Saturday, November 26, 2011

وَڍُ - رخسانه ‘پريت’


وَڍُ
رخسانه ‘پريت’
ان ڏينهن ڪارو برقعو اوڍيل هئس. سور جون سٽون اڀريس پئي، پر برداشت جي ايڏي قوت هئس جو لکايائين نه ٿي.
“بابا ٻئي ڪنهن ته تو کي پريشان ناهي ڪيو، جنهن جنهن مان تو کي خطرو هجي، مون کي نالا ٻڌاءِ.” جج وري وري کانئس پڇي رهيو هو.
 
“نه سائين ٻيو ڪنهن کان به مون کي خطرو ناهي.” نماڻائيءَ مان جج کي جواب ڏنو هئائين. شديد سور کان اکيون ڳاڙهيون ۽ لڙڪن سان ڀريل هئس. ساڄي ٽنگ جي مٿئين حصي کان رت جا ننڍا ننڍا ڦڙا هيٺ تي رڙهي رهيا هئا، جنهن سان کيس شديد سور سان گڏ ڪتڪتائي جو عجيب احساس ٿي رهيو هو. رئي کي اهڙي طريقي سان ٻه ٽي دفعا موڙي ڌڪ تي ٻڌو هئائين جو رت ٺينديون ڪري نه ٿي نڪتو، پر سيمو ڪري وهي رهيو هو. سڄو رئو رت سان آلو ٿي چڪو هو، پر جيئن ته ڦٽ تي زور سان ٻڌل هو، ان ڪري پوءِ به رت کي گهڻو وهڻ کان بچائي رهيو هو. رت جو اهو سيمو آهستي آهستي ساران جي کڙين تائين پهچي ويو هو، سندس چمپل به آلي ٿي چڪي هئي، جنهن جي ڪورٽ ۾ ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهي هئي. نه کيس کڻي آيل پوليس وارن کي نه وڪيلن کي نه ئي جج صاحب کي. ڪهاڙيءَ جو لڳل ڌڪ سندس تري واري جڳهه تي لڳو هو، جيڪو سندس ٽنگ کي اندرئين پاسي تائين ڪپي ويو هو. ساران اندران اندران گهڻي تتل هئي، پر جج صاحب جي اڳيان ڪنهن جو به نالو وٺڻ نه ٿي چاهيائين.
“ٺيڪ آهي هاڻي تون ڀلي وڃ!” جج کيس ڪورٽ جي ڪٽهڙي مان وڃڻ لاءِ چيو هو ۽ هوءَ آهستي آهستي هيٺ لهي سول ڪورٽ ۾ لڳل خوبصورت ڪاٺ جي بئنچن مان هڪ تي ويهي رهي هئي.
جج صاحب ريڊر کي ڪجهه هدايتون ڏنيون، جنهن ۾ ساران کي محفوظ جاءِ تي پهچائڻ لاءِ چيل هو ۽ پاڻ اندر چيمبر ۾ هليو ويو هو.
ڪورٽ جو آرڊر ملڻ کانپوءِ ٽي مرد پوليس وارا ۽ هڪ ليڊي ڪانسٽيبل سندس ويجهو آيا هئا ۽ کيس هلڻ لاءِ چيو هو. هوءَ سور جي انتهائي شديد احساس کي برداشت ڪري اٿي ۽ سندن پويان هلڻ لڳي. آهستي آهستي سول مئجسٽريٽ ٻارهين جي ڪورٽ مان نڪري وڏي ڪاريڊور ۾ آئي ۽ پوءِ آهستي آهستي هيءُ ننڍڙو جٿو ڏاڪڻين تان هيٺ لهڻ لڳو. ساران ڏاڍو آهستي آهستي هلي رهي هئي، ڇو جو هڪ ته کيس سور برداشت کان وڌي رهيو هو ۽ ٻيو ته سندس چمپل رت سان بلڪل آلي ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري سندس پيرُ هر هر ترڪيو ٿئي ۽ هوءَ مس مس ڪِرڻ کان ٿي بچي. پر پوءِ به هوءَ هوريان هوريان پوليس وارن سان هلي رهي هئي. ساران جا خيال ۽ سوچون هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي نيٺ ماضي ۾ تمام پوئتي نڪري ويون هيون.
“ساران کٽمٺڙو کائيندينءَ” ڀاءُ غلام رسول هٿ ۾ کٽمٺڙو ڏيکاريندي کيس سڏيو هو. سندس عمر ان وقت 5 سال هئي. ڊوڙندي وئي هئي ڀاءُ ڏي، جنهن هٿ ۾ کٽمٺڙو ڏئي ڀاڪر پائي نرڙ تي چميو هئائينس.
ساران جا ماءُ ۽ پيءُ سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويا هئا. هن جو سڀ ڪجهه ڀاءُ غلام رسول ئي هيو، چار ڀائر ۽ ڀينرون هئا، جن ۾ ساران سڀني کان ننڍي ۽ غلام رسول سڀني کان وڏو هو، وچ ۾ منظور 13 سالن جو ۽ زليخان 9 سالن جي هئي.
ماءُ پيءُ جي گذرڻ کانپوءِ غلام رسول ئي ٻارن جو ماءُ پيءُ ٿي پيو هو. هو شهر ۾ هڪ سرڪاري آفيس ۾ نائب قاصد جي نوڪري ڪندو هو ۽ موٽندي ننڍن ڀائرن ڀيڻن کي به سنڀاليندو هو.
ساران پنهنجي وڏي ڀاءُ جي لاڏلي هئي، هو کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. ماءُ جي گذرڻ وقت ساران مس ٽن سالن جي هئي. کيس ياد اچي رهيو هو ته ڪيئن سندس وڏو ڀاءُ کيس پنهنجي هٿن سان ماني کارائيندو هو ۽ جڏهن هوءَ ٻاتڙو ڳالهائيندي هئي ته هو ڪيڏو نه خوش ٿي ويندو هو.
“آهه...” بڪتربند گاڏيءَ ۾ ويندي هن رڙ ڪئي، سور شديد ٿي ويو هئس.
“ڇا ٿيو ڇا ٿيو....!” ڪانسٽيبل پريشانيءَ مان کائنس پڇيو هو.
“باجي مٿي ۾ سور آهي.” ساران ڳالهه رکي وئي هئي.
ليڊي ڪانسٽيبل پنهنجي پرس مان سور جي گوري هن جي هٿ تي رکي ۽ گلاس پاڻي جو ڏنو هو.
هن گوري کاڌي هئي ۽ وري هن جي سوچن پوئتي جو رخ ڪيو هو. هن کي ياد آيو هو هڪ ڏينهن جيئن ڀاءُ غلام رسول شهر مان ڊيوٽي ڪري گهر موٽيو هو ته ساران کيس چنبڙي وئي هئي.
“ادا شيءِ ادا شيءِ”
“ها ها، ڏيان ٿو شيءِ صبر ڪر” هن کيس هڪ ننڍڙي ٿيلهي هٿ ۾ ڏني هئي.
“ڪنهن وهنجاريو اٿئي ڀيڻ زليخا؟” هن ساران کي صاف سٿرو ڏسي پڇيو هو.
“نه نه پاڻ وهنجي آهيان.”
“ساران وهنجڻ سکي وئي! ساران وڏي ٿي وئي!” هن پنهنجي منهن سان ڳالهايو هو. ڏک ۾ ڀرجي ويو هو، ساران کي ويجهو ڪري ڀاڪر پاتو هئائين. ماءُ پيءُ ياد اچي ويا هئس، ٻانهن سان اکيون اگهي ڇڏيون هئائين. قميص آلي ٿي وئي هئس.
آهستي آهستي وقت گذري رهيو هو. منظور ڏهين ڪلاس ۾ پهچي چڪو هو. زليخان پنج پڙهي گهر ويهي رهي هئي. مٿي پڙهڻ لاءِ نه ڇوڪرين جا اسڪول سندن علائقي ۾ هئا، نه ئي ڇوڪريون پڙهائڻ جو ايڏو رواج هو. ساران اسڪول وڃڻ لڳي هئي، ٻئي ڪلاس ۾ هئي.
غلام رسول شادي نه ڪئي هئي، نه ئي پنهنجي شاديءَ جو ڪڏهن سوچيو هئائين. هو ته صرف پنهنجي ڀاءُ ڀيڻن لاءِ پريشان رهندو هو، جيڪي آهستي آهستي وڏا ٿي رهيا هئا.
منظور ته چڱو وڏو ٿي ويو هو. ڳوٺ وارا غلام رسول کي ايندي ويندي پيا پنهنجي ۽ منظور جي شادي لاءِ چوندا هئا. هڪ ڏينهن غلام رسول، منظور کي پاڻ وٽ ويهاريو ۽ ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪئي.
“منظور ڏس تون هاڻي جوان ٿي ويو آهين، تو کي هاڻي شاديءَ لاءِ سوچڻ گهرجي.” غلام رسول بلڪل پيءُ وانگر کيس سمجهائي رهيو هو.
“ادا منهنجي ڳڻتي ڇو ٿا ڪريو. اوهان وڏا آهيو پهرين ته اوهان جي ڪنوار اچي.”
منظور ڪجهه شرارتي انداز سان ڀاءُ کي چيڙايو هو. ساران کي بڪتربند گاڏيءَ ۾ سڀ ڪجهه ياد اچي رهيو هو.
“ها ها آئون به ڪندس جڏهن اوهان سڀني جون شاديون ٿي وينديون.” غلام رسول ڪجهه سنجيدگيءَ مان وراڻيو هو.
“پر ادا جلدي ڇا جي آهي، سوچينداسين، ان ڳالهه تي.” منظور ڳالهه کي اهميت نه ڏني هئي.
“منظور ڀاءُ ڏس شادي صرف چوڻ سان ڪا نه ٿي ويندي، ان لاءِ وڏا بندوبست ڪرڻا پوندا آھن. پاڻ غريب ماڻهو آهيون.” ساران توڙي جو ان وقت ننڍي هئي، پر کيس سڀ ڪجهه ياد اچي رهيو هو.
بڪتربند گاڏي سول ڪورٽ مان نڪري، گاڏي کاتي واري روڊ تان سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس وٽان گذري رهي هئي. رش هجڻ سبب هر هر گاڏيءَ کي بريڪ ٿي لڳو ۽ جهٽڪي ۾ ساران جي ڌڪ مان شديد سور جون سٽون ٿي اڀريون ته سندس يادن جو سلسلو ٽٽي ٿي پيو ۽ وري هوءَ گم ٿئي ٿي وئي.
ڀاءُ غلام رسول جي زور ڀرڻ تي منظور، شيرل جي ڀيڻ وحيده ڏي هلڪو اشارو ڏنو هو، توڙي جو غلام رسول کي اها خبر پهرين کان هئي، ڇو ته هن ڀاءُ ڀيڻن کي ماءُ پيءُ جيان پاليو هو.
منظور جي خواهش تي غلام رسول، شيرل کان سڱ جي گهر ڪئي هئي. موٽ ۾ اهڙو شرط رکيو ويو جو غلام رسول ڇرڪي ويو ۽ في الحال نه سوچڻ جو چئي چپ ڪري ويهي رهيو.
شيرل پنهنجي ڀيڻ وحيده جو عيوضي ۾، ساران کي گهري ورتو، جيڪا هن کان 22 سال ننڍي هئي ۽ کيس 2 زالون پهرين به هيون.
غلام رسول تمام گهڻو پريشان ٿي ويو هو ۽ شيرل وارن کي ڪو به جواب نه ڏنو هئائين. منظور سان ڳالهه ڪيائين ته هن ننڍڙي جيڪا اڃا 15-16 سالن جي هئي، لاءِ ڪا خاص همدردي نه ڏيکاري هئي.
غلام رسول سمجهي ويو هو ته منظور ان معاملي ۾ خود غرض ٿي ويو آهي. پر غلام رسول اندران اندران ڀڄي ڀري رهيو هو. ٻه ٽي هفتا گذريا ته شيرل اچي غلام رسول وٽ پهتو.
“ڀاءُ ڳالهه چٽي ڪيو، وحيده جي ٻئي هنڌان به گهُر ٿئي پئي ۽ موٽ ۾ مون کي به سڱ ڏين پيا. اوهان جيئن ته پهرين چيو آ ان ڪري پهرين اوهان ڏي آيو آهيان.” شيرل هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري اهو معاملو ڇيڙي ورتو هو.
غلام رسول ٻڏتر ۾ پئجي ويو، ٻن ڏينهن ۾ جواب جو چيائين.
منظور، جنهن اها سڄي ڳالهه ٻولهه ٻڌي ورتي هئي، تنهن بعد ۾ ڀاءُ کي سڌو چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن سندس شادي وحيده سان نه ٿي ته هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو.
غلام رسول ڇرڪ ڀريو هو، منظور جي اهڙي ڌمڪي ٻڌي.
پوءِ هڪ ڏينهن ساران پاڻ کي ڪنوار جي ويس ۾ شيرل جي گهر ڏٺو هو. سندس ٽين زال جي حيثيت ۾. سندس ڀاءُ غلام رسول ڪجهه به نه ڪري سگهيو هو.
ساران شادي کانپوءِ ان گهر ۾ اڳين ٻن پهاڄن سان رهڻ شروع ڪيو هو. ننڍي نيٽي هئي. سونهن ۾ به ٻين کان سرس، تنهن ڪري شيرل جي دل مٿس وڌيڪ هئي. پهرين گهروارين کان کيس وڌيڪ ڀانئيندو هو. شيرل کي اولاد به ڪو نه هو. وڏي زال ته ڪجهه ٺيڪ هئس، پر وچين سوني اڪثر بيمار رهندي هئي، ان ۾ رت جو ڦڙو به نه هو.
وقت گذري رهيو هو؛ هڪ سال ٻه سال ٽي سال. ساران کي ٻه ٻار؛ ڌيءُ ۽ پٽ، شيرل مان ٿيا هئا. ٻارن هجڻ ڪري شيرل جو اڃا به مٿس وڌيڪ هٿ هو. پر سندن گهر جون حالتون انتهائي خراب هيون. ساران محسوس ڪري ورتو هو ته ان گهر ۾ اگر ڪنهن جو راڄ هو ته اها هئي بک ۽ اها ساران پنهنجين پهرين پهاڄن کي ڏسي ئي محسوس ڪري ورتي هئي، پر هاڻي هن ۽ سندس ٻن ٻارن کانپوءِ ان بک ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿي ويو هو.
شيرل جو هٿ توڙي سندس تي وڌيڪ هو، پر بک جو چڪ ان هٿ کان وڌيڪ بيزار ڪندڙ هو. ويتر جو ننڍڙن ٻارن کي شيءِ ٽول لاءِ ليلهائيندي ڏسندي هئي ته ڀُري پوندي هئي. وحيده ته سندن گهر اچي سکي ٿي هئي، پر ساران جا حال هيڻا ٿي ويا هئا.
غلام رسول ساران کي ڏسي جهڄي پوندو هو. آخر شيرل سان صلاح ڪري پنهنجي آفيس جي صاحب سان ڳالهايو هئائين، جيڪو ساران کي پنهنجي گهر ۾ ملازم رکڻ تي راضي ٿي ويو هو ۽ هڪ ننڍڙو گهر به کين مسواڙ تي ڏيڻ لاءِ حامي ڀري هئائين ۽ ائين غلام رسول ڀيڻ کي شهر ۾ رهائي، ڪجهه سک جو ساهه کنيو هو.
شيرل به شهر ۾ هڪ ننڍڙي هوٽل کولي هئي. ائين هو شهر ۾ گذارو ڪري رهيا هئا. بڪتربند گاڏي قلندر شهباز اوور هيڊ پل جي هيٺان گذري رهي هئي ۽ واڌو واهه تي چڙهڻ واري هئي. ساران کي جتي سور شديد ٿي رهيو هو، اتي کيس يادن به تمام گهڻو ٿڪائي وڌو هو.
هوءَ، سندس ٻه ٻار ۽ شيرل جون ٻه وڏيون گهرواريون سڀئي شهر اچي ويا هئا. ساران صاحب جي گهر ڪمائڻ شروع ڪيو هو. سندس ٻار وچين ساهيڙي پاليندي هئي، جيڪا اڪثر بيمار به رهندي هئي. وڏي ساهيڙي سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪندي هئي، آئي وئي کي ڏسندي هئي.
ساران کي سڀڪجهه ياد اچي رهيو هو. ڀاڳل، شيرل جي وڏي زال ٻه گرهه پورا اڻپورا پيٽ ۾ وجهي ڪيڏو نه ڪم ڪندي هئي. ساران ٿڌو ساهه ڀريو هو. کن پل لاءِ کيس پنهنجي ڌڪ وارو سور وسري ويو هو.
هوءَ پهرين صاحب جي آفيس وڃي کيس کان چاٻي وٺندي هئي ۽ پوءِ پاڻ ئي گهر کولي صفائي ڪندي هئي. جيڪڏهن گهر جو ملازم گهر هوندو هو ته ساران کي گهر کليل ئي ملندو هو ۽ هوءَ سليقي سان صفائي ڪري ڦهليل شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رکي، گهر موٽي ايندي هئي ۽ جڏهن محبت علي گهر موٽندو هو ته کيس عجيب سڪون محسوس ٿيندو هو. ڪڏهن ساران هن کي ڪم ڪندي ملندي هئي ته 10-20 خرچي به ڏئي ڇڏيندو هئس. وقت گذري رهيو هو. ساران جي گهر جون حالتون خراب هيون، ان ڪري هن محبت علي کي مسواڙ نه ڀري سگهڻ جي مجبوري ڏيکاري ته هن مسواڙ وٺڻ به في الحال ڇڏي ڏني هئي. شيرل هوٽل کولي پر ٻهراڙيءَ جو ماڻهو هو، شهر ۾ ڦڙتيءَ سان ڪاروبار نه ڪري سگهيو ۽ مهيني ڏيڍ ۾ ئي هوٽل ڦٽائي اچي گهر ويٺو هو. هاڻي سڄو بار ساران تي اچي پيو هو. ٻه اڍائي هزار پگهار ۽ ڪجهه روز جي خرچي پويان 5 ماڻهو کائڻ وارا ۽ ڇهين پاڻ.
سوني کي ٽي بيءَ جي سڃاڻپ ٿي وئي هئي. واتئون رت اوڳاڇي چڪي هئي. نيراني ٻڪ دوائن جا ڦڪيندي هئي. ڊاڪٽرن کيس سٺو کاڌو کائڻ جي تاڪيد ڪئي هئي. بيمار هئي پر پوءِ به ساران جي ٻارن ۾ ساهه هئس. اها ئي ٻارن جي اٿي ويٺي به پئي ڪندي هئي ته بيماري کي به منهن ڏيندي هئي. ساران کي اها خبر هئي ته اها بيماري وچڙندي آهي، پر پوءِ به ٻارن کي سوني سان کائيندي پيئندي پئي ڏسندي هئي، کيس جهلي ڪونه سگهندي هئي.
ساران جڏهن به ڪم تان موٽندي هئي، سوني لاءِ ڪجهه فروٽ ۽ کير وٺڻ نه وساريندي هئي. باقي بچيل 5-10 روپيه کانئس شيرل وٺي ويندو هو، ٻاهر سگريٽ يا چانهه پيئڻ لاءِ. رات جو کير ڪاڙهي سونيءَ کي پياريندي هئي ۽ صبح جو نيرن جي ويلي تي به سوني لاءِ بيدو تري رکي ويندي هئي. ٻارن کان وڌيڪ سونيءَ جو خيال ڪندي هئي.
هڪ ڏينهن ساران جيئن ئي بنگلي تي ڪم لاءِ پهتي ته بنگلو بند هو. هوءَ سڌي آفيس وئي صاحب کان چاٻي وٺڻ لاءِ هن چاٻي لاءِ هٿ وڌايو هو ته محبت علي کيسي مان چاٻي ڪڍي کيس ڏني هئي. چاٻي ڏيندي محبت علي جو هٿ ساران جي هٿ سان ٽڪرايو هو. ياد ايندي ئي ساران کان هلڪي رڙ نڪري وئي هئي آ.... سور جي شديد سٽ اڀري هئس. ليڊي ڪانسٽيبل ٽنگ تي هٿ رکي ڇڏيو هئس، ساران کان دانهن نڪري وئي هئي. هاڻي گاڏي هوش محمد شهيد اوور هيڊ پل ڪراس ڪري رهي هئي. ساران وري ماضي ۾ وڃائجي وئي هئي. محبت عليءَ جون نظرون سندس نظرن سان مليون هيون، ساران تڪڙ ۾ چاٻيون ورتيون ۽ جلدي جلدي بنگلي ڏانهن هلي وئي هئي. تالو کولي صفائي ڪرڻ شروع ڪيائين، پر سندس دل اڃا تائين هلي رهي هئي. اڻڄاتي خوف ۾ وٺجي وئي هئي، اڃا صفائي ڪري ئي رهي هئي ته محبت علي به گهر اچي ويو هو. در هن ئي کوليو، پر نظرون چورائي وري ڪم ۾ لڳي وئي هئي.
“صاحب چانهه ٺاهي اچان.” ساران وڏو ضبط ڌاري محبت علي کان پڇيو هو.
“ها ساران مٿي ۾ ڏاڍو سور آهي.” هن وراڻيو هو، ساران چانهه ٺاهي کڻي آئي هئي.
ساران روز ڪم تي ويندي هئي ته وچ ۾ محبت علي گهر ضرور ايندو هو. ساران پنهنجي اندر ۾ تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪندي هئي. هن کي ڪو اڻ ڄاتو خطرو محسوس ٿيندو هو.
ساران ڪم ڪندي رهندي هئي ۽ محبت علي پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هوندو هو. توڙي جو هوءَ سندس ڪمرو به صاف ڪري وٺندي هئي. پر هو ٽي وي ڏسندو هو يا پنهنجي منهن سان اخبار پڙهندو هو. ساران اهو سمجهي وئي هئي ته محبت علي بااخلاق ماڻهو آهي، ڪريل طبيعت جو ناهي، ان ڪري اعتماد سان پنهنجو ڪم ڪار ڪري موٽي ايندي هئي.
هڪ ڏينهن هوءَ ڪم ڪري هئي ته پويان آواز آيو هو.
“ساران!” صاحب جو آواز هو.
ڇرڪ ڀري وئي هئي، پويان ڏٺائين محبت علي بيٺو هو.
“ساران توکي ڏسان ٿو ته دل وس ۾ نه ٿي رهي. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن دل کي ڪيئن سنڀاليان.”
ساران ڊڄي وئي هئي.
“صاحب ائين نه چئو! مان ڏاڍي غريب گهر ۾ ڦاٿل مائي آهيان.” ساران جون اکيون ڀرجي آيون هيون. “صاحب مون کي معاف ڪر!” ساران ٻانهون ٻڌي، تڪڙي تڪڙي گهر ڏانهن موٽي آئي هئي. وڏا وڏا ساهه ٿي آيس، الائي ڪيئن مشڪل سان گهر پهتي هئي، اچڻ سان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس چاڙهي وئي هئي.
ٿوري دير گذري ته شيرل اچي پاسو ورتو هئس.
“ساران جلدي ڪر 10-20 ڏي، ٻاهر دوست بيٺو آ.”
ساران ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي هئي.
“مون کي ٻه ٽي روپيه ڏي!” شيرل وري پئسا گهريا هئا.
“اڄ خرچي ڪو نه ملي آهي.”
شيرل بڇڙو منهن ٺاهي پٽ کي ٿڏا هڻندو ٻاهر هليو ويو هو. رات جي ماني تي سوني کير گهريو هو، پر ساران خاموش هئي. نيٺ سوني کي به پاروٿي دال سان ٻه ٽي گرهه ڳهڻا پيا هئا.
ساران ننڍي ۽ ملوڪ هئي. ان ڪري شيرل جي دل تي پوندي هئي. ٻيو ته ڪمائي گهر به هوءَ ئي هلائيندي هئي. سوني کنگهي کنگهي جو رت اوڳاڇيندي هئي ته شيرل لوڪ لڄا کان ڪجهه وقت سندس پٺي مهٽيندو هو ۽ پوءِ ٻه چمچا سرڪاري، کنگهه جي دوا جا ڏئي ڇڏيندو هئس. باقي ڀاڳل کي ڪو ئي پڇندو به ڪو نه هو، سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي، آئي وئي کي سنڀاليندي هئي، هلي هلي رات جو ڪنهن پاسي پئجي ويندي هئي، ڪنهن ڇڳل کٽ تي. ساران جي مهيني واري پگهار شيرل وٺي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ گهر جو سامان پيو آڻيندو هو. ساران روز جي خرچي مان سونيءَ لاءِ کير، بيدو ۽ ڪجهه فروٽ ۽ ٻارن لاءِ ڪجهه شيون وٺي ايندي هئي.
ڀاڳل جي مٿي جو رئو، جيڪو هنڌان هنڌان ڦاٽل هو ۽ ڀاڳل ان کي ٽوپو ڏئي سبي ڇڏيندي هئي. ساران کي ڀاڳل جو رئو ياد هوندو هو، پر وٽس البته پئسه بچندا ئي ڪو نه هئا جو هوءَ ڀاڳل لاءِ رئو وٺي سگهي.
ساران لاءِ ته شيرل ٿورو گهڻو لٽو ڪپڙو پيو آڻيندو هو، پر ساران کي خبر هئي ته ڀاڳل ئي شيرل جي دل تان لٿل آ ته ڀاڳل جو رئو کيس ڪٿان ياد هوندو.
ساران ڪم تي ويندي هئي، محبت علي وڌيڪ کيس ڪجهه به نه چيو هو.
هڪ ڏينهن جيئن ئي واپس اچي رهي هئي ته محبت علي سؤ روپين جو نوٽ ساران ڏي وڌايو هو. ساران روز جي خرچي سؤ روپيه ڏسي ڊڄي وئي هئي.
“نه صاحب وڌيڪ بار نه وجهه، تنهنجا هونئن ئي گهڻا ٿورا آهن. مسواڙ به ڪو نه ٿو وٺين، پگهار به چڱي ٿو ڏين!” ساران ليلهائڻ لڳي هئي.
“ساران هي بار نه سمجهه نه ئي مون کي ڪا لالچ آ، بس منهنجي دل جي خوشي آهي، ٻار ٻچا خوش ٿي ويندئي ڪجهه سندن لاءِ وٺي وڃجان.”
ساران ڊڄي ڊڄي سؤ جو نوٽ ورتو هو. ٻار ٻچا ته کيس ياد ئي ڪو نه هئا. واپس ايندي ئي چنري جو رئو ورتو هئائين. سوني لاءِ بيدو ۽ کير، بچيل پئسن مان ٻارڙن لاءِ ڪجهه شيون وٺي گهر آئي هئي. سڀئي سندس راهه تڪي رهيا هئا. شيرل کي ايندي ئي 10 روپيه هٿ تي رکيائين. هو هوٽل تي هليو ويو. ٻار شيون وٺي گهٽي ۾ راند کيڏڻ هليا ويا. هن آهستي آهستي رئي واري ٿيلهي ڀاڳل ڏانهن وڌائي، جنهن پهرين ته خالي خالي نظرن سان کيس ڏٺو ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿيلهي ورتائين ۽ اندران ڪپڙو ڪڍيائين. ڳاڙهي رنگ جو چنريءَ جو رئو هو. اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون هئس. ساران جون اکيون به پاڻي پاڻي ٿي ويون هيون. ساران آهستي آهستي هڪ ڪنڊ پڪڙي سندس مٿي تان ڦاٽل رئو لاهي ڳاڙهو رئو اوڍائي ڇڏيو هو. ڀاڳل جي اکين ۾ لڙڪ ۽ چپن تي هلڪي مرڪ تري آئي هئي. ساران لڙڪ اگهندي جلدي جلدي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي هئي. سوني کي بخار هو، دوائون کاڌائين پئي، پر ٽي بي آخري اسٽيج تي هئي، دوائن گهڻو اثر نه ٿي ڏيکاريو.
وقت ڏکيو سکيو گذريو پئي. ساران کي پوليس جي بڪتربند گاڏيءَ ۾ ويندي سڀ ڪجهه ياد اچي رهيو هو، سمورا منظر ڏاڍا چٽا ۽ تڪڙا تڪڙا سندس ذهن جي پردي تي آيا ٿي ۽ وري اوجهل ٿِي ٿي ويا.
ساران کي ياد آيو جڏهن هوءَ هڪ ڏينهن صاحب طرفان مليل خرچيءَ مان سوني لاءِ کير، بيدو ۽ فروٽ وٺي گهر پهتي هئي ته سندس گهر ٻاهران ڪجهه وڌيڪ ماڻهو ڏٺا هئائين، جيڪي سندس پاڙي جا هئا، ڪجهه سمجهي نه سگهي هئي. تڪڙي تڪڙي اندر گهر ۾ داخل ٿي هئي، گهر ۾ رش لڳي پئي هئي، وچ آڳنڌ تي کٽ پئي هئي، رلي مان سمجهي وئي ته سوني ئي ستل هوندي، رلي سوني جي مٿان پيل هئي. شيرل ٻانهيءَ تي مٿو رکي پيو هو، آهستي آهستي رنئين پئي. ساران جي اچڻ تي سڀئي وڏي آواز ۾ روئڻ لڳا. شيرل اٿي ساران جو هٿ جهليو. ساران جي هٿ مان کير، بيدو ۽ فروٽ هيٺ ڪري پيا هئا. “ساران! سوني مري وئي!”
“سونيءَ کي ته مرڻو ئي هو. تو سونيءَ لاءِ ڇا ڪيو، سکڻو قرب مان ڳالهايئي به ڪو نه. مون کيس بچائڻ جي ڪئي، پر مان به نه بچائي سگهيس.”
ساران ڀريل اکين سان ميار ڀريل نظرون مڙس تي وڌيون ۽ هيٺ ويهي رهي هئي. سونيءَ جي کٽ تي پنهنجو مٿو رکي آهستي آهستي روئي رهي هئي.
اوچتو ڪنڌ تي ڪنهن جو هٿ محسوس ٿيو هئس، منهن مٿي ڪيائين ته شيرل بيٺو هو. جنهن کيس اندر ڪمري ۾ هلڻ لاءِ چيو هو. ساران آهستي آهستي مڙس جي پويان اندر هلي وئي هئي.
“ساران ڪجهه ڪر، مون وٽ پائي به ڪا نه اٿئي، لاش رکيئي گهڻي دير ٿي وئي آهي. ملياڻيءَ کي به اطلاع ٿي چڪو آ، اچڻ واري هوندي، هي بار به تو تي اٿئي.” شيرل ساران اڳيان ليلهائي رهيو هو.
“پگهار کپي وئي ڇا.” ساران رئندي چيو هئس؛ “پگهار مان سڄو گهر هلي ٿو، مٿان سونيءَ جون دوائون به ته انهن ئي پئسن مان آڻيندو هئس.”
“ها چئين ته سچ ٿو!” ساران چپ ٿي وئي هئي.
“هاڻي وڃي صاحب کي منٿ ڪر، اهو ئي مدد ڪري سگهي ٿو. سونيءَ کي دفنائڻو ته پوندو نه! سندس لاڳ لاءِ مون وٽ ته ٽڪو به ڪونهي. مائٽن مٽن کان گهرنداسين ته خلق کلندي. وڃي صاحب کي ٻاڏاءِ ۽ چئينس؛ جيئن چوندين تيئن ڪنديس، بس هيءَ مهل ملهائي. ٿوري هيٺائين ڪجانس.” ساران شيرل ڏانهن بس ٽڪ ٻڌي ڏسي رهي هئي. سندس خيال ڪنهن ٻئي طرف هئا. اوچتو جهٽڪو ڏئي اٿي، چمپل پائي مٿي تي گندي سولي ڪري، تڪڙي تڪڙي گهر کان نڪري وئي هئي. تيز تيز هلندي اڌ مني ڪلاڪ ۾ وڃي بنگلي تي پهتي هئي. گهنٽي ڏنائين ته صَدوري در کوليو هو.
“صاحب آهي.” تڪڙ ۾ صدوري کان پڇيو هئائين.
“ها آهي” صدوري جواب ڏنو هو.
“شڪر آ” ساران الله جو شڪر ادا ڪيو هو ۽ تڪڙي تڪڙي اندر ڪمري ۾ هلي وئي هئي.
محبت علي تيار ٿي نڪرڻ جي ڪري رهيو هو.
ساران روئيندي اندر داخل ٿي هئي ۽ سندس پيرن تي ڪري پئي هئي. محبت علي جورابا پائي رهيو هو، جيڪي سندس هٿن مان ڪري پيا هئا، پريشان ٿي ويو هو. ساران جي ڪلهن تي هٿ رکڻ چاهيائين پر ائين نه ڪري سگهيو.
“ساران خير ته آهي، تون ايڏو پريشان ڇو پئي ڏسجين” محبت علي به گهٻرائجي ويو هو.
“نه صاحب خير ڪونهي، سوني مري وئي.” ساران روئيندي جواب ڏنو هو.
“اِنا لله و اِنا اليہ راجعون.” محبت علي دعا لاءِ هٿ کنيا هئا.
“صاحب مون کي خالي نه موٽائجانءِ! سونيءَ جي ڪفن دفن لاءِ مون وٽ ڪجهه ڪونهي. صاحب مان تو سان ٺهي هلنديس، بس پهاڄ دفنائي ڏي. تون جيئن چوندين تيئن ڪنديس. صاحب! مان هر پاپ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بس سوني دفنائي ڏي.” ساران سڀ ڪجهه يڪساهيءَ ۾ چئي وئي هئي.
“ساران تون پاپ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهين!” محبت عليءَ جون اکيون به ڀرجي آيون هيون.
“ها صاحب! جيڪي پيٽ ۾ ڦاسندا آهن! اهي پاپن ۾ به ڦاسي پوندا آهن! منهنجو ڪو به ڏوهه ناهي.” ساران اعتماد ۽ خود داريءَ سان جواب ڏنو هو.
محبت علي ڏکارو ٿي ويو هو. هَٿُ پنهنجي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ وڌائين. رومال ۽ هڪ ننڍڙو ٻٽون گڏ ئي نڪري آيا هئا. رومال اکين تي ڏئي، ٻٽونءَ ۾ جيڪي ٻه ٽي ساوا نوٽ هئا، بغير ڳڻڻ جي ساران ڏانهن وڌايائين.
“ساران هي پئسا کڻي وڃ! بغير ڪنهن پريشانيءَ ۽ الڪي جي. تون ڪو به پاپ ڪا نه ڪندينءَ. مان انهن ماڻهن مان ناهيان، جيڪي ڏکايل انسانن جي مجبورين مان فائدو وٺن. تون وڃ ۽ وڃي سونيءَ جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪر.” محبت علي بي حد اداس هو.
ساران پئسا کڻي، ڪفن جو ڪپڙو وٺي گهر پهتي هئي ۽ مُلياڻيءَ کي ڏئي ڇڏيو هئائين.
ساران جي محبت علي سان ٿيل سموري ڳالهه ٻولهه ڪمري ٻاهران صدورو ٻڌي رهيو هو، جنهن جي هنن ٻنهي کي ڪا خبر نه هئي.
صدورو ڪم ڪار لاهي وڃي پٿر تي پهتو هو، ڪافي ماڻهو ويٺا هئا. ساران جا سڀ مائٽ ڀائر به ٻاهر تڏي تي ويٺا هئا. سوني دفنائجي چڪي هئي. پٿر تي هاڻي عام ڳالهيون ٿي رهيون هيون. صدورو جيڪا رٿ رٿي آيو هو. اُن جو وقت اچي ويو هو. هن ڀرسان ويٺل شخص کي ڦوڪ ڏئي ڇڏي ته سوني ڪيئن دفنائي، ڪنهن بندوبست ڪيو. ساران ڪهڙي قيمت تي صاحب کان پئسا ورتا.
صدورو پنهنجي پيٽ جو سور لاهي پٿر تان اٿي هليو ويو هو، پر اها ڦوڪ پٿر تي ويٺل مڙني ماڻهن تائين پهچي چڪي هئي.
سونيءَ کي مُئي ست اٺ ڏينهن ٿي ويا هئا، ساران ڪم تي وڃڻ شروع ڪيو هو.
صدورو، سونيءَ جي تڏي تي جيڪا چڻنگ هڻي ويو هو، سا ٻري ڀنڀٽ ته ٿيڻي ئي هئي. ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته هڪ ڏينهن شيرل ۽ ساران جو ننڍو ڀاءُ منظور، جنهن جي پاڻ عيوضو هئي، هوٽل تي چانهه پي رهيا هئا ته اوچتو ڀرسان ويٺل ماڻهن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو.
ڪنهن ڳالهايو هو؛ “ادا مايون ڌنڌا ڪن، تڏهن ٿا لاش دفنائجن.”
“صحيح ٿو چئين رب نواز!” ٻئي سُر وٺرايو هو.
“سائين پنن ها تڏهن به ته ٻه ٽي ڏينهن لڳي وڃن ها.” پريان ويٺل ڇٽي، ڳالهه ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
“تيستائين لاش جي حالت....” مراد ته ويتر ڪريل جملو ڳالهايو هو. ٽيئي ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هئا.
“ادا مائي ساران جي ڌنڌي ڪم سولو ڪري ڇڏيو.” رب نواز جي چيل ان جملي تي شيرل کي جهڙوڪ جهٽڪو لڳو، ڪپ ڏڪڻ لڳو، ساسر هيٺ ڪري پئي هئي.
منظور چانهه جو آخري وڏو ڍڪ يڪساهي اندر اوتي ڇڏيو. گرم چانهه سندس نڙي، چيريندي پيٽ ۾ لهي وئي هئي. ٻئي اٿي بيٺا هئا.
منظور ۽ شيرل، ٻئي ساران لاءِ اوپرا ٿي ويا هئا. ڀت جي اوٽ ۾ ڪجهه مشورو ڪري، ڪهاڙيون ڪٿان هٿ ڪري تڪڙا تڪڙا گهر ڏانهن وڌيا هئا. گهر پهتا، پر ساران اڃا ڪم تان ڪا نه موٽي هئي. ڀت جي اوٽ ۾ ڪهاڙيون لڪائي بي چينيءَ سان ساران جو انتظار ڪرڻ لڳا.
ساران ٿوري دير ۾ جيئن ئي اندر گهر ۾ داخل ٿي، ٻئي ڄڻا مٿس ڪڙڪي پيا. ڀاڻس منظور جي زور سان لڳل ڪهاڙي گُسندي وڃي زمين تي لڳي، ڌرتيءَ جي ڇاتي چيرجي وئي..... ساران ڇرڪ ڀري رڙ ڪئي هئي، مٿان شيرل ڌڪ هنيو هو، ساران جهٽڪو ڏئي پري ٿيڻ جي ڪئي، پر ڪهاڙي سندس نَري واري جاءِ چيري ڇڏي. ڌڪ سنڌائتو لڳو هئس، پر پوءِ به ٻانهن جو سهارو وٺي لوهه ڏئي دروازي کان ٻاهر نڪري وئي. رت ٺينڍيون ڪري وهي رهيو هئس. ڊوڙ پائي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ وڪيل جي گهر گهڙي وئي. هن سان سندن ڄاڻ سڃاڻ هئي. گهر ۾ داخل ٿيندي ئي غسل خاني ۾ هلي وئي هئي. اتي پنهنجو رئو لاهي، ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڦٽ تي ٻڌو هئائين. پويان منظور ۽ سندس مڙس شيرل، وڪيل خادم جي گهر اڳيان بيٺا هئا. خادم ساران جي حالت ڏسي ڊڄي ويو هو ۽ ٻاهر نڪري شيرل ۽ منظور سان وڙهي پيو هو ۽ کين قانون جا دڙڪا ڏئي ڀڄائي ڇڏيو هيائين.
ساران کي بڪتربند گاڏي ۾ سڀڪجهه ياد اچي رهيو هو. جيڪا واڌو واهه تان لهي پيٽرول پمپ ڪراس ڪري مين قاسم آباد روڊ تان گذري هئي. ساران وڪيل خادم علي جي سامهون روئي رهي هئي. جنهن کيس دلداري ڏني هئي ۽ هڪ ٻن ڪلاڪن اندر ئي کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو هو.
اوچتو بريڪ لڳو هو، بڪتر بند گاڏي بيهي رهي هئي.
ليڊي ڪانسٽيبل ساران کي گاڏي مان هيٺ لهڻ لاءِ چيو هو. هوءَ هلي نه پئي سگهي. ڏاڍي تڪليف سان بڪتربند گاڏيءَ مان هيٺ لٿي هئي. سامهون ئي وڏو گيٽ هو ۽ بلڊنگ جي مهاڙ ۾ ئي وڏو بورڊ لڳل هو، جنهن تي وڏن اکرن ۾ دارالامان لکيل هو- پڙهي پاڻ کي محفوظ سمجهيائين.
ٿوري دير ۾ پوليس کيس دارالامان انتظاميه حوالي ڪري، ڪجهه ضروري لکپڙهه کان پوءِ هلي وئي هئي.
ساران کان بيان وٺي، کيس اندر موڪليو ويو هو.
زخم تمام گهڻو گهرو هو. هن سڀ ڪجهه انچارج کي سچ ٻڌايو هو.
تمام جلدي سندس علاج شروع ڪرايو ويو هو.
دارالامان ۾ ڏاڍو رني هئي،. سندس سڀ قربانيون، پورهيا، محبتون هڪڙي پل اندر پاڻي ۾ هليا ويا هئا. ڀاءُ غلام رسول ڪنهن ڪنهن مهل ياد آيس ٿئي، پر ان به پڇا ڳاڇا ڪا نه ڪئي هئي، ڪافي ڏينهن گذري ويا هئا.
هاڻي بس آسرو هئس ته اهو محبت علي جو... پاڻ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
“امان تو کي به پهاڄ دفنائڻ مهانگي پئجي وئي.” دارالامان جي ماسيءَ سرداران اوچتو چئي ڏنو هئس.
ساران جو ڪنڌ هيٺ هو، اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون هئس.
“هاڻي ڏسئون تنهنجو صاحب ڇا ٿو ڪري.”
“هتي گهڻن جا صاحب ڏٺاسين.” ماسي سردارن 15-16 سالن کان هتي ملازم هئي، تنهن پنهنجي تجربي آهر ڳالهه ڪئي هئي.
“نه ماسي منهنجو صاحب اهڙو ناهي، هو ضرور ايندو.”
“امان اچي ته اسان جي اکين تي، اسان ڪو ارها ٿينداسين!”
هڪ ڏينهن شام جو سڀ ڇوڪريون ڪم ڪار کي لڳيون پيون هيون ته ماسي سردارن زور سان دروازو کولي اندر داخل ٿي هئي.
“امان ساران! مبارڪ اٿئي تنهنجي صاحب تنهنجي پوئيواري ڪئي آهي.”
ساران ٿورو پري بيٺل هئي سا تڪڙي ماسي سرداران جي ويجهو آئي، سندس ڀرسان ٿي بيٺي.
“امان محبت علي جي فون هئي، چيائين ساران کي چئجو الڪو نه ڪري، وڪيل ڪري ڇڏيو اٿم، بس ڪجهه ڏينهن اتي رهڻو پوندس!” ماسي سرداران پيرائتو نياپو ڏنو هئس.
ساران جي چهري تي مرڪ ڦهلجي وئي هئي.

No comments:

Post a Comment