Showing posts with label پاڻ وهيڻي پَري، سنڌ، لوڪ ڪهاڻي، محمد ابراهيم جويو،. Show all posts
Showing posts with label پاڻ وهيڻي پَري، سنڌ، لوڪ ڪهاڻي، محمد ابراهيم جويو،. Show all posts

Monday, November 30, 2020

پاڻ وهيڻي پَري - محمد ابراهيم جويو

پاڻ وهيڻي پَري

(سنڌ جي هڪڙي لوڪ ڪهاڻي)

محمد ابراهيم جويو



ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو ڪو غريب شخص هو، تنهن کي گذران جي تنگيءَ اهڙو ته اچي ورايو،جو لاچار ٻي ڪا واهه نه ڏسي، گهر واريءَ کي چيائين ته ”اٽي لپ ڪا پلاند ۾ ٻڌي ڏينم ته پرديس ۾ وڃي ڪٿي قسمت آزمايان- باقي هتي ته ويٺي ويٺي بنهه ويلا ٿا پئجي وڃنسون!“ جوڻس تنهن تي اندر اُٿي وڃي ٿانو ٿپا اٿلايا پٿلايا، پرتس ۾ هٿ گهمائي کڻي جو ڏسي ته اَٽي جي ان ۾ چپٽي به ڪا نه لڀي! دل ڏاڍي ڪري، چُلهه مان ڇار جون ٻه چار مٺيون ڀري، اجرڪ جي پلو ۾ ٻڌي، آڻي مڙس کي هٿ ۾ ڏنائين ته ”هي اٿئي مانيءَ ٻن جو اٽو! پرتين الله کي! پٺيان جي تو کان لڪل ڪانهي: ورجانءِ مڙيو ئي سيگهڀرو!“