Saturday, November 19, 2011

وڏو اديب - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


وڏو اديب
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
دينو، منھنجو ننڍو ڀاءُ، هاڻي ته ڏاڙهي منھن ۾ اچڻ ڪري ڪجهه سڌري پيو آهي. بابي سان گڏ، نوڪريءَ جي سانگ ڪري، مختلف شھرن ۾ رهي، ٽين-ڦان به ٿي پيو آهي ۽ پاڻ کي وڏو اديب به سمجهڻ لڳو آهي.
جڏهن اسان ٻئي ننڍا هياسين، تڏهن ڳوٺ واري، حويليءَ نما گهر ۾ رهندا هياسين. ڏاڏي به جيئري هئي. تنھنڪري چاچا ۽ پڦيون به اسان سان گڏ رهندا هيا. ڏاڏي مئي، بابي ان ڏينھن لَڏَ پٽي. هر ڪو، ڪڻو ڪڻو ٿي ويو. هاڻي جتي بابي جي نوڪري، تِـتي اسان جي رهائش ۽ پڙهائي.
ڳوٺ واري زماني ۾، دينو ڏاڍو ٽڻڪ ۽ تيسر هوندو هيو. ضدي ته ڄائي ڄم کان هيو. جيڪا شيءِ ٻئي ٻار کي ڏسندو هيو، اها حاصل ڪرڻ لاءِ، وٺي روئڻ ۽ رڙڻ شروع ڪندو هيو. تيستائين چُپ نه ڪندو هيو، جيستائين اها شيءِ نه مليس. ڏاڏيءَ جو ڏاڍو دادلو هوندو هيو، جنھنڪري سمھاريندي ساڻ هيس.
وڏي خرابي اها هئس جو، اڌ رات ڌاري سخت بک لڳندي هئس. جيستائين ماني نه مليس، تيستائين سڄو گهر مٿي تي کڻي ڏيندو هيو.
هڪڙي ڏينھن پڦيءَ صلاح ڏنس؛ “دينا! تون روز رات جو اٿي، امان جي ۽ سڄي گهر جي، مانيءَ لاءِ ننڊون ٿو ڦٽائين، ان کان ته چڱو آهي ته ماني ئي پيٽ سان ٻڌي سمھه. آڌيءَ جو جڏهن بک لڳئي، تڏهن اتان ڇوڙي کاءُ ۽ وري چپ چپات ۾ سمھي پئو.”
ديني کي اها صلاح ڏاڍي وڻي. ان ڏينھن کان وٺي، روز رات جو ماني پيٽ سان ٻڌي سمھندو هئو. اڌ رات جو جيئن ئي بک جي ڪري سجاڳي ٿيندي هيس، تيئن ئي پيٽ سان ٻڌل ماني ڇوڙي، ماٺ ميٺ ۾ کائي ڇڏيندو هيو. ٻين کي ننڊ مان ڪين اٿاريندو هيو. هاڻي گهر جا ڀتي سڪون جي ننڊ سمھندا هيا.


گهر ڀاتين جي اها سڪون واري ننڊ، گهڻو وقت نه هلي سگهي. هڪڙيءَ رات، گهر ۾ اوچتو وڏا ٻرڙاٽ پئجي ويا. جڏهن ته دينو، ماني پيٽ سان ٻڌي ستو هيو. سندس رڙين تي ڏاڏي سڀني کان اڳي اٿي. ڏٺائين ته پاڙي جو ڪتو، ديني جي پيٽ سان ٻڌل ڪپڙي ۾ چڪ وجهيو، مانيءَ سميت کيس کٽ تان ڇڪڻ ۾ لڳو پيو آهي ۽ دينو، پاڻ کي ۽ مانيءَ کي بچائڻ لاءِ، کٽ جي ٻانھينءَ ۾ ٻک وجهيو، چنبڙيو پيو آھي ۽ بيٺو رڙيو ڪري. ڏاڏيءَ پادر کڻي، ڪتي کي هڪلون ڏنيون ۽ کٽ تان ڪرندڙ، ديني کي ڀاڪر وجهي پاڻ به رڙيون ڪرڻ لڳي.
ڪتي جي گير، ديني جي رڙين ۽ ڏاڏيءَ جي هڪلن تي، سڄو گهر اٿي پيو. لٺيون کڻي ڪتي کي ڀڄايائون پر بک ۽ ڊيڄڙي سبب، ديني جي رڙ مٿي رڙ پئي پئي؛ “ڪتي جي وات هاڻي ماني نه کائيندس! مون کي ٻي ماني کپي.”
اڌ رات جو ٻيھر خانصاحب لاءِ چلهه ٻري، تڏهن بڀ ڀري، ٺري ستو. اهو ڏينھن، اهو ڏيھاڙو، ان کان پوءِ سندس بک اهڙي مري وئي جو، اڄ تائين آڌيءَ جو ڪڏهن کيس بک نه لڳي آهي.
هڪ ڏينھن، ٻوڙ ۾ ٻوٽي نه ملڻ سبب رُٺو. ٻئي ڏينھن اسڪول ته نه هليو هيو پر سڄو ڏينھن گهر کان غائب رهيو. جڏهن اسڪول مان واپس آيس ته خبر پئي؛ “صاحب اڃا ڦوڪيل آهي. صبح کان نه گهر آيو آهي ۽ نه ماني کاڌي اٿائين.”
کيس وٺي اچڻ لاءِ امان مون کي موڪليو. ٻاهر آيس ته ڳوٺ واري ميدان تي، اٽي ڏڪر راند پئي ڪيائين. پيار قرب سان گهڻو چيومانس پر مڙس رڙهي ئي نه. هٿائين گاريون ڏيڻ لڳو. خار ۾، پادر لاهي کُپي ويومانس. جڏهن سنھي بھه مان ڪڍيومانس، تڏهن به وڙهڻ لاءِ وس پئي ڪيائين. ننڍو هئڻ ڪري پڄي به نه پئي سگهيو. چي؛ “پٽ! گهر هل ته توکي مان ٺاهيان ٿو!”
“پوءِ هل گهر! ڏسان ڪيئن ٿو ٺاهين!؟”
انھيءَ ضد ۾ گهر هليو ۽ امان آتاري آتاري ماني کارايس. ماني به کاڌائين پئي ۽ شور مان مون ڏانھن ڏٺائين به پئي. ڄڻ دل ۾ چوندو هجي ته؛ “پٽ! ٻاهر نڪر ته توکي ڏسان ٿو.”
ماني کائي يڪدم مون تي اُلر ڪيائين. امان، گهڻيئي؛ “عقل! عقل!” ڪيس پر مڙيو ڪو نه. مون به ٿـڦڙن ۽ مُڪن سان سيڪاٽي رکيس. امان اچي ڇڏايس. تڏهن به گهٽ نه ٿيو. انھيءَ حالت هوندي به چئي؛ “ٻچُو! ٻاهر نڪر ته مان تو کي ٺاهيان ٿو نه!”
هڪ دفعي عيد هئي. ڳوٺ جا گهڻا ماڻھو، شاخ تي وهنجڻ هليا هئا. تڏهن گهر گهر ۾ نلڪو نه هوندو هيو. غربت هئي. ماڻھن وٽ نلڪو هڻائڻ جي وسعت نه هئي. ڪي ته گهرن ۾ وهنجڻ پسند ئي نه ڪندا هيا. مان ۽ دينو به شاخ تي وهنجڻ ويا هياسين. صابڻ سنڀالڻ لاءِ، امان ڏاڍو تاڪيد پئي ڪيو. ڇو جو شاخ تي وهنجڻ مھل خطرو هوندو آهي ته صابڻ هڻندي، پاڻيءَ ۾ نه تِرڪي لڙهي وڃي. صابڻ واقعي هڻندي، ديني جي هٿ مان ڇڏائجي ويو. ٽٻيون هڻي ته ڳولھي ورتوسين پر منھنجو ديني تان اعتبار کڄي ويو. ان ڪري وهنجڻ بعد، صابڻ مون کنيو. ديني جو رينگٽ ته صابڻ پاڻ کڻي. جڏهن شاخ کان گهڻو پري آياسين ته مون صابڻ کڻڻ لاءِ کيس ڏنو. صابڻ ملندي ئي شاخ ڏانھن ڊوڙ پاتائين. مون کي پريشاني ٿي وئي ته پڪ شاخ ۾ لوڙهڻ ويو آهي. گهڻيون ئي رڙيون ڪيونمانس ۽ پٺيان به ڀڳومانس.... پر.... خير ٿي ويو. شاخ تي پھچي، بلڪل ان جاءِ تان، جتان مون صابڻ کنيو هيو، اتان هٿ لائي اطمينان سان موٽيو. پنھنجي پر ۾، صابڻ ڄڻ شاخ تان کنيو پئي آيو. مون سان گڏ هلڻ بجاءِ تڪڙو تڪڙو گهر وڃي نڪتو.
هاڻي جي ڳالهه آهي. هڪڙي ڏينھن موڪل هئي. دينو ڊوڙندو گهر ۾ گهڙيو. بابا گهر ۾ هيو ۽ ڪتاب پڙهي رهيو هيو. ڌُو، سندس ڪمري ۾ گهڙي ويو. بابا جي مٿان پھتو ته، بابا ڪتاب مان اک ڪڍي، سواليه انداز ۾ نھاريندي کانئس پڇيو؛ “ڏي خبر! سھڪين ٿو؟! خير ته اٿئي؟! ڪير پٺيان پيو اٿئي ڇا؟!”
“بابا! مان هاڻ جلد وڏو اديب ٿي ويندس. وڏو اديب ٿيڻ جي مون کي ترڪيب اچي وئي آهي.”
“اڙي! بيوقوف! وڏو اديب ٿيڻ لاءِ ترڪيب به نڪتي آهي ڇا؟!”
“ها بابا! توهان چند ڏينھن ۾ مون لاءِ ٻڌندؤ ته؛ دين محمد وڏو اديب ٿي ويو آهي.”
“اڙي بيوقوف! ماڻھو ڄمندو آهي ته ننڍو هوندو آهي. پوءِ آهستي آهستي، ڏاڪو ڏاڪي تي چڙهي، وڏو ٿيندو آهي.” بابا ڀروون ۾ سونڊ پائي پڇيس؛ “بنا ڏاڪڻ جي، ڪوٺي تي ٽپ ڏيئي سگهبو؟!”
“نه!” نئين ۽ وڏي اديب، تائيد ڪندي چيو.
“پوءِ تون پھرئين ڏينھن وڏو اديب ڪيئن ٿي ويندين؟! ڪل ته ڪا نه ٿڙي اٿئي؟!”
“بابا! اڄڪلهه اهي پراڻا خيال نه ٿا هلن. توهان وارو زمانو ٻيو هيو. اسان وارو زمانو اور آهي.”
“اڙي گڏهه! تو واري زماني ۽ مون واري زماني ۾، تنھنجو ڇا مطلب آهي؟ مان اڃا هلان پيو ٿو. هن وقت ٻئي موجود آهيون. ٻنھي جو زمانو ساڳيو آهي.”
“بابا! زمانو ترقي ڪري ويو آهي. توهان اڃا پراڻن خيالن تي کڻي ڳنڍ ڏني آهي.”
“اڙي! ڪھڙي ترقي ٿي آهي؟ ماڻھوءَ کي هاڻي مٿي تي سڱ ٿا ڦٽن، اڳي نه ڦٽندا هيا؟ هاڻي ٻن اکين بدران چار اکيون ٿيون ٿينس؟ اڳي ٻه ٽنگون هونديون هيس ۽ هاڻي چار ٽنگون ٿيون ٿينس ڇا؟”
“بابا! ڏسو نه! اڳي ماڻھو حج تي ويندو هيو ته سال اوٽ، سال موٽ لڳندو هئس. هاڻي ته چاليھن ڏينھن ۾ حج ڪري گهر ٿو پھچي. اڳي ماڻھن جي عمر سؤ کان مٿي هوندي هئي پر پنھنجو سڄو ملڪ به گهمي نه سگهندا هيا. هاڻي سٺ سال به عمر نه ٿي ٿئي. پر ذري گهٽ سڄي دنيا لتاڙيو ٿا اچن. اڳي ڍڳي ڍور کي سير وجهڻ لاءِ ماڻھو دسيندا هئا ۽ هاڻي اهو ڪم مشين ٿي ڪري!”
“اڙي ته پوءِ ائين چؤ نه ته؛ اڳي ڍڳي کي ماڻھو دسي ويندا هئا ۽ هاڻي دسي نه ٿا سگهن!”
“بابا! توهان پراڻا خيال نه ڇڏيندؤ.”
“اڙي تنھنجي رڳ ٿـڙي آهي. وڃي ڪو علاج ڪراءِ!”
“بابا ڏسو نه توهان واري زماني ۾ توهان کي پرائمري اسڪول ۾ هڪ اڌ ڪتاب پڙهائيندا هيا. پنجين درجي تائين ڪل چار يا پنج ڪتاب پڙهائيندا هيا ۽ بس. مان هنيئر نائين ڪلاس ۾ ٿو پڙهان! ڏسو نه ڪتابن جي ڀريل بئگ ٿو کڻي وڃان! حالت اها آهي جو ڪڏهن هٿيو چٽ ته ڪڏهن بئگ ڇڳي پئي آهي. اهڙيون اٺ بئگون ڪتابن جون پڄائي چڪو آهيان. اوهان سڄيءَ عمر ۾ ايترا ڪتاب پڙهيا ته ڇا ڏٺا به نه هوندا.”
“اڙي! ائين چئو نه ته اڳي هڪ ٻه ڪتاب پڙهي، ماڻھو هوشيار ٿي ويندو هو ۽ هاڻي اُٺ ڪتابن جو پڙهڻ کانپوءِ به اُٺ جو اُٺ آهي.”
“بابا! اوهان پراڻن ۽ دقيانوسي خيالن جي پچر نه ڇڏيندؤ!”
“اڙي! اٺ مغز ۾ اٿئي ڇا؟ درسي ڪتابن جو اُٺ پڙهڻ سان ماڻھو وڏو اديب ٿيندو آهي ڇا؟”
مان اهو ئي چوان ٿو ته وڏو اديب ٿيڻ لاءِ، نه گهڻن ڪتابن پڙهڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي ڪنھن تعليمي اداري مان ڊگري وٺڻ جي. پر ان لاءِ ترڪيب جي ضرورت آهي. اها ترڪيب مون کي هٿ اچي وئي آهي ۽ هاڻي مان وڏو اديب ٿي ويندس.”
بابا اکيون ڦوٽاري، حيرت مان پڇيس؛ “اڙي مانيءَ کان سواءِ پيٽ ڀربو آهي؟!”
“نه!”
“ته پوءِ مطالعي کان سواءِ، لکي ڪيئن سگهبو آهي؟!”
“بابا! اهو اڳئين زماني ۾ هئو، جڏهن جھالت گهڻي هوندي هئي. هاڻي زمانو اور ٿي ويو آهي. ننڍو اديب اهو ناهي جيڪو عمر ۾ ننڍو آهي. نه ئي اهو ننڍو اديب آهي، جنھن ٿورو لکيو آهي يا ٿورو پڙهيو آهي! ننڍو اديب اھو آھي جنھن جي ڪا به تحرير نه ڇپي هجي. پوءِ ڀلي اُٺ ڪتابن جو پڙهيو هجائين يا اٺ ڪتابن جو لکيو هجائين!”
“اڙي ڪو بيوقوف آهين! اهو تو کي ڪنھن ٻڌايو آهي؟”
“اهو مون کي دائم درگاهيءَ ٻڌايو آهي.”
“دائم تو کي ٻيو ڇا ٻڌايو آهي؟!”
“چيائين پئي ته وڏو اديب اهو آهي، جنھن لکيو ڀلي گهٽ هجي، پر ڇپيو گهڻين جاين تي هجي. گهڻين جاين تي ڇپجڻ لاءِ، سفارش گهڻي هئڻ گهرجي. مٺڙي زبان هجي. ڏيٺ ويٺ چڱي هجي. پئسو جام هجي، جيئن ناليوارن اديبن ۽ پبلشرن تي خرچ ڪري سگهجي. کين تحفا ڏئي سگهجن، کارائي پياري سگهجي، فنڪشن وغيره ڪرائي سگهجن. گاڏي هجڻ ته سون تي سھاڳي برابر آهي. ان ۾ وڏن اديبن کي گهمائڻ ڦيرائڻ سان، سندن دل وٺي سگهجي ٿي، اهي تعريف ڪندا ته وڏو اديب ٿيڻ آسان ٿي پوندو!”
“هان! ٻيو ڇا پئي چيائين!” بابا حيرت مان ڦوٽاريل تارن سان کانئس پڇيو.
“ٻيو چيائين پئي؛ لِکُ يا ٻين ليکڪن جا ليک نقل ڪري آءُ! منھنجي سڀني اخبارن ۽ رسالن وارن سان ڏيٺ ويٺ آهي. هڪڙي ئي شيءِ سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائيندس. هڪ ئي ڌڪ سان تون وڏو اديب ٿي ويندين!”
“اڙي اهو دائمو تنھنجو مٿو رلائيندو! ....... !” ائين چئي بابا ٽپ ڏئي اٿيو ۽ پادر ۾ هٿ وڌائين. وڏي اديب هجڻ جي دعوى ڪندڙ دينو، هوا جو ڦريل رخ ڏسي، گهران ٽراپ ٽراپ ڪندو ڀڄي ويو.

No comments:

Post a Comment