چنڊ ڏٺو..........؟
”ش“ مظفر پوري
سنڌيڪار: ث م
”ثنائي“
رات ڪافي گذري چڪي هئي.
ان رات جو چنڊ زياده چمڪندڙ ۽
حسين هو. هوا ۾ ڪافي مستي هئي، ۽ شبنم ۾ ڪافي خنڪي. اشرف دريءَ وٽ بيهي، ٻاهر حد
نگاهه تائين ڦهليل سرسبز زمين ۽ گهاٽن وڻن تي هڪ نظر وڌي. چنڊ جاڳي رهيو هو. ڄڻ
اشرف کي چئي رهيو هو –
”مون ڏٺو آهي........... مون ڏٺو
آهي.......“
چنڊ ڇا ڏٺو هو؟
چنڊ ڏٺو ته هڪ نوجوان دوشيزه
آهستي آهستي قدم کڻندي، اچي دريءَ جي ڀرسان بيٺي، ۽ دريءَ جي تاڪ کي آهستگيءَ سان
کڙڪايو. اشرف معنيٰ خيز نظرن سان هن کي ڏٺو، ۽ جلدي ئي پنهنجي ڪمري جو پويون
دروازو کوليو. دوشيزه تيزيءَ سان ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ دروازو وري بند ٿي ويو.......
هو ٻئي ڪجهه عرصو خاموش رهيا ۽ هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا. دوشيزه ڏاڍي گهٻرايل هئي. هن
جو سينو ڌڪ ڌڪ ڪري رهيو هو، ۽
ساهه منجهي رهيو هو. هوءَ گهڙيءَ گهڙيءَ، ڪڏهن دريءَ جي طرف ۽ ڪڏهن دروازي جي طرف
ڏسي رهي هئي. ڄڻ هن کي خوف هو ته ڪوئي اچي نه وڃي........ کيس ڏسي نه وٺي. ان وقت
دوشيزه جي اکين ۾ هڪ عجيب وحشت هئي. جهنگل جي ان نازڪ ۽ پاڇي کان به ڊڄندڙ
هرڻيءَ وانگر، جنهن کي ڄڻ شڪاريءَ جي آهٽ ڪَنِ پئي هجي – هوءَ پنهنجي حلق ۾ گهڙيءَ
گهڙيءَ ساهه کڻڻ وقت ڪا رڪاوٽ محسوس ڪري رهي هئي. جڏهن اشرف هن کي ڏٺو ته هن جي چپن
۾ جهٽ گهڙيءَ لاءِ لرزش پيدا ٿي – ڄڻ هن ڪجهه چوڻ پئي گهريو. الاجي هن ڇا پئي چوڻ
چاهيو.......... خبر نه آهي ته هوءَ اشرف جي اکين ۾ ڇا ڏسي رهي هئي، جو يڪدم ڪجهه
چوڻ لاءِ بيقرار ٿيندي پئي ويئي. الاجي اشرف جي خاموشيءَ ۾ ڪهڙو آواز هو، جنهن کي
ٻڌي دوشيزه تي خوف پئي طاري ٿيو. هن جي جسم ۾ هڪ دفعي ته اهڙي لهر ڊوڙي آئي، جو ڄڻ
ڪنهن تي چولي هيٺ پٺيءَ جي هڏي تي هڪدم ڪو جيت چڙهي ويو هجي.
