Saturday, August 8, 2020

محمد علي پٺاڻ جي ترجمو ٿيل اردو ڪتاب "تیسرا لباس" تي هڪ نظر

محمد علي پٺاڻ جي ترجمو ٿيل اردو ڪتاب "تیسرا لباس" تي هڪ نظر

زرار پيرزادو


سنڌي ادب ۾ ٻين ٻولين جي ادب کي ترجمو ڪري متعارف ڪرائڻ ۽ ان جي نون لاڙن کان واقف ڪرائڻ وارو سلسلو مرزا قليچ بيگ واري آڳاٽي دور کان هلي رهيو آهي.

پر هاڻي سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي سنڌي ليکڪن ۽ سندن فني شهپارن کي ٻين ٻولين جي ادبي حلقن ۽ عام ماڻهن ۾ متعارف ڪرائڻ واري ضرورت کي شدت مان محسوس ڪيو پيو وڃي.


جيتوڻيڪ اسي جي ڏهاڪي کان سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ جا بنياد پيا پر اهو ڪم بهرحال پوءِ به گهربل رفتار سان نه ٿي سگهيو آهي.

ڏسجي ته سنڌي ادب جي حقيقي خدمت به اِها ئي آهي ته ان کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري ٻين ٻولين جي ماڻهن کي سنڌي ادب ۽ ان جا ليکڪ پڙهايا وڃن.

سنڌي ادب جي اهڙي حقيقي خدمت جو تازو مثال اردو افسانن جو ڪتاب ”تيسرا لباس“ آهي جيڪو سنڌي ٻولي جي نامياري ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جي ايوارڊ يافته ڪهاڻين جي مجموعي ”ميندي لهڻ کان اڳ ۾“ جو ترجمو آهي جيڪو اڄ جي بهترين مترجم ننگر چنا جي محنت جو نتيجو آهي.

ان کان اڳ محمد علي پٺاڻ جي شاعري جو هڪ ٻئي سٺي مترجم ڄام جماليءَ انگريزي ۾ ترجمو ڪري چُڪو آهي ۽ ڪوتا ناول ”مسافتون ياد جون“ جو پڻ ننگر چنا اردو ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي. جيستائين محمد علي پٺاڻ جو ڪتاب ”تيسرا لباس“ ماڻهن جي هٿن تائين پهچي، تيستائين رپورٽن موجب سندس چوٿين ڪتاب ”دنيا کان اڳتي“ جو پڻ ننگر چنا اردو ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي جيڪو گذريل هفتي پيڪاڪ پرنٽرس طرفان پڻ ڇپجي چڪو آهي.

محمد علي پٺاڻ جو ايوارڊ يافته سنڌي ڪتاب ”ميندي لهڻ کان اڳ ۾“ واقعي به ترجمي جو حقدار هو. هن ڪتاب ۾ افسانن جي موضوعن توڙي ان جي ٽيڪنيڪ ۾ جيڪي نوان تجربا ڪيا ويا آهن، نوان لاڙا ڏنا ويا آهن، سي اردو ادب کي بلڪل به پڙهائڻ جهڙا ۽ اها دعويٰ ڪرڻ جهڙا آهن ته ”ڀيٽ ڪيو ته به ڪنداسين“.

ڪهاڻي برابر سماج مان کنئي ويندي آهي پر ان کي لفظن جي فلم بڻائي ڏيکارڻ بيحد اوکو آرٽ آهي پر محمد علي پٺاڻ جيئن ته هڪ ڊراما نگار به آهي تنهن ڪري کيس ڪهاڻي ٺاهڻ ۽ ڪردارن وسيلي انهن کي پنهنجي ٽوڙ تائين پهچائڻ جو ڀرپور ڏانءُ آهي.

هن جي افسانن جا ڪي موضوع ته بنهه نوان ۽ ڇرڪائيندڙ آهن مثال طور ”ايڪ گدهي ڪي موت“ جنهن ۾ گڏهه کي ڪارو ڪري ماريو وڃي ٿو. ماڻهن تي ته ڪارو ڪاري جو الزام لڳندو رهندو آهي پر گڏهه کي ”ڪارو“ ڪري مارڻ وارو موضوع نئون آهي جيڪو بقول محمد علي پٺاڻ جي ته اسان جي سماج ۾ نئين ناسور طور متعارف ٿيو آهي.

هن ڪتاب اندر ڪاروڪاري جي موضوع تي چار پنج ڪهاڻيون ملن ٿيون جن ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪئين نه ڪارو ڪاري جي اوٽ ۾ سماجي ۽ اخلاقي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي. اهڙن افسانن ۾ ”تازه قبر“ ته سيسراٽي ڪڍي ڇڏڻ وارو افسانو آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان کي عورت جي قبر تي سکڻي فاتحه پڙهڻ تي مرحومه سان ڪارو جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سڱ چٽي جي ڪڌي رسم کي هٿي ڏيڻ واري رواج کي ننديو وڃي ٿو.

”ميندي اترني سي پهلي“ وارو افسانو هڪ اهڙي نئين ڪنوار جي المياتي ڪهاڻي آهي جيڪا مڙس جي ظالم پيءُ جي انفرادي رويي سبب پنهنجي ازدواجي زندگي کي ميندي لهڻ کان اڳ ئي برباد ٿيندي ڏسي به ٿي ۽ ڀوڳي به ٿي.

هن ڪتاب ۾ مختصر افسانا به ڏنل آهن. مثال طور ”واردات“ تقريبن هڪ صفحي جو افسانو آهي پر پنهنجي جوهر ۾ بيحد طاقتور افسانو آهي ۽ ان جو ڪلائيمڪس حقيقي معنيٰ ۾ مثالي ۽ يادگار ڪلائيميڪس مان هڪ آهي.

مختصر افسانن ۾ ”چادر“ به دلچسپ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ سسپينس موجود آهي. افسانو ”آخري وين“ به پڙهندڙ کي آخر تائين پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿو.

نون تجربن مان هڪ تجربو سندس افسانو ”عڪس“ به آهي جيڪو سڄو ڊائلاگ تي ٻڌل آهي. ڊائلاگ واري افساني جو تجربو يقينن ڪو ڊراما نگار ئي ڪري سگهي ٿو.

افسانو ”تبهي بهادر اور سورما ڪهلائوگي“ ڀٽائي جي فلسفي ۽ ان تي ٿيندڙ ڪم جي حوالي سان هڪ نئون تجرباتي موضوع ته آهي ئي آهي پر ان ۾ ڀٽائي جي ڪردار کي تصوراتي نموني اڄ جي دور ۾ زندهه روپ ۾ ڏيکاري پڙهندڙن کي اهڙي جادوئي سحر ۾ وڪوڙيو ويو آهي جنهن مان نڪرندي ڏينهن لڳي وڃن ٿا.

جون ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب اندر ۲۵ افسانا شامل آهن يعني ۲۵ موضوعن انهن جي ماحول، ڪردارن ۽ انهن جي مختلف ٻولي تي طبع آزمائي ڪئي وئي آهي، جيڪا بقول ڊاڪٽر شير مهراڻي جي ته ڪو ”سوشل سائينٽسٽ“ ئي ڪري سگهي ٿو، ائين هن محمد علي کي ”سوشل سائنٽسٽ“ جو لقب پڻ پنهنجي ليک ذريعي ڏنو آهي.

سنڌي مان ترجمو ٿيل هي اردو ڪتاب اڪيڊمي ادبيات جي سهڪار سان ملتان جي انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اينڊ ريسرچ جي اداري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن عمل کي اسان اردو ادب ۾ سنڌي ادب ۽ ان جي ليکڪن کي متعارف ڪرائڻ جي انتهائي باوقار ۽ اهم اڳڀرائي سمجهون ٿا.

هاڻي جڏهن محمد علي پٺاڻ جون ادبي تخليقون ٻين ٻولين جي اديبن ۽ نقادن وٽ ترجمو ٿي پڙهڻ لاءِ دستياب آهن ته اُهي انهن کي پڙهي بيحد سرهائي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

فخر زمان، ناميارو اديب جيڪو اڪيڊمي ادبيات جو پ پ دور ۾ ٻه دفعا چيئرمين رهي چڪو آهي تنهن ڪتاب ۾ بيڪ ٽائيٽل تي لکيو آهي ته ”محمد علي پٺاڻ جي افسانن مان رڳو سنڌي ثقافت نٿي جهلڪي پر معاشري جي حقيقت نگاري به ملي ٿي، ان جا افسانا، زمين سان جڙيل آهن ۽ زمين جي خوشبو سندس هر لفظ مان ملي ٿي“.

فخر زمان اردو ۾ محمد علي پٺاڻ جا افسانا پڙهي اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته ”هن جي افسانن، ادب ۾ نئين اسلوب کي جنم ڏنو آهي. هن خواهش ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز کي محمد علي پٺاڻ جا اهي ڪتاب خريد ڪري پنهنجي لائبريري ۾ رکڻ گهرجي ۽ محمد علي پٺاڻ کي اهو اردو ڪتاب اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ پڻ موڪلڻ گهرجي.

هوڏانهن سرائيڪي ٻولي جي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ محقق محمد حفيظ خان جيڪو سيشن جج جي عهدي تي پڻ فائض آهي تنهن لکيو آهي ته محمد علي پٺاڻ ان لحاظ کان به خوشقسمت آهي جو کيس ننگر چنا جهڙو ڪهنه مشق مترجم مليو آهي جنهن ترجمي سان مڪمل انصاف ڪيو آهي.

ايئن مشهور شاعر ۽ نامياري ٽي وي ڊراما رائيٽر امجد اسلام امجد، محمد علي پٺاڻ جي ترجمي ٿيل ڪوتا ناول ”مسافتين ياد ڪي“ تي ان سري هيٺ يادگار نوٽ لکيو هو ته ”اهي چراغ ئي ٻرندا ته روشني ٿيندي“.

ايئن اردو ۽ سرائيڪي ادب جي انهن ناميارن اديبن سنڌي ٻولي جي اديب جي ڪتابن کي اردو ٻولي جو ويس ڏيڻ واري عمل کي وڏو ڀاڪر پائي ان کي ڀليڪار ڪيو آهي جيڪو انهن ڪتابن جي مقصد جي وڏي حاصلات ۽ ڪاميابي آهي.

ان ڪامياب تجربي کي ڏسندي جيڪڏهن وفاقي حڪومت چئن ئي صوبن جي ٻولين جي ادب جي ترجمي لاءِ ڪو مستقل ”ٽرانسليشن بيورو“ قائم ڪري ته اهو ترجمي وارو ادب يقيني طور تي چئن ئي صوبن جي اديبن ۽ عوام کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ دنيا ۾ به پاڪستاني ادب کي متعارف ڪرائڻ جو هڪ دڳ کلي سگهي ٿو پوءِ هتان جا اديب، دنيا جا وڏا وڏا ادبي ايوارڊ ماڻڻ جا حقدار به ٿي سگهن ٿا.

سنڌ ۾ اهڙي ”ٽرانسليشن بيورو“ جو يادگار ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مئڊم مهتاب اڪبر راشديءَ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو هو جيڪو يڪ راءِ سان منظور ٿيو هو. ٽرانسليشن بيورو قائم ڪرڻ بابت ٻيو ڀيرو به اهو ٺهراءُ اسيمبلي مان منظور ٿي چڪو آهي.

پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پوءِ به هيل تائين ان ٽرانسليشن بيورو جي پاس ٿيل ٺهراءُ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ئي ناهي ڪيو ويو، جنهن تي افسوس سان گڏ حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment