هُو پين موٽائي نه
سگهيو!
ڪورونا جي ڏينهَنِ جي هڪ
ننڍڙي ڪهاڻي
انور ابڙو
فياض صدر واري
علائقي ۾، ريگل چوڪ ڀرسان ڪمپيوٽر مارڪيٽ واري عمارت جي پهرين ماڙ تي، ڪمپيوٽر ٺاهيندڙ
جي دڪان تي بيٺو هو. هڪ نوجوان سندس ليپ ٽاپ جي بيٽري ۽ چارجر چيڪ ڪري رهيو هو.
شام جو پهر هو. بند
مارڪيٽ ۾ ماڻهن جي پيهه هئي. ڪي پراڻا ليپ ٽاپ ٺهرائي رهيا هئا، ته ڪي نوان ڊيسڪ ٽاپ
وٺي رهيا هئا. ڪو استعمال ٿيل ڪمپيوٽر خريدي رهيو هو ته، ڪنهن کي ڪا ٻي شيءِ گهربي
هئي. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رُڌل هو. اهڙي ماحول ۾، فياض جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو.
اوچتو سندس ڪنن تي، ڀرسان کان هڪ آواز پيو: ”بيٽا پين لي لين....“
