نئين زندگي
علي احمد بروهي
خيراتي اسپتال جي وچين وارڊ ۾، لوهي چارپائيءَ تي ليٽندي،
ظفر سوچيندو رهيو. بيماريءَ کي اچي ٻه هفتا کن گذريا هئس. علاج معالجو به ڪافي
ڪجهه ڪيو ويو هو، ليڪن الاجي ڇو، ڪنهن به ڦڪيءَ فرق نه ٿي ڪيو. ڊاڪٽرن طرفان دوا
سان گڏ دستوري دلداري ۽ ڏڍ به ڏنو ٿي ويو، ليڪن ظفر کي بخوبي ڄاڻ هئي ته سندس
زندگي ۽ موت جي دنگل جو آخرين نتيجو ڪهڙو نڪرڻو هو۽ آخرين فتح ڪنهن کي حاصل ٿيڻي
هئي ليڪن ان لاءِ کيس ڪابه ڳڻتي يا فڪر هرگز نه هو.
