اصل: پ پدما راءُ
سنڌيڪار: هادي
بخش لاڙڪ خيرپور (سنڌ)
طوفان جي تيزي وڌندي رهي، ۽ ريل
پڻ ليٽ آئي هئي. جئن هن سيڪنڊ ڪلاس گاڏي ۾ قدم رکيو، تئن کيس پنهنجي گهر جي آرام ۽
آسائش جي يادگيري دل تي تري آئي. طوفان جي سوساٽ سندس خيالات ۾ رخنو وڌو ۽ وري کيس
پنهنجن چئن پٽن ۽ گهرواريءَ جو خيال ستائڻ لڳو. ”شايد هو منهنجي سک سلامتيءَ بنسبت
سوچيندا هجن!“
گاڏيءَ جي چئني بئنچن تي مسافر
براجمان هئا، ۽ راءُ سندن چهري مان ئي پروڙي ورتو ته هو گاڏي ۾ وڌيڪ مسافرن داخل
ٿيڻ جي بلڪل خلاف هئا. راءُ هن گاڏي مان نڪري ٻئي ڪنهن خالي گاڏي ڏانهن جڳهه ڏسڻ جو
خيال ڪيو، پر هڪ ته ڪوليءَ سندس سامان اڳ ۾ ئي گاڏي اندر رکي ڇڏيو هو، ۽ ٻيو ته
گاڏيءَ جي سيٽي پڻ وڄي چڪي هئي. پنهجي ڇٽي، ٿرماس ۽ ٽفن باڪس مٿينءَ سيٽ تي سنڀالي
رکندي، راءُ هڪ سمهيل مسافر جي پيرن کان ويهي رهيو. سڀيئي مسافر شايد ڪنهن
ڏورانهين منزل تي اُسهڻا هئا. هن ڏٺو ته سندن بوٽ بئنچن هيٺان پيل هئا، هنن پنهنجا ڪوٽ لاهي
ڪلين ۾ ٽنگي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ رات جي ڪپڙن ۾ ڊگها ٿيا ليٽيا پيا هئا. ڀرسان واري سيٽ
تي هڪ نوجوان مرد ۽ عورت پاڻ ۾ سنهيون سنهيون ڳالهيون ڪري رهيا هئا- هو زال مڙس ٿي
ڏٺا. سامهون واريءَ سيٽ تي هڪ ڪَرڙوڍ اخبار پڙهي رهيو هو، ۽ باقي راءُ واريءَ سيٽ
تي سمهيل نهايت مزي سان کونگهارا هڻي هيو هو.
