Saturday, August 8, 2020

ڪوڪ وارو

ڪوڪ وارو

ڪھاڻي

وھاب سھتو


تڪڙو گھر ۾ گھڙيو. سندس حالت ڏسي، سمورا گھر-ڀاتي ھراسجي ويا. پاڻُ ڪرسيءَ تي اڇليندي، ڪپڙن ڪڍڻ لاءِ چيائين. ٻڏتر واري سندس سوچ، گھر ۾ خوار پئي ڪيس؛ شايد ڪنھن وڏي مسئلي جي ڪُنَ ۾ غرق آھي.

بيقراريءَ منجھان ٽپ ڏيئي اٿيو. پاڻي گھريائين. وري کٽ تي آھلي پيو. پاڻي مليس. اٿي بيھي پيتائين. بيٺڙ ئي ڪجهه سوچائين. ڪنڌ هڻي، وري کٽ تي ڊھي پيو.

بيقرار شايد شاعر ھجن، پر پاڻ شاعر به نآھي. جڏھن ته سندس بيقراري، شاعرن کان گھٽ به نآھي. شاعر پري کان عام ماڻھن جي ڏکن جو تاب نه سھي، زبان سان ڏک جو اظھار ڪندا آھن. جڏھن ته ھيءُ غريبن جي مسئلن ۾، جان جوکي اندر وجهي، منجھن تپي، بيقرار ٿيو آھي. اهڙا مسئلا زندگيءَ ۾ ڪئين آيس ۽ ويس، جن ۾ هڻي وڃي ھنڌ ڪيائين.


حد کان وڌيڪ يتيميءَ واري حالت کان زندگيءَ جي سفر جو آغاز ڪيائين. ڳوٺ جو پاڻي ڀريائين. محنت ڪري ٿوري انگريزي سکيائين، انگريزيءَ جي ٻن اکرن جي آڌار تي ‘سوار’ ٿيو. رفته رفته ‘جمعدار’ بنيو. پوءِ ‘صوبيدار’ ٿيو ۽ ھاڻي رٽائر. انھن منزلن ڪٽڻ کانپوءِ، تمام پڪو ٿي چڪو آھي. پر جڏھن ٻئي جي مٿان اهڙي حالت ڏسندو آھي ته سر تريءَ تي ھوندس.

ڪنھن وقت سندس گھران، مدرسي ۾ ننڍن ٻارن کي پڙھائيندڙ قاري صاحب کي ماني ملندي ھئي. ھڪ ڏينھن اتفاق سان ٻوڙ کپي ويو ھو. پاڻ گھر پھتو، خبر پوڻ شرط پنھنجو ٻوڙ ڏياري موڪليائين ۽ پاڻ بک تي گذاريائين. پيٽ مان به ڪڍي غريبن کي ڏيندو ھو، جيڪو صرف ۽ صرف ماءُ ئي پنھنجي اولاد لاءِ ڪري سگھي ٿي.

رڳو ايترو نه پر ديندارن جي عزت به تمام گھڻي ڪندو ھو. ھڪ دفعي اوچتو ساڳيو قاري صاحب سندس در تي آيو. ٻڌڻ سان ايترو تڪڙو آيو، جو سندس مٿو ته اگھاڙو ھو پر پير به اگھاڙا ھئس. تعجب مان پڇيائين؛ ”سائين! افسوس! توھان تڪليف ڪئي!”

“بس سائين! ڳئون ورتي اٿم. سا ڳوٺ ڪاھي وڃڻ جو ارادو آھي. واٽ تي متان ڪو جھلي، ان لاءِ راھداري لکرائڻي ھئي. ان لاءِ اوھان کي تڪليف ڏنم”. قاري صاحب چيس.

“ابول! سائين مون کي اتي گھرايو ھا! توھان تڪليف ڪئي! چڱو ڀلا پنو پين اٿو؟”.

“ھا سائين! وڌيڪ تڪليف ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آھي.” اھو ٻڌي ور ھٿن ۾، مٿو اگھاڙو پير اگھاڙا، ڪچين گھٽين مان فرلانگ ڏيڍ پنڌ ڪري، اچي راھداري لکي ڏنائين.

دل جو پيارو وري اهڙو، جو ڊمب ٻارن جا ميڙ ڪيو بيٺا ھوندس. ڄڻ مٺائي ٿو ورھائي. ھن سان چرچو، ھن کي طعنو، دل ۾ ڪنھن جي رکي ئي نه. ٻارن جا چرچا به ائين سھندو، ڄڻ ھو سندس ھڪ جيڏا آھن، وِڏُنھن ئي ڪين ايندس.

وري وڏن سان ڪچھري ڪيائين ته فلسفي ۽ منطق جي رازن کان واقف ڪندن. حالانڪ ھو ڪو عالم يا مفڪر به ناھي. پر ھڪڙو رٽائرڊ صوبيدار آھي. غريبن جي حال جي دائمي سوچ، ڏکايلن ۽ مظلومن جي آھن، سندس دل جي گھري سوچ جي طلاطم کي ڇيڙي ھڪ مفڪر، سياستدان ۽ فلسفي ڪري ڇڏيو آھي.

سندس نالو عبدالغفور آ. جھڙو اٿس نالو تھڙو ئي آھي جوان. پنھنجن توڙي پراون سان انصاف سان ھلندو، رستي تي ويھي ڀلين کي راھ ڏسڻ، سندس شيوو ۽ روش آھي. چاھي ھو غريبيءَ جي دور ۾ ھجي، ڇوري ٻار جي حالت کان وٺي نوڪريءَ جي وقت تائين، ‘سپاھيءَ’ کان ‘صوبيدار’ ٿيڻ تائين. رٽائر ٿيڻ کان اڄ تائين، ھو هر وقت انھن راھن تي، جن تي غريبن لاءِ ڪنڊا وڇايا ويا هجن، پيرين اگھاڙي ھلندو ۽ پيل ڪنڊا ۽ ڪاوا پيرن سان محسوس ڪندو، هٽائيندو رهيو آھي. غريبن جي ڏک ڀائي ٿيڻ ڪري، سدائين دل جو دورو پوندو اٿس. پر ھن دولھه دلير، دلبر ٿي، انھن طبعي بيمارين کي رد ڪري، غريبن جون ذھني پريشانيون، بيماريون، الجھنون ۽ ڏک دور ڪرڻ جي جدوجھد ڪئي. ڪو بيمار ٿيو ته دوا به پاڻ وٺي ڏئي ايندس.

جڏھن صوبيدار هئو، تڏھن ٿاڻي واري سيٽي وڄائي، غريبن جي مدد لاءِ ڪوڪون ڪندو رهيو. پر جڏھن اتي انھن سماج دشمن عناصر انسانن کيس نه سَٺو ته کيس چوڏھن سون ۾ لھرائي ڇڏيائون. پر ھن سرو قد، اڏول ۽ استقامت پسند انسان، ڪنھن وڏيري يا سرمائيندار جي سفارش جو نه انتظار ڪيو ۽ نه ئي ان لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪيائين. نه وري ڪنھن جي ڪاڻ ڪڍيائين. لھڻ سان ئي ڳوٺ هليو آيو. اھي سرڪاري ڪپڙا ۽ ورديون لاھي ڇڏيائين، جن ۾ غريبن جي حقن جي حفاظت ڪندي کيس نه سَٺو ويو ھو. پاڻ سدائين وَرَ ھٿن ۾، ٻنين ۾ ڊوڙندو رهيو، غريبن سان حال ونڊيندو رهيو. ڪڏھن ڪنھن ڌارئي کي ٻني ڪاهڻ لاءِ نه ڏنائين. پنھنجن جي ڏکن سورن، کيس بيقرار ڪري رکيو هئو. انھن لاءِ هي پاڻ پتوڙيندو رهيو.

ٻار کيس “ڪوڪ وارو” سڏيندا آھن. ھو واقعي ڪوڪ وارو آھي، جنھن جي وار ڪانڊاريندڙ ڪوڪ، جيڪا ڪنھن ويري باز کي ڏسڻ وقت، ھڪ ڪمزور ڪڪڙ، ٻچن جي مٿان بيھي، سندن بچاءَ لاءِ ڪندي آھي، تنھن وڏيرن جي ڪنن جا پردا ٽوڙي ڇڏيا، پيٽو سرمائيدارن جي پيٽ شِھن ۾ پنھوارون ڪري، ناسوري ڦٽ وجهي ڇڏيا. غريبن جي لاءِ ازغيبي لٺ وانگر اونداھين ۾ سھارو بني.

ھيءُ هر انھيءَ وقت بچاءِ جو سائرن بنيو، جنھن وقت ڪنھن ظالم وڏيري جا زهر آلود چنبا، ڪنھن غريب جي روزي لؤوڙڻ جي ڪوشش ۾ هجن. انھيءَ وقت به ھن جي اھا بي آواز ڪوڪ، غريبن جي پاران پيٽو سرمائيدارن لاءِ انڌي لٺ ۽ سائونڊ پروف گولي ثابت ٿي، جنھن وڏيرن جون اکيون کولي ۽ وائيسر گھرگھلا ڪري ڇڏيا. سندن پٽڪا، پيرن ۾ چيٿاڙي ڦٽا ڪيا.

کيس وڏيرن جا ڇاڙتا ۽ ڪاٽڪو، چمچا ۽ پٺو، عبدالغفور مان ‘عدلو’ سڏيندا آھن. يعني اھي انھيءَ ڳالهه جي تصديق ڪندا آھن ته ھو غريبن جو’ادل’ آھي، غريبن لاءِ ‘عدل’ آھي، هر وقت ھنيانءَ جو ٺار آھي.

وري غريبن سان همدردي اهڙي، جو کين بي گھر ٿيڻ کان بچائيندو وتندو. ھڪ ڏينھن شھر کان موٽندي، جڏھن ٻڌائين ته ھڪ ٻڪرار کي، وڏيرن جي ھڪڙي گماشتي جي چرچ تي، خواه مخواه پوليس وٺي وئي آھي ته گھر وڃڻ بدران پھرين کيس ٿاڻي مان ڇڏائي گھر پھچايائين، پوءِ پاڻ گھر ويو ۽ ماني کاڌائين. انھيءَ ۽ اهڙن ٻين ڪمن، کيس وڏيرن جو مخالف ثابت ڪيو. پر ھيءُ اڏول رهيو ۽ ڪڏھن به ڪنڌ نه جھڪايائين. الٽو سندس ڪارنامن جي ڪري، سندس مخالف سندس آڏو، ڪانياري ٻلي ڪئي سندي جوءِ وانگر رهيا آھن.

ھڪ ڏينھن اوچتو، ڳوٺ ۾ ھڪ غريب ماڇي مري ويو. ان وقت ان جي گھر ۾ ڪو به سندس مٽ مائٽ موجود نه هئو، سواءِ سندس زال جي. سندس لاش وھنجارڻ لاءِ، ڪير به نه پئي نڪتو. اتي هيءُ ئي سرواڻ هئو، جنھن اجائي نفاست پرستيءَ کان آجو ٿي، ماڻھن کي ڪٺو ڪيو. لاش کي غسل به پاڻ ڏياريائين، ڪفن دفن جو بندوبست به پاڻ ڪيائين. جڏھن ته ڳوٺ جا، دٻاءَ تي ووٽ وٺندڙ وڏيرا، ان جي جنازي نماز ته ڇا پر عذرخواھيءَ تي به نه آيا.

پوليس اڃا ڪنھن غريب جي چانئٺ تي پھچي هلان ئي نه ڪئي آ ته ان لاءِ، لوهي ڪوٽ بنيو. غريبن جي عزت جو رکوالو بنيو. انھن وڏيرن سان به چوٽون کاڌائين، جيڪي غريبن جون زالون بنا طلاق جي، پنھنجي ماڻھن کي پرڻائي ڏيندا هئا. انھيءَ ستم ظريفيءَ جي دور ۾ غريبن کي، حق کسي وٺڻ لاءِ، انصاف جي پليٽ فارم تي ھڪ ئي ‘ڪوڪ’ سان ڪٺو ڪيائين. ٻارن ۾ سمجهه جو مادي روح ڦوڪيائين.

اهڙا ڪم ته سندس رزواني زنگيءَ جو معمول ھوندا آھن. انھيءَ کان اڳ ۾ ھڪ غريب تي ھڪڙي پيٽو سرمائيدار ڪوڙو ڦڏو ۽ ڪيس ڪيو. ٻين وڏيرن جي مدد سان موراڳو ان جو واٽرڪورس پئي رد ڪرايائين، پر اتي هيءُ يار پھچي ويو. خبر ٻڌڻ سان ئي، ٻئي وَرَ کٻي هٿ ۾، نيٽ جو لڪڻ ساڄي هٿ جي آڱرين ۾ ڦيرائيندي، تڪڙو ڊوڙندو اچي واٽر ڪورس تي نڪتو. واٽرڪورس تي آيل انجنيئر صاحب سان انگريزيءَ ۾ ڳالھيائين. صاحب موٽيو ۽ فريادي وڏيرن کي دٻايائين ۽ واٽر ڪورس کي بحال قرار ڏنائين.

سدائين وَرَن ۾ هَٿُ ھوندس، سندس پيشانيءَ ڏي نھاربو ته سمجهه ۾ ايندو ته ڪنھن وڏي مسئلي ۾ ڦاٿل آھي، پر چوري ڏسبس ته رڳو غريبن جي آھُن سان ڀريل ھوندو. ڪھڙو به ڏکيو فيصلو ھجي، ان جي هر نقطه نگاه کان ھن جي ذريعي هر ٻار کي به پروڙ پوندي آھي. ھن جي معرفت ننڍو ٻار به انھيءَ پيچيده مسئلي ۾ ناطق گويائيءَ جو مظھر نظر ايندو.

تازو ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين جو پاڻ ۾ سڱابنديءَ تي جهيڙو ٿيو. جهيڙي جو فيصلو ڳوٺ جي وڏيري، هٿ ٺوڪئي فضيلت مآب، وٽ آيو. وڏيري رياءُ ڪندي، فيصلو پنھنجي پارٽيءَ جي ماڻھن جي حق ۾ ڏنو ۽ ٻيءَ غريب ڌر جو ديناداستيءَ حق وڃايائين.

اھا خبر جڏھن ھن، تعصب پسند ۽ شرپسندن جي جاني دشمن، کي پئي ته ھن انھيءَ ڦورو وڏيري تي، انھن غريبن جي پاران درخواست ڪئي.

جڏھن انھيءَ ناسوري وڏيري کي درخواست جي خبر پئي ته انھيءَ پنھنجي پارٽيءَ جي مخالف ڌر کي گھرائي دڙڪو داٻ ڪيو ته انھن ھن تي درخواست ڇو ڪئي؟ جڏھن انھن تسلي ڏنس ته انھن ھن جي مٿان نه ڪورٽ ۾ ۽ نه مختيارڪار وٽ ڪا درخواست ڪئي آھي، ته وڏيري زباني ڳالھين تي بي اعتباريءَ جو اظھار ڪندي انھن اڻ پڙهيلن کان، سندن جھالت جو فائدو وٺندي، ‘ڪوڪ واري’ جي خلاف لکيل درخواست تي، انھيءَ ڊاءَ ۾ صحيحون ورتون ته هيءَ درخواست، سندن اڳئين درخواست جي ڪوڙي هئڻ لاءِ گواھي ٿئي.

اڄ کيس انھيءَ لکيل درخواست جي خبر پئي آھي. جيڪا لکيل ته سندس خلاف آھي، پر ان تي صحيحون سندس حامين جون آھن. ذھن ۾ واڄٽ ۽ گوڙ اڀري آيو اٿس. سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو آھي. جن لاءِ مياس سي ئي ويري ٿيام. ڪنھن تي اعتبار ڪجي. ڪنھن سان نيڪي ڪجي. هتي ته نيڪي ڪري انتظار ٿو ڪرڻو پوي ته ڪڏھن ٿي ڳچيءَ پئي. اهڙا ڀيانڪ خيال، سندس ذھن کي جنجھوڙي رهيا آھن. اِتان اٿي ڪرسيءَ تي ويٺو، دل جو دھڪو تيز ٿيس ته ڪرسيءَ تان اٿي کٽ تي ليٽيو.

اهڙيءَ گھريءَ سوچ ۾ پئجي ويو جو بيقراري ختم ٿي ويس. سوچيندي سوچيندي ننڊ وٺي ويس.

گھر مان آھُن ۽ دانھن جو آواز اُٿيو. پر ھن اڄ ڪنھن جي دانھن جي پٺ ڀرائي نه ڪئي. هيءُ ستو ئي رهيو ۽ ڪنھن غريب جي مدد لاءِ نه اٿيو ۽ نه ئي اٿندو. هيءُ هميشه لاءِ ابدي ننڊ ۾ سمھي پيو آھي.

No comments:

Post a Comment