Thursday, August 6, 2020

هڪ رزميه شھر جا قصه گو

هڪ رزميه شھر جا قصه گو

امر لغاري


پس منظر:

افساني جي حوالي سان ضروري ناهي ته ماڻھو علائقائي حدبندين جو قائل هجي، پر علائقو يا مقاميت افساني ۾ موضوع کي انيڪ رنگ ۽ سگهه بخشي ٿي. سانگهڙ، افساني جي تاريخ ۾ لعل چند امر ڏنو مل هڱوراڻيءَ جي لکيل افسانوي مضمون ”حر مکيءَ جا“ ۽  محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناول ”سانگهڙ“ ڪري پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو. ليمبرڪ جو انگريزيءَ ۾ لکيل ناول ”دي ٽيريريسٽ“ جنهن جو سنڌي ترجمو ”حر گوريلا ويڙهه“ جي نالي سان ٿي چڪو آهي، سو به سانگهڙ ۽ ان جي آسپاس وڙهي ويندڙ حر تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي.


سانگهڙ مان افساني جا پڙاڏا شاهپورچاڪر سان واسطو  رکندڙ ليکڪ محمد حسن شيخ جي ٻن ڇپيل ناولن ”بولي“ ۽ ”پيار جو سودائي“ جا به گونجيا آهن. افساني جا پيرا کڻندا اچون ٿا ته اڳتي اسان کي جمال رند جهڙو برجستو ڪهاڻيڪار پڻ ملي ٿو، جنهن سنڌي افساني کي ڀلوڙ  فئنٽسي ”ماني ڳڀو“ پڻ ڏني. ان کان پوءِ سائين الهه ورايو بهڻ جو به نالو کڻي سگهجي ٿو، جنهن سٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه طبعزاد ڪهاڻيون سوشلزم جي پسمنظر ۾ لکيون. خود بهڻ صاحب جي ٻاروتڻ جي آتم ڪهاڻي، جا حر تحريڪ جي اسيرن جي قيد (لوڙهن) جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، سو هڪ خوبصورت ناوليٽ کان گهٽ ناهي. مير ضيغم ٽالپور، جو تمام پڙهيو لکيو ماڻهو هو، تنهن جون پڻ ڪجهه ڪهاڻيون ٻڌل ملن ٿيون، جن جا موضوع حُسن عشق، ان ۾ به ڇوڪراڻو عشق، وڏيرن جا رومانس وغيره هوندا هئا. ان کان پوءِ سيد علي ڏنو شاھه لڪياري،  اسحاق مڱريو، ساگر ناريجو، آفتاب نظاماڻي، اياز نظاماڻي، ولي محمد خاصخيلي ۽ رمضان راهيءَ جا نالا اچي وڃن ٿا.

سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم ۾ ۽ ون يونٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ صف اول جي شاخ هئي، ايتري قدر جو ايوب جي مارشلا واري دور ۾ سي آءِ ڊي وارن جي دٻاءُ باوجود ادبي گڏجاڻيون هلنديون هيون ۽ ون يونٽ خلاف قراردادون به پاس ٿينديون هيون، جلسا به ٿيندا هئا ۽ جلوس به نڪرندا هئا. جھول شاخ جي ادبي ۽ احتجاجي پروگرامن ۾ مخدوم طالب الموليٰ کان ويندي ان زماني جا سچيت اديب،  صحافي، سگهڙ،  فنڪار ۽ ادب دوست سڀ  شريڪ ٿيندا هئا.

سانگهڙ جو ادبي ماحول ان ڳالھه ۾ به اڳڀرو رهيو آهي جو اتي  جي اديبن جي وچ ۾ شروع کان ئي پيڙهي وڇوٽيءَ جو ڪو تصور ناهي رهيو. ننڍا وڏا، پڪا پوڙها، نوجوان توڙي سيکڙاٽ سڀ سنگت جي هڪڙي ئي ڇٽي هيٺ رهندي لکندا، پڙهندا ۽ سکندا رهيا آهن، جنھن جو هڪڙو ثبوت اتي جنم وٺندڙ اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن جي موجوده کيپ آهي.  ڪھاڻيءَ جي ان قافلي ۾ مٿي بيان ڪيل ڪھاڻيءَ جي پيڙھه رکندڙ ٽھي ثابت ڪري ٿي ته سانگهڙ ۾ ڪهاڻي نه فقط ماضيءَ ۾ لکي ۽ پڙهي پئي ويئي، پر هن دور ۾ ان کان به  وڌيڪ ليکڪ پيدا ٿيا آهن، جيڪي افساني کي انھي رنگ ۽ ڍنگ سان لکندا پيا اچن. ادب ۽ ادبي ماحول جو جيڪو بنياد بزرگ اديبن وڌو هو، سانگهڙ جي اڄ جي ڪھاڻيڪارن جي تربيت ۽ سکيا جي عمارت ان تي بيٺي آهي.

پيشمنظر:

سانگهڙائي ليکڪن مان باقاعدي ڪهاڻي آفتاب نظاماڻي لکي، جنهن جا ٻه ڪهاڻي ڪتاب ”ارپنا“ ۽ ”اوهيرا“ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا. پر ڪجهه سال اڳ جڏهن سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ شاخ طرفان سانگهڙ جي ڪهاڻيڪارن جي ڪھاڻين تي ٻڌل ڪتاب ”شهر جو سوچيوسون“ ڇپايو پئي ويو ته ان ۾ آفتاب نظاماڻيءَ جي ڪهاڻي ”مهاراڻي“ انڪري شامل ڪئي ويئي ته جيئن هڪ ته نون ۽ اڳ گذريل ليکڪن جو پاڻ ۾ رشتو جوڙي سگهجي،  ٻيو ته نون ليکڪن کي ٻڌائي سگجهي ته تاريخ کي افساني ۾ تبديل ڪري ڪيئن ماڻهن کي پڙهائجي!آفتاب ان ڪهاڻيءَ ۾ مهاراڻي سونهندي جي چچ سان پيار ۽ راءِ سهاسيءَ سان بيوفائيءَ جي داستان کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان چٽيو آهي. تاريخي وارتا کي ڪيئن نه هن هڪ رومانس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آفتاب اهڙا تجربا ليلا ۽ چنيسر واري داستان تي به ڪيا آهن. هن کي تاريخي قصن کي ڪهاڻيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڏانءُ ايندو هو. پر افسوس جو آفتاب 1988ع وارن وڳوڙن ۾ لطيف آباد جي لساني دهشتگرد ٽولي هٿان شهيد ٿي ويو. آفتاب جي شهادت جتي سانگهڙ جي ادبي لڏي کي لوڏيو، اتي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌي ادب جي هڪ خوبصورت ڪهاڻيڪار کان پڻ محروم ڪيو. سنڌي ادب کي اهڙن ڪهاڻيڪارن جي اڄ به ضرورت آهي، جن جا قلم تاريخ کي افساني م تبديل ڪرڻ جي سگهه رکندا هجن.

آفتاب کان پوءِ ٻئي نمبر تي جيڪا ڪھاڻي هِن ڪتاب ۾ شامل آهي، سا الھه ورائي بھڻ جي لکيل آهي. الھه ورائي بھڻ جي هي ڪھاڻي هڪ اهڙي ليکڪ جي ڪھاڻي آهي، جيڪو پنھنجي زال سان گڏو گڏ ادب ۽ فن سان نھايت سچو ۽ پيار ڪندڙ آهي. هو ادب ۾ وابستگيءَ جو قائل آهي، ۽ ان کي تبديليءَ جو محرڪ سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو پنھنجي نظرياتي عشق ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ جدوجھد ڪندي  ٻه نوڪريون پڻ وڃائي چڪو آهي، ۽ هاڻ قلم جو پورهيو ڪري رهيو آهي. هڪ ڏينھن جڏهن هن جو ٻار بيمار ٿي پوي ٿو ، ۽ هن کي پيسن جي ضرورت پوي ٿي، ۽ هو جنھن رسالي ۾ ڪھاڻيون لکي ٿو ان جي ايڊيٽر وٽ وڃي پيشگي رقم وٺڻ لاءِ  درخواست ڪري ٿو ته ايڊيٽر صاحب ڪھاڻيءَ مان ڪجهه جملا تبديل ڪرڻ جو شرط رکي ٿو، پر هو پنھنجي لکڻيءَ مان ان وقت جي سماج ۽ حڪومت تي ڪيل تنقيد مان هڪ لفظ به تبديل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏي ٿو. ايئن جڏهن مايوس ٿي گهر موٽي اچي ٿو ته ڏسي ٿو ٻارڙي جو تپ لھي چڪو آهي، ۽ هو ماءُ جي هنج ۾ ڪجهه کائڻ لاءِ گهري رهيو آهي. آدرشي فلسفي تي آڌاريل هن يوٽوپيائي ڪھاڻيءَ جو ماحول ڏاڍو جذباتي آهي، ۽ پڄاڻي به سک درسيءَ واري آهي، پر منطقي طور پڙهندڙ کي ڪمزور به لڳي سگهي ٿي جو ٻار کي ليکڪ پنھنجن آدرشن سان سچو رهڻ سبب  معجزاتي طور چاڪ چڱو ڀلو ڏيکاريو آهي. سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ اهڙيون ڪهاڻيون لکيون وينديون هيون، جن ۾ هيرو کي الھامي مدد حاصل هوندي هئي. پر هِن ڪھاڻيءَ ۾ مان سمجهان ٿو ته ٻار جو اوچتو ٺيڪ ٿيڻ علامتي ڏيکاريل آهي. ايئن جيئن لارڊ ٽينيسن جي نظم ”سي ناٽ دا اسٽرگل ناٽ اويلٿ“ جي پيغام ۾ آهي ته سمنڊ جون ڇوليون اجگر پھاڙن سان ٽڪرائيندي ٽڪرائيندي مايوس نٿيون ٿين، پر هڪ ڊگهي جدو جھد کان پوءِ آهستي آهستي انھن منجھان پنهنجا رستا ٺاهيو وجهن.حاصل مطلب ته ثابت قدمي ڪاميابيءَ جي نشاني آهي.

سانگهڙ  جي سينيئر ڪهاڻيڪارن مان استاد عبدالوهاب عرف ساگر ناريجي جو نالو پڻ آفتاب نظاماڻي ۽ الهه ورائي بهڻ سان گڏو گڏ اچي ٿو. ساگر صاحب ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن ۾ مختلف رول ڪري چڪو آهي. ساگر بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي.سندس تربيت سنڌي ادبي سنگت شاخ جهول ۾ ٿي. هن ڪتاب ۾ هن جي ڪهاڻي ”ويهنداسين نه ماٺ ڪري“ کي شامل ڪيو ويو آهي، جيڪا وڏيرڪي سماج ۽ اسرندڙ سرمائيداري واري سماج جي پئداوار پورهيتن (ملازمن) جي تنظيم وچ ۾ ٽڪراءُ کي چٽي ٿي. اها هڪ اصلاحي ڪهاڻي آهي.

سانگهڙ مان  افساني جي صنف ۾ استاد نظاماڻي به چڱو نالو ڪڍيو هو، پر هاڻ گهٽ ٿو لکي. استاد جي هڪ ڪهاڻي ”اونڌو لڪ“ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا هڪ سماجي نفسياتي مسئلي (جنسي طور ڪمزور، زال جي ناپسنديدگيءَ جي شڪار ۽ خوف ۾ ورتل همراهه) تي لکيل آهي، جنھن جي پڄاڻي نيٺ ته طلاق ۽ عورت جي مرضيءَ جي شاديءَ تي ٿئي ٿي. استاد هن ڪهاڻيءَ جي ٻولي توڙي پلاٽ تي سٺي محنت ڪئي آهي. تمام ٿورڙين ڪچاين کي ڇڏي جڏهن ڪهاڻيءَ جي مجموعي تاثر تي وڃبو ته معلوم ٿيندو ڪهاڻي سنڌ جي همعصر ادب ۾ لکجندڙ ڪهاڻين کان ڪنهن به حساب ۾ گهٽ ناهي. استاد نظاماڻي 1988ع کان ڪهاڻيون لکي پيو. هن وقت تائين ٽيهارو کن ڪهاڻيون لکي چڪو آهي. استاد جي هڪ ڪهاڻي ”خالي قبر جو الميو“ (جيڪا گهڻو وقت اڳ سنڌ لائين رسالي ۾ ڇپي)۽ ٻي ”هڪ زندگيءَ جو عڪس“ (جيڪا ترشنا ميگ ۾ ڇپي ۽ بعد ۾ امرتا ۾) بهرحال سٺيون ڪهاڻيون آهن. استاد پنهنجي پاڻ کي  حر تحريڪ جي تاريخ تي نڪرندڙ سسلسليوار رسالي جهونگار ۾ گهڻو قابو ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري ڪهاڻي جيڪو وقت گهري ٿي سو ان کي ڏيئي نه پيو سگهي.

مکيءَ جي تاريخي ڳوٺ ”سومر جي مياڻ“ ۾ پيدا ٿيندڙ  نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار منظور ملاح پڻ هن ڪتاب جي سينگاريندڙن ۾ شامل آهي. منظور لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪافي تڪڙو آهي. سندس ڪالم، مضمون ۽ ڪتابن تي تبصرا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهندا آهن. ڏهاڪو کن سال اڳ سندس ڪهاڻين جو پھريون مجموعو ”بک، وطن ۽ وڇوڙو“ نارا پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو هو. تازو سندس ناول ”بختاور مکيءَ جي“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنھن کي پڙهندڙن وٽان سٺي موٽ ملي رهي آهي. هن ڪتاب ۾ ”عشق جي خوشبوءِ“ نالي سندس ڪهاڻي شامل ڪئي وئي آهي، جا هڪ ڌراڙ جي عشق جي چوٽ کائڻ  واري تجربي جي عڪاسي آهي. ڪهاڻيءَ جو ماحول نج ٻھراڙيءَ جو آهي، ۽ ٻولي پڻ ڳوٺاڻي رس چس واري استعمال ڪئي وئي آهي، جيڪا منظور ملاح جي لکڻيءَ جي سڃاڻپ بنجي رهي آهي. ڪھاڻيءَ جو مک ڪردار جمعو، جو نڙ بيتائي به آهي، آخرڪار عشق جي راهه تي ثابت قدم رهندي پنھنجي محبت ماڻي وٺندو آهي. منظور ملاح مقامي سطح کان مٿي اُڀري هاڻ پنھنجي ناول ۽ ٻين لکڻين ذريعي سموري سنڌ تائين پنھنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي چڪو آهي.

انهي ساڳئي ڪتاب ۾ سانگھڙ جي هڪ ٻئي نوجوان ڪهاڻيڪار راجن مڱرئي جي ڪهاڻي ”هڪ خواب جي وشالتا“ پڻ شامل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ جي مستقبل کي هڪ پينٽر جي نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. راجن هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي.راجن به پنھنجي سڃاڻپ سنڌ جي هم عصر ڪھاڻيڪارن ۾ ڪرائي چڪو آهي. هن جو پھريون ڪهاڻي ڪتاب ”روين جو چھرو“ ڪافي سال اڳ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو هو، جنهن ۾ موجود ڪهاڻيون سنڌي همعصر ادب ۾ لکجندڙ ڪهاڻين کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهن. سندس ڪهاڻيون ”خفت جي شام“ ، ”آسمان جو ڏنل درد“، ”والي“، ”اڇڙن جي جوڙي“ ۽ ”جواري“ پڙهڻ وٽان آهن. هن وقت راجن جي ڪھاڻين جو نئون ڪتاب ”اهو اجنبي“ پڻ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ هن جون ڪجهه جديد پيرائي ۾ لکيل ڪھاڻيون پڻ شامل آهن.

سنڌي ادبي سنگت سانگھڙ شاخ  جي ميمبرن مان جيڪي ڪھاڻيڪار تيزيءَ سان ڪهاڻيون لکندا رهيا آهن، تن مان نور خان عادل پڻ هڪ آهي.  نور خان عادل. ٽن چئن سالن جي عرصي ۾ ٽيهه کان چاليھه کن ڪهاڻيون لکي سنگت ۾ پيش ڪري چڪو آهي. کيس ڪهاڻيءَ جي ٻولي، پيشڪش جي انداز، ماحول ۽ ڪردارن جي نفسيات تي ڪافي دسترس حاصل آهي. هو نج سنڌي معاشري جا موضوع کڻي ٿو ۽ انهن سان سهڻو نڀاءُ ڪري ٿو. هِن ڪتاب ۾ ”ٽوڪن“ نالي ڪهاڻي شامل ڪئي ويئي آهي، جيڪا استاد طبقي جي تذليل تي لکيل آهي. پلاٽ، ڊائلاگ ڊليوري، ڪلائميڪس ۽ طنز  جي حوالي سان هڪ مناسب ڪهاڻي آهي.

”شهر جو سوچيوسون“ ڪتاب جي هِن گُلدستي ۾ نوجوان ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار مير حسن مريءَ جي ڪهاڻي ”سنڌوءَ جي خوشبوءِ ۽ سنڌوءَ جو پيار“ پڻ شامل آهي، جا سنڌ ۽ سنڌ جي قومي هيرن جي محبت واري ٿيم تي لکيل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ مير حسن مري سنڌ سان محبت ڪندڙ پرديس ۾ لڏي ويل هڪ ڪٽنب جي هڪ فرد کي پنهنجو مرڪزي ڪردار بنائي سنڌ جي ڏکن، پيڙا، سياست، محبت کي اجاگر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ٻولي، تشبيهون ۽ پلاٽ ڪافي حد تائين مضبوط اٿس. مجموعي تاثر جيتوڻيڪ جذبن جي اٿل ۽ ماضي پرستيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، پر ان هوندي به ڪهاڻي پڙهندڙ کي پنهنجي موضوع ڏانهن ڇڪي ٿي ۽ پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ رکي ٿي.

”شهر جو سوچيوسون“ ڪتاب جي ليکڪن جي هن قافلي ۾ پيءُ پٽ به شامل آهن. ڪافي عرصي کان ڪهاڻيون لکي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ پيش ڪندڙ ۽ ڪتابن تي ريويو لکندڙ دوست عبدالله نظاماڻيءَ جي ڪهاڻي ”آپريشن“ پڻ هن ڪتاب ۾ پڻ شامل آهي، جا حقيقت پسنديءَ واري پيرائي ۾ لکيل آهي ۽ مڊل ڪلاس جي هڪ لالچي ۽ ڪمائتو ڪردار (ڊاڪٽر) جي منافقت ۽ ظلم کي وائکو ڪري ٿي، جيڪو لالچ ۾ اچي پيٽ جي سور ۾ ورتل هڪ غريب مسڪين نياڻيءَ جو گردو ڪڍي اڇلائي ڇڏي ٿو، ۽ پنھنجي ڏهاڙي کڙي ڪري ٿو. عبدالله نظاماڻي ويھارو کن ڪهاڻيون لکي سنگت ۾ تنقيد لاءِ پيش ڪري چڪو آهي. هن جا موضوع سماج ۾ طبقاتي ڪشمڪش، مذهبي متڀيد، رومانس ۽ سياست رهيا آهن. سندس پٽ زاهد نظاماڻي سنگت سانگھڙ شاخ جو پڻ نهايت سرگرم رڪن آهي. زاهد نوجوان ڪهاڻيڪار آهي. هن جي ڪهاڻي ”جنت دوزخ ٿي نٿي سگهي“ ڪتاب ۾ شامل ڪئي وئي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ٻه يونيورسٽيءَ جا شاگرد پنھنجي ڳوٺ ٿيل هڪ واقعي تي بحث ڪري رهيا آهن، جنھن ۾ جنت خاتون نالي هڪ ماسترياڻي جيڪا پنھنجي ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻ چاهي ٿي، پنھنجي ئي ڀاءُ هٿان ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي.

ڪهاڻيڪارن جي هِن سٿ ۾ سنگت سانگهڙ جي سينيئر ميمبر قاسم عادل جي ڪهاڻي ”تو چيو هو“ کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عادل صاحب علامتي انداز ۾ وطن جي پيڙا کي بيان ڪيو آهي. قاسم عادل پندرهن سورهن کن ڪهاڻيون لکي چڪو آهي، جن مان ڪجهه عبرت ميگزين ۾ پڻ ڇپجي چڪيون آهن.

سانگهڙ جو هڪ ٻيو نوجوان ڪهاڻيڪار علي شاد آهي، جو پڻ درزن کن ڪهاڻيون لکي چڪو آهي. جن مان ڪجهه عبرت ميگزين ۾ پڻ ڇپجي چڪيون آهن. هِن ڪتاب ۾ هُن جي لکيل ڪهاڻي ”مداري ۽ منهنجي ڌيءَ“  شامل ڪئي وئي آهي، جا اسان جي سماج کي لڳل اڏوهي-نما سماجي بيمارين تي هڪ طنز آهي. علامتي انداز ۾ لکيل هِن ڪهاڻيءَ جو انداز من موهيندڙ آهي. پر علي شاد کي سٺيون ڪهاڻيون لکڻ لاءِ ڪھاڻي توڙي ان جي مطالعي کي وقت ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سنگت جي ان سٿ ۾ شامل ٿيڻ منهنجي لاءِ به فخر جي ڳالهه هئي. ان ڪري گلن جي ان لڙيءَ ۾ منھنجي ڪھاڻي ”معصوم هوتو ۽ هن جي پورهيت ماءُ“ کي شامل ڪيو ويو، جيڪا بعد ۾ ”معصوم هوش محمد جي گمشدگي“ جي نالي سان منھنجي ڪهاڻين جي ڪتاب ”برف جون بي ساکيون“ ۾ شامل ڪئي وئي. مان پنهنجي ڪهاڻيءَ جي باري ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهان، انڪري ان لاءِ پڙهندڙن تي مُکياري ٿا ڇڏيون ته ڀلي هو ڪا راءِ جوڙين، ۽ خامين خوبين جو جائزو وٺن.

”شهر جو سوچيوسون“ ڪتاب ۾ جيڪي ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن، سي آهن ته چونڊ ڪيل، پر پوءِ به ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيڪارن جو تعارف رڳو اِهو ڪجهه نه آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سانگهڙ جي سنگت جي ڪھاڻي کيتر ۾ اها هڪ اڳڀري وک آهي.

 

(امر لغاريءَ جي فيسبڪ وال تان ۲۸ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment