبور، بيروزگار جي آڇيل پين ڪيئن ٿي موٽائي سگهيو، جيڪا هن جي اندر جي اظهار ۽ ٻچڙن جي لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجندي آهي!

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment