Showing posts with label فلسفو، ڪھاڻي، غفار سومرو،. Show all posts
Showing posts with label فلسفو، ڪھاڻي، غفار سومرو،. Show all posts

Sunday, August 9, 2020

فلسفو ۰ غفار سومرو

فلسفو

ڪھاڻي

غفار سومرو


اڄڪلھ آھي الاءِ ڇا! ڪجھ به ته نٿو وڻي. سڪون، آرام، نالي ڪاڻ وڃي رهيو آھي. هينئون هڪ جاءِ ڪونهي. ڪنهن مهل هيئن ته ڪنهن مهل هونئن. ذهن به ڊم فل ڊم فل پيو ٿئي. يعني ٻري اجهي پيو. خيالن جو هڪ ولر، من پڌر تي، پکين جيان اچي لهي ئي  مس ٿو ته وري ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ٿو وڃي. پاڻ رڳو پرن جو ڦڙڪو محسوس ڪريون ٿا، باقي ڪجھ ئي ڪو نه. ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آھن، گهر ويٺو آھيان. ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ ٺپ بند آھي. يارن دوستن، مٽن مائٽن جو اچڻ وڃڻ، يا وٽن پنهنجو وڃڻ، قرب ڪچهري ڪرڻ به يا نصيب ٿي ويو آھي. روح ئي نه ٿو ٿئي ٻاهر نڪرڻ تي. ماڻھوءَ-ڏٺي به ڏينهن ٿي ويا آھن. اها ٻي ڳالھ آھي ته ان ۾ ماڻھن جو قصور ته آھي ئي ڪو نه. هي ڪورونا، قادر شل! سڀني کي بچائي، آدم بيزار ڪري ڇڏيو آھيس. نه گهر ٿو وڻي نه ٻاهر. ماڻهو، ماڻھوءَ کان ائين ٿو ڀڄي جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان. ڀاڪر ڀري ملڻ ته خواب ٿي ويو. هٿ ڏيڻ به بند آھي، وڏي ڳالھ آھي نه!