Thursday, August 20, 2020

داغ دھلوي ۽ مھمان

داغ دھلوي ۽ مھمان

ننڍڙي ڪھاڻي

ھمير گاد


داغ دھلوي (نواب مرزا خان) نماز پڙھي رهيو هو ته هڪ صاحب ان سان ملڻ آيو. هن کي نماز ۾ مشغول ڏسي، واپس هليو ويو. ان وقت داغ سلام ورايو. ملازم چيو: ”فلاڻو صاحب آيو هو ۽ واپس هليو ويو.“

داغ چيس: ”ڊوڙندو وڃ! ھو اڃا رستي ۾ ھوندو.“

ملازم ڊوڙندو ويو ۽ ان صاحب کي واپس وٺي آيو.

داغ ان صاحب کان پڇيو ته: ”اوھان اچي، واپس ڇو ھليا ويا.؟“

هو چوڻ لڳو: ”اوهان نماز پڙھي رهيا هئا ان جي ڪري آئون هليو ويس.“

داغ يڪدم چيس: ”حضرت! آئون نماز پڙھي رهيو هيس، لاحول ته ڪو نه پڙھي رهيو هيس جو توهان ڀڄي ويئو.“


(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۲۰ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment