Sunday, August 9, 2020

وقت گذاري لاءِ

وقت گذاري لاءِ...

ڊائلاگ ڪهاڻي/ مڪالمو

مٺل جسڪاڻي


“هوءَ ڪير آهي؟”

“هوءَ، هوءَ آهي.”

“ڀلا هوءَ ڪير آهي؟”

“هوءَ، اِها هوءَ آهي.”

“۽ هوءَ ڪير آهي؟”

“هوءَ، اها به هوءَ آهي؟”

“انهن ۽ جيڪي هتي نه آهن، سڀني سان، تنهنجو ڪهڙو رشتو آهي؟”

“جيڪو تو سان آهي.”


“مون سان ڪهڙو رشتو اٿئي؟”

“اهو تون ڄاڻين ٿي.”

“نه، مونکي خبر نه آهي، تون ٻڌاءِ؟”

“اهو نه ٿو ٻڌائي سگهان.”

“ڇو؟”

“ان ڇو جو جواب، مون وٽ ناهي.”

“چڱو ڀلا، تنهنجي شادي ٿيل آهي؟”

“ها. ٿيل آهي.”

“اوهان پاڻ ۾ ڪيئن آهيو؟”

“جيئن زال مڙس هوندا آهن.”

“ٻين کان ڪجهه مختلف يا بلڪل مختلف؟”

“ٻين کان گهڻو مختلف.”

“ڪيترو مختلف؟”

“اوترو تون تصور ئي نٿي ڪري سگهين.”

“آئون ڄاڻڻ چاهيان ٿي.”

“ها ها ها... (ٽهڪ) ڄاڻي ڇا ڪنديئن؟”

“پنهنجي مستقبل جو فيصلو.”

“تنهنجو ڪو مستقبل نه آهي... هاڻي تون به هِن، هُن، هُن ۽ جيڪي هتي نه آهن، انهن جهڙي ٿي وئي آهين.”

“ڇا مطلب؟”

مطلب اهو ئي، ته آئون زال جو آهيان. زال منهنجي آهي. اسين ٻئي هڪ ٻئي جا آهيون. اوهان سڀ هُو آهيو، صرف وقت گذاري لاءِ...“

 

(هفتيوار ادبي صفحو ڏات، سهيڙيندڙ: ساجد سنڌي، روزاني سڪار ڪراچي، خميس ۱۸ جولاءِ ۲۰۱۳ع)

No comments:

Post a Comment