Showing posts with label محمد علي پٺاڻ، زرار پيرزادو، تیسرا لباس،. Show all posts
Showing posts with label محمد علي پٺاڻ، زرار پيرزادو، تیسرا لباس،. Show all posts

Saturday, August 8, 2020

محمد علي پٺاڻ جي ترجمو ٿيل اردو ڪتاب "تیسرا لباس" تي هڪ نظر

محمد علي پٺاڻ جي ترجمو ٿيل اردو ڪتاب "تیسرا لباس" تي هڪ نظر

زرار پيرزادو

سنڌي ادب ۾ ٻين ٻولين جي ادب کي ترجمو ڪري متعارف ڪرائڻ ۽ ان جي نون لاڙن کان واقف ڪرائڻ وارو سلسلو مرزا قليچ بيگ واري آڳاٽي دور کان هلي رهيو آهي.

پر هاڻي سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي سنڌي ليکڪن ۽ سندن فني شهپارن کي ٻين ٻولين جي ادبي حلقن ۽ عام ماڻهن ۾ متعارف ڪرائڻ واري ضرورت کي شدت مان محسوس ڪيو پيو وڃي.