Sunday, August 9, 2020

لفافو

لفافو

ننڍڙي ڪھاڻي

عبدالغني شر


آفيس ۾ جڏهن به صاحب جي ميٽنگ ٿيندي ھئي ته خادم تي ڄڻ شامت نازل ٿي ويندي ھئي. صاحب هن کي ڏسندي ئي گارين جا ڌوڙيا لائي ڏيندو هو! چوندو هئس؛

”ڪميڻا! بيحيا! بيشرم! نه شرم تو کي، نه مونکي. اچي غريبن سان ٿو ظلم ڪرين. ڪالهه ڪيترو سمجھايو اٿم، پر تون مڙڻ واري ٻُوٽي ناهين. ڪجھ خدا جو ڀؤ ڪر! سڀاڻي مري مٽيءَ ۾ وڃڻو اٿئي! ڇو ٿو پنهنجي آخرت وڃائين!؟ ٻڌاءِ تنهنجي منهن تي ڪهڙو تئو مليان! هڪ ڀيرو تو کي نوڪريءَ تان برطرف ڪيم. تو کي ڪورٽ بحال ڪيو. پر ھاڻ اهڙا قلم هڻندس جو سڄي زندگي پني گذارو ڪندين! ۽ تو کي ڪورٽ سڳوري به بحال نه ڪندي.“


خادم هر ميٽنگ ۾، وڏي صاحب جا اهڙا دڙڪا داٻا ٻڌي، نيٺ پاڻ کي بدلايو. سوچڻ لڳو؛ ”جيڪو ٿيو سو ٿيو. پر هاڻي اڳتي اهڙو ڪو به غلط عمل نه ڪندس، جنهنڪري وري پنهنجي ٻچن جي روزي وڃايان!“

ڪجهه ڏينهن بعد، سڀ ڪجھ ڇڏي، پنهنجي آفيس ۾ بلڪل سچائيءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي پاڻ کي پُرسڪون محسوس ڪرڻ لڳو. چند هفتن کانپوءِ ٻيهر وڏي صاحب جي ميٽنگ شروع ٿي. صاحب هن کي ڏسندي ئي اُھا ٻولي ڳالهائڻ لڳو، جيڪا اڳ ڳالهائيندو هو! هونئن ته صاحب جا دڙڪا دهمان ڀت بنجي ٻڌندو هو پر هن ڀيري ڊڄندي ڏڪندي هوريان هوريان چوڻ لڳو؛

”سر! سچ پڇو ته مون توهان جي چوڻ تي عمل ڪندي، سڀ غلط ڪم ڇڏي ڏنا آھن. هاڻي سچائيءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري رهيو آھيان.“

صاحب، هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، وري دڙڪا ڏيندي چوڻ لڳو؛ ”چپ ڪر دلا! آئون تو کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ته تون ڪيترو سچو آھين، پنهنجي ڪم سان!“

صاحب جو اهڙو جواب ٻڌي، روئڻهارڪو ٿي ويو. سڄو ڏينهن آفيس ۾ ڪم ڪندي، سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رهيو. صاحب جي رويي جي ڪري، مسلسل ذهني بيماريءَ جو شڪار ٿي ويو ھو.

هڪ ڀيرو، پاڻ کي مارڻ جو ارادو ڪري ورتائين. پر شام جو ڊيوٽيءَ کان گهر ايندي پنهنجي ڪُراڙي والده ۽ ٻچڙن جو سوچي، اهڙي عمل کان پاڻُ روڪي ورتائين.

کيس ڪجھ به سمجھ ۾ نه اچي رهيو هو، ته ڇا ڪجي؟؟ وڏي صاحب کي ڪيئن مطمئن ڪجي؟؟ مسلسل پريشان، مايوس ۽ اداس هئڻ ڪري، آفيس ۾ ويٺل هڪ پراڻي ساٿيءَ پڇيس؛ ”ڇو پريشان آھين؟!“ جيستائين ھن کان ڪو جواب اُڪلي، ھن وڌيڪ ڳالهائيندي چيس؛ ”پريشان نه ٿيءُ! تنهنجي مسئلي جو حل آھي!“

پنهنجي ساٿيءَ جا آٿت ڀريا جملا ٻڌي، هڪدم دل ۽ دماغ جو بار هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو. مسڪرائيندي چوڻ لڳس؛ ”ٻڌاءِ! منهنجي پريشانيءَ جو تو وٽ ڪهڙو حل آھي؟“

دوست چيس؛ ”جڏھن به صاحب ميٽنگ شروع ڪري، انهيءَ کان پهرين هٿ ڏيڻ جي بهاني، صاحب جي ڀرسان لفافو رکي اچجانءِ. سمجھ تنهنجو مسئلو حل ٿي ويو! مون کي پوري پڪ آھي، صاحب تو کي ڪجھ نه چوندو!“

خادم وري اداس ٿيندي، پنهنجي دوست کي چوڻ لڳو؛ ”يار مون کان ائين نه ٿي سگهندو!؟؟ ڇو ته هاڻي آئون ايمانداريءَ سان پنهنجو ڪم ڪري رهيو آھيان.“

هن جي دوست ڳالھ ڪٽيندي، سمجھائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳس؛ ”ادا! ايتري به ايمانداري ڪو نه هلندي، جهڙي تون ڏيکارين پيو! حالتن سان سمجھوتو لازمي آھي.“

نيٺ خادم، دوست جي صلاح سان سهمت ٿيو. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، جيئن تيئن ڪري، پنهنجا پراوا پئسا هٿ ڪري ورتائين. چند ڏينهن بعد جيئن وڏي صاحب جي ميٽنگ شروع ٿي ته هٿ ڏيڻ بهاني، ڏڪندڙ هٿن سان، صاحب جي ڀرسان لفافو رکي آيو!

ٿوري دير بعد جيئن ئي صاحب جي ميٽنگ شروع ٿي ته صاحب خادم کي ڏسندي مسڪرائيندي چوڻ لڳو؛ ”خادم! تنهنجي ڪم مان، هاڻي آئون مطمئن آھيان. اڳتي ائين ئي ڪم ڪندو رھ!”

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار۾ ۱۸ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment