Showing posts with label چنڊ ڏٺو. ”ش“ مظفر پوري، ث م ”ثنائي“،. Show all posts
Showing posts with label چنڊ ڏٺو. ”ش“ مظفر پوري، ث م ”ثنائي“،. Show all posts

Monday, November 30, 2020

چنڊ ڏٺو..........؟ - ”ش“ مظفر پوري

چنڊ ڏٺو..........؟

”ش“ مظفر پوري

سنڌيڪار: ث م ”ثنائي“



رات ڪافي گذري چڪي هئي.

ان رات جو چنڊ زياده چمڪندڙ ۽ حسين هو. هوا ۾ ڪافي مستي هئي، ۽ شبنم ۾ ڪافي خنڪي. اشرف دريءَ وٽ بيهي، ٻاهر حد نگاهه تائين ڦهليل سرسبز زمين ۽ گهاٽن وڻن تي هڪ نظر وڌي. چنڊ جاڳي رهيو هو. ڄڻ اشرف کي چئي رهيو هو –

”مون ڏٺو آهي........... مون ڏٺو آهي.......“

چنڊ ڇا ڏٺو هو؟

چنڊ ڏٺو ته هڪ نوجوان دوشيزه آهستي آهستي قدم کڻندي، اچي دريءَ جي ڀرسان بيٺي، ۽ دريءَ جي تاڪ کي آهستگيءَ سان کڙڪايو. اشرف معنيٰ خيز نظرن سان هن کي ڏٺو، ۽ جلدي ئي پنهنجي ڪمري جو پويون دروازو کوليو. دوشيزه تيزيءَ سان ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ دروازو وري بند ٿي ويو....... هو ٻئي ڪجهه عرصو خاموش رهيا ۽ هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا. دوشيزه ڏاڍي گهٻرايل هئي. هن جو سينو ڌڪ ڌڪ  ڪري رهيو هو، ۽ ساهه منجهي رهيو هو. هوءَ گهڙيءَ گهڙيءَ، ڪڏهن دريءَ جي طرف ۽ ڪڏهن دروازي جي طرف ڏسي رهي هئي. ڄڻ هن کي خوف هو ته ڪوئي اچي نه وڃي........ کيس ڏسي نه وٺي. ان وقت دوشيزه جي اکين ۾ هڪ عجيب وحشت هئي. جهنگل جي ان نازڪ ۽  پاڇي کان به ڊڄندڙ هرڻيءَ وانگر، جنهن کي ڄڻ شڪاريءَ جي آهٽ ڪَنِ پئي هجي – هوءَ پنهنجي حلق ۾ گهڙيءَ گهڙيءَ ساهه کڻڻ وقت ڪا رڪاوٽ محسوس ڪري رهي هئي. جڏهن اشرف هن کي ڏٺو ته هن جي چپن ۾ جهٽ گهڙيءَ لاءِ لرزش پيدا ٿي – ڄڻ هن ڪجهه چوڻ پئي گهريو. الاجي هن ڇا پئي چوڻ چاهيو.......... خبر نه آهي ته هوءَ اشرف جي اکين ۾ ڇا ڏسي رهي هئي، جو يڪدم ڪجهه چوڻ لاءِ بيقرار ٿيندي پئي ويئي. الاجي اشرف جي خاموشيءَ ۾ ڪهڙو آواز هو، جنهن کي ٻڌي دوشيزه تي خوف پئي طاري ٿيو. هن جي جسم ۾ هڪ دفعي ته اهڙي لهر ڊوڙي آئي، جو ڄڻ ڪنهن تي چولي هيٺ پٺيءَ جي هڏي تي هڪدم ڪو جيت چڙهي ويو هجي.