Saturday, November 26, 2011

چٽڪمرو - حميد ابڙو


چٽڪمرو
حميد ابڙو
سج جا ڪرڻا ڳوٺ جي اُوڀر پاسي بيٺل نِمَ جي گهاٽي وڻ مٿان لياڪا پائڻ لڳا هئا.
رلين ۾ ويڙهيل ٻارن رُگهه ٿيڻ تي چرپر شروع ڪئي هئي.
ڪانءُ کنڀ ويڙهي مينهن جي سِڱَ تي ويهي ڪان ڪان ڪرڻ لڳو هو ۽ پوءِ چئني پاسي ڏسي ٻه ٽي ٺينگ ڏئي مينهن جي اک ۾ پيل پچي ڪڍي کائڻ لڳو هو.


اڱڻ جي ساڄي پاسي ننڍڙين ڀتين سان ٺهيل رڌڻي ۾ ويٺل شريفان جي اکين ۾ ٽيون ڀيرو لڙڪ تري آيا هئا. اِن کان پهرين جڏهن رات واري ماني کائڻ ويٺي هئي ته اکين سيمو ڪيو هو. ٻئي ڀيري جڏهن رات جو ئي ٻاهريون دروازو بند ڪرڻ وئي هئي ته به اکين ۾لڙڪ لڙي آيا هئس ۽ هاڻ وري اٽو ڳوهيندي اکيون وسڻ لڳيون هئس.
گهڙا-منجيءَ تي رکيل مٽ مان ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو ڀري گل محمد منهن ڌوئڻ کان پوءِ جڏهن صندلي سيري پنهنجي وني شريفان جي سامهون اچي ويٺو هو ته شريفان جي اکين مان ڳڙيل لڙڪ ننڍڙي چوريءَ جيان پڪڙجي پيا هئا.
“چري ته ناهين ٿي!” ڇڙٻ ڏيندي گل محمد پاڻ به وسامجي ويو هو ۽ سندس اکيون به ساٿ ڇڏي سيمو ڪرڻ لڳيون هيون.
“ڇا ڪريان، هن مهل تائين ٻار ناهن اُٿيا. اُٿن به ڪيئن؟ جيسين پٽي ناهيان اٿاريندي تيسين اکيون ڪٿي کلنديون اٿن.” ائين چئي شريفان نڪ سڻڪي رئي سان اگهيو ۽ پوءِ چولي جي ٻانهن سان اکيون به اگهيون. “اٿان به ته ڪيئن، اٿان ٿي ته ڪانوَ ٿا اٽو وڃائين.” اِئين چوندي سندس اکيون ٻيهر ڀرجي آيون.
گل محمد ٿڌو ساهه ڀريندي گوڏ جي پلوَ سان منهن اگهيو ۽ چوڻ لڳو؛ “مون کي ته اِئين ٿو لڳي ڄڻ پُٽ دلاور گذاري ئي هاڻ ويو هجي.”
هڪ ڀيرو ٻيهر شريفان نڪ سڻڪي پوتي سان اگهيو. پوءِ لوٽي مان کاٻي هٿ تي پاڻي پرٽي ٻئي هٿ ڌوتا ۽ وري اٽو ڳوهڻ لڳي وئي.
گل محمد صندلي ڇڏي اُٿيو. رلين ۾ ويڙهيل ٻارن مٿان رلي ڇڪي کٽ جي پيرن کان رکيائين. “اٿو بابا، ڏسو ته سج ڪٿي چڙهي آيو آهي. اُٿو، جلدي جلدي منهن ڌوئو، اُٿو نه ته اجهو اسڪول مان ڇوڪرا آيوَ ٽنگوٽالي ڪرڻ.”
ماءُ جي پَٽي اُٿارڻ تي هريل ٻار، سڏ سان ڪٿي ٿا اُٿن. ٻئي ڀيري به گل محمد ساڳي ڳالهه ڪئي پر ٻار جيئن پوءِ تيئن ڪرونڊڙا ٿيندا، ٻانهن ۾ مُنهن لڪائيندا ٿي ويا.
“اُٿو چٽڪمرو موٽي آيو ٿوَ.” گل محمد جي اِن جملي تي ڀڙڪو کائي اُٿندڙ ڏهن سالن جي رمضان جو چهرو اِئين چمڪڻ لڳو، ڄڻ سڀ کان وڏي خوشيءَ جي خبر ٻڌائي وئي هجيس. گڏوگڏ شريف به سڌو ٿيندي اکيون مهٽڻ لڳو. هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي مايوس ٿي، هن واپس پاڻ کي رليءَ تي ڇڏيو. اهڙي لااُٻالائيءَ کان پوءِ مايوس ٿيندڙ ٻارڙن تي گل محمد کي پيار ته آيو، پر ننڍڙي ڪوڙ ڪري ٻهڪي پوندڙ ٻارڙن کي ٻيهر بستري تي ليٽندي ڏسي پاڻ به مايوس ٿي وڃي ساڳي هنڌ صندليءَ تي ويٺو.
“ڪو نه ٿا اٿن!” چئي شريفان ڏانهن ڏسڻ لڳو، جيڪا ڏوليءَ سان ديڳڙيءَ مان ڪڙهندڙ چانهه پيالي ۾ پرٽي رهي هئي.
گل محمد پيالو هٿن ۾ کنيو، دونهون ڇڏيندڙ چانهه کي ڦوڪون ڏنيون ۽ پوءِ پنهنجي چپن سان گڏ مُڇون به ٻوڙيون. سُرڙاٽ سان ڍُڪ ڀريو ته تئي تان ماني لاهي شريفان دٻڪي تي رکي، سوري مڙس اڳيان ڪئي.
گل محمد مانيءَ مان گرهه ڀڳو، وات تي آڻيندي هٿ رُڪجي ويس ۽ اکين مان پاڻي ڳڙي پيس. گرهه دٻڪيءَ تي رکندي، چانهه جا ڪوسا ڪوسا ڍُڪ ڀريندي، پنهنجي لڙڪن کي به گهر واريءَ کان لڪائي پيئڻ لڳو.
ڪي پنج مهينا پهرين سندن 14 سالن جو پُٽ دلاور ڪالرا ۾ مري ويو هو. پنهنجي جوان پُٽ جي موت تي گهڻو ئي رُنا هُئا. پر ويل ڪي واپس ته ڪينهن ورندا جو سڄي حياتي روئجي. مهيني ٻن کان پوءِ پاڻُ پلي ويا هئا ۽ زندگي ساڳي معمول تي اچي وئي هُئن. شريفان گهر جي ڪم ڪار ۾ پاڻ وندرائي رکيو هو ته گل محمد ٻني ٻاري ۽ مال سان. پر هاڻوڪن لڙڪن تي کين به حيراني هُئي، هي لُڙڪ دلاور لاءِ ڪو نه هُئا، پر دلاور جي پاليل اُن چٽڪمري لاءِ هُئا، جيڪو اڃا گُلر ئي هو ته اڍائي سال پهرين دلاور کڻي آيو هو. شريفان کي ته اُها گهڙي به ياد ٿي آئي جڏهن پهرين ڏينهن دلاور گُلر کي نوڙيءَ سان ٻڌي گهليندو گهر وٺي آيو هو، ته هُن ڇڙٻ ڏيندي چيو هوس؛ “ڪَڍُ ڪني گُلر کي، هيڏي ڪاڏي گهليندو ٿو اچين”. آهُر ۾ ڪُتر مليندي گل محمد به ڌيان ڏنو هو ۽ وڌي اچي گُلر کي ڏٺو هُئائين ۽ شريفان جي بُڇان کائڻ تي هلڪو ٽهڪ ڏيندي پُٽ کان پُڇيو هئائين؛ “ڪٿان آندو اٿئي، اِهو ته مرڻ تي آهي، رات بچيو ته ڄڻ نئون ڄائو.” پر دلاور ٻنهي جي ٻُڌي اڻ ٻڌي ڪري، کٽ جي پائي سان گُلر کي ٻڌي، پاڻ سٽ ڏئي منَهه تي چڙهيو هو ۽ ڪنارن کان ڀڳل پاٽوڙو لاهي، پاڻيءَ سان ڌوئي، لسيءَ سان ڀري رکيو هئائين ته گلر لپڪ لپڪ ڪري پيئندي پُڇ لوڏڻ لڳو هو. ٻئي لمحي شريفان پاٽوڙو پري ڪندي، ساڳي رڙ ڪئي هئي؛ “هيڪاندو پيئاري ماريندين ڇا گُلر کي.”
پاٽوڙو کسجڻ تي گُلر پڇ لوڏي پاٽوڙي ڏانهن واجهائڻ لڳو هو ۽ ٿورو اڳيان هلي ويهي رهيو هو.
چٽڪمري کي کڻي ته دلاور آيو هو، پر پوءِ سڀئي هڪ جيترو خيال رکڻ لڳا هئس. گل محمد کي نه ڄاڻ ڪهڙو خيال آيو هو جو گلر جا ڪَن ڪٽي هڪ کڏي ۾ رکيو هئائين. ڇهه اٺ مهينا گلر کي کڏي ۾ ئي لسي ماني ڏيندا هئا، ۽ پوءِ ڪڍيو هئائونس ته آئي وئي جو اڳ وٺي ڀونڪڻ لڳندو هو. گهر ڀاتين مان ڪو به هڪل ڪري جي چوندو هيس ته؛ “چٽڪمرا سڃاڻين نٿو، پنهنجو آهي!” ته پڇ لوڏي پيرن ۾ پوندو هو ۽ پوءِ سڀئي چٽڪمري سان ائين ئي ڳالهائيندا هئا، جيئن ڪنهن ڀاتيءَ سان ڳالهائجي.
جڏهن به شريفان ڪڻڪ سُڪڻ لاءِ اڱڻ تي وجهندي هئي ته چٽڪمري کي چوندي هئي؛ “ڪانون کان خيال ڪجانءِ.”
شريفان جي چوڻ تي چٽڪمرو اُڀي پير ويهي ڪانوَن کي تڪيندو هو ۽ جيسين شريفان ڪڻڪ نه کڻندي هئي، تيسين ائين ئي ويٺو رهندو هو.
صبح جو رڌڻي جي ٽوهپ لاءِ به چٽڪمرو هوندو هو. سڄي رات ڀت مٿان سجاڳ ٿيو ويٺو رهندو ۽ گل محمد بي اونو ٿيو ننڊ ڪندو هو.
پر جڏهن کان دلاور هميشه لاءِ وٽانئن هليو ويو ته چٽڪمري جا رنگ ڦڪا پئجي ويا. دلاور وئي کان پوءِ چٽڪمرو پنج مهينا ئي مس جالي سگهيو ۽ ائين اڳئين ڏينهن صبح جو اڱڻ تي مُئل مليو. پٺيان شريفان ۽ گل محمد جي اکين ۾ سانوڻي رهجي وئي.

No comments:

Post a Comment