Wednesday, August 19, 2020

پيءُ ننڍو، پٽ وڏو!؟

پيءُ ننڍو، پٽ وڏو!؟

ننڍڙي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي


”يار سليم، اِها چوڻي ته ٻڌي هوندئي. چوندا آهن نه ته، ننڍڙا ڪوئا هليا آهن، وڏن جا ڪن ڪترڻ“! سليم، سلام ورائڻ کان پوءِ اسان ويٺلن سان هٿ ملائي ويٺو ته، ڪنهن به ساڻس خير عافيت ته ڪا نه ڪئي اٽلو حفيظ کانئس سوال ڪري ويٺو.

”ها. اهڙي ڪا چوڻي آهي ته سهي.“ سليم وراڻيو.

وسائي مٿان چيو؛ ”ان ۾ پيءُ جي ننڍي هجڻ ۽ پٽ جي وڏي ٿيڻ واري ڳالھ کي، ڪيئن مڃجي؟“


”منهنجا مٺڙا. جيڪڏهن ننڍڙا ڪوئا، وڏن جا ڪن ڪتري سگهن ٿا، ته پوءِ پيءُ ننڍو ۽ پٽ به وڏو ٿي سگهي ٿو.“ احسان شرارتي انداز ۾ چيو.

سڀني ويٺلن کان کِل نڪري وئي. پر اها کِل، خير محمد کي ڪا نه وڻي. ان تي حفيظ کان ڪاوڙ گاڏڙ سوال ڪيائين؛ ”اها ڳجهارت سَر به ڪندين يا...؟!“

”ها، ها. ڇو نه؟“ حفيظ هائوڪار ڪندي، سليم ڏانهن نهاري چوڻ لڳو؛ ”سليم سان به حالي حوالي ٿيڻو آهي. تنهنڪري پهرين اوهان کي ٻڌائي وٺان....“

ٿوري ساهي کان پوءِ حفيظ، وري ڳالهايو؛ ”منهنجي عمر، اٽڪل چوٽيهه سال ۽ منهنجو پٽ وڌ ۾ وڌ چئن يا ساڍن چئن سالن جو ٿيندو. اسين ٻئي پيءُ پٽ، ويٺل ته گڏ هئاسين، پر ڄڻ ته هڪٻئي کي پٺيرا هئاسين. آئون پنهنجي سوچن ۾ ۽ هو پنهنجي ڪرت ۾ هو.“

اسان سڀ ائين چُپ هئاسين، جيئن ڀتيون ماٺ هونديون آهن.“ حفيظ پنهنجي ڳالهه روان رکي؛ ”مون اوچتو منهنجي پٽ کي ڏٺو. سندس ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر وات ۾ هئس. چتائي ڏٺم ته خبر پئي، هو ڏندن سان نُهن لاهي رهيو هو. چيومانس؛ ’بابا! ائين نه ڪر، سور ٿيندئي.‘ مون کي منهنجي پٽ جواب ڏنو؛ ’بابا! منهنجا ننهن وڏا ٿي ويا آهن.‘“

سليم کي هلندڙ بحث جي ڪا خاص خبر ڪا نه پئجي سگهي. شايد ان ڪري ئي بوريت محسوس ڪرائڻ لڳو هو. پر اسان سڀ حفيظ کي، دلچسپيءَ سان ٻڌي رهيا هئاسين. پٽ سان ٿيل گفتگو ٻڌائيندي ھن چيو؛ ”مون پٽ کي چيو؛ ’بابا! نُهن ائين ته ڪو نه لاهبا آهن. تنھن تي پٽ وراڻيو؛ ’ته پوءِ تون لاهه نه.‘ چيومانس؛ ’تنهنجو چاچو اچي، ان کي چئجان ته هو پاڻهين تنهنجا نُهن لاهيندو.‘“

حفيظ ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي وڌيڪ ٻڌايو؛ ”مون کيس چاچس لاءِ چيو ته هو پڇڻ لڳو؛ ’ڇو تون نه ٿو لاهين؟‘ مون کلي، نٽائيندي چيس؛ ’اڙي بابا! آئون پنهنجا نُهن به الائي ڪيئن لاهيندو آهيان. تون چاچهين کي چئجانءِ ۽ اهو لاهي ڇڏيندو.‘ منهنجي پٽ بيزار ٿيندي سوال ڪيو؛ ’پر تون ڇو نه ٿو لاهين؟‘ ۽ مون وري به نٽايو؛ ’مون کان ڪو نه لهندا.‘“

اسان سمورن ٻڌو پئي، حفيظ اسان کان سوال پڇندي چوڻ لڳو؛ ”خبر اٿو؟ مون کي منهنجي پٽ ڪهڙو جواب ڏنو؟ هن چيو؛ ’تون ته رات ڄائو آهين نه!؟‘.....“

ٿوري دير ماٺ کان پوءِ حفيظ وري ڳالهائڻ لڳو؛ ”ٻيو واقعو آھي. هڪ ننڍڙي ٽيبل جي هڪ پاسي آئون ۽ ٻئي پاسي منهنجو اهو ساڳيو پٽ ويٺو هو. ٽيبل تي هڪ جڳ ۽ ان جي ڀر ۾ گلاس رکيل هو. مون کي اڃ لڳي ته جڳ کنيم. جڳ ۾ پاڻي بنهه ٿورو هو. تنهنڪري پاڻ پيئڻ بدران، گلاس ۾ پاڻي وجهندي پٽ کي چيم؛ ’پاڻي آهي ته سهي، پر ٿورو آ.‘ ايتري ۾ سمورو پاڻي، گلاس ۾ اوتجي چڪو هو. سو مون ڀريل گلاس پٽ ڏانهن وڌائيندي چيو؛ ’اچي وٺ’ تون ئي نڙي سائي ڪر.‘ هن مون کان گلاس وٺي، عام رواجي صاف شفاف بي رنگ پاڻي ڏسي چيو؛ ’پاڻي ته اڇو آهي. نڙي سائي ڪيئن ٿيندي؟....“

حفيظ ٻيءَ ڳالهه، ٻيو واقعو ٻڌائڻ کان پوءِ ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي، شايد وري ڪو ٽيون قصو ٻڌائڻ وارو هئو ته، احسان چوڻ لڳو ”هائو ڀائو هائو. مڃيوسين، تنهنجو پٽ، پيءُ کان وڏو آهي.“

 

(ماهوار اڳواڻ جي آگسٽ ۱۹۹۵ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment