Showing posts with label پاشا ، مئڪسم گورڪي، روس، سنڌي، جمال ابڙو، ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts
Showing posts with label پاشا ، مئڪسم گورڪي، روس، سنڌي، جمال ابڙو، ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts

Sunday, November 29, 2020

پاشا - جمال ابڙو

پاشا

اصل، مئڪسم گورڪيءَ جو، روسي زبان ۾ لکليل

انگريزي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ آڻيندڙ: جمال ابڙو



روز صبح ساڻ گگهوءَ جو ڀوائتو آواز لهرون هڻندو، رانڀاٽ ڪندو، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. ڳوٺ جي گريءَ ۽ تيل هاڻيءَ فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو هو. سڄو ڏينهن هڏ هڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو، ڪنڊن ۾ ڪريا پيا هوندا هئا. ننڊئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ هئي! گگهوءَ جي بي وقتو ۽ بي هودو حڪم کين اڌ ننڊ مان ڇڪي اٿاريندو هو. اکيون مهٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا هئا. بس ڄڻ ته ڪئا ٻرن مان نڪتا. اوندهه، پوسلو ۽ ٿڌ ڪرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا، گهٽيءَ مان گڙڪندا ايندا هئا پيا هڪ ٻئي جي مٿان ڊهندا ۽ ٿاٻڙندا هئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀتيون لاپرواهيءَ سان جبل بڻيون بيٺيون هونديون هيون. مزور ويندا هئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن هيٺان پي چڪ چڪ ڪندي هئي. گوڙ ۽ شور ويندو هو وڌندو. ڦٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا هوندا هئا. لوهي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو هو زور وٺجندو. دونهي جا ڪڪر اٿندا، وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇانئجي ويندا هئا.