Thursday, June 7, 2018

ٻي شاديءَ جو شوق - زيب سنڌي


ٻي شاديءَ جو شوق
زيب سنڌي
سترهين گريڊ جي سرڪاري نوڪري ڪندڙ انهيءَ شخص جڏهن ويهارو دوستن جي محفل ۾ ٻي شاديءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ته، ويهارو دوستن منجهان ٻن دوستن ئي ٻي شاديءَ جي حمايت ۾ ڳالهايو هو. ٻي شاديءَ جي حمايت ۾ ڳالهائيندڙ انهن ٻن دوستن به ذاتي تجربي جي آڌار تي اهڙي ڳالهه نه ڪئي هئي، جو انهن ٻنهي مان ڪنهن به ٻي شادي نه ڪئي هئي. انهن ٻنهي حمايت ڪندڙ دوستن جي اندر ۾ به شايد ٻي شاديءَ جي خواهش لڪل هئي، جو انهن ٻنهي ذاتي تجربي کان سواءِ ئي ٻي شاديءَ جي حمايت ٿي ڪئي ۽ دوست کي اهڙي عمل لاءِ همٿايائون پئي، جڏهن ته محفل ۾ موجود باقي سڀ دوست ٻي شاديءَ جا مخالف هئا. جنهن دوست ٻي شاديءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو، انهيءَ لاءِ ارڙهن دوستن جي مخالفت کان وڌيڪ ٻن دوستن جي بنا تجربي واري حمايت اهم هئي، تنهن ڪري هن ٻي شاديءَ جا فائدا ڳڻائڻ شروع ڪيا هئا. موقعو ملڻ تي مان انهيءَ چاليهن سالن کان وڏي عمر واري ٻي شاديءَ جي شوقين، ٽن ٻارن جي پيءُ جي ڀرسان وڃي ويٺو هئس. کيس سندس ٽن ٻارن جي مستقبل کان وٺي گَهرُو مسئلن ۽ ذهني مونجهارن تائين جا حوالا ڏئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، پر سندس شوق اڳيان منهنجا سڀ دليل هن لاءِ بي معنيٰ بڻجي پيا هئا. هن وڏي واڪي اعلان ڪيو هو ته، مان ٻي شادي ضرور ڪندس، تڏهن مون کلي چيو هو، ”ارڙهن جي ڀيٽَ ۾ توکي فقط ٻن دوستن جي حمايت حاصل آهي، يعني اها حمايت فقط ڏهه سيڪڙو آهي. اهڙي حمايت سان جيڪڏهن تون اليڪشن ۾ بيهندين ته تنهنجي ضمانت به ضبط ٿي ويندي!“ ۽ پوءِ اها محفل چرچن ۽ ٽهڪن سان پڄاڻيءَ تي پهتي هئي.


هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ ۽ شهر ۾ نوڪري ڪندڙ اهو دوست پوءِ جڏهن به ملندو هو ته، مان کائنس پڇندو هئس ته سندس مٿي منجهان ٻي شاديءَ جو خيال نڪتو يا نه، تڏهن هر دفعي هو ٻڌائيندو هو ته ٻي شاديءَ لاءِ سندس ڪوششون جاري آهن. چاليهن سالن کان وڏي عمر جي باوجود هن ننڍي نيٽي ۽ خوبصورت شهري ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي. هن جتي به رشتي جي ڳالهه هلائي پئي، اتي اها ڳالهه نٿي لڪايائين ته هو ٽن ٻارن جي پيءُ آهي ۽ سندس پهرين زال به موجود آهي، جو هن نٿي چاهيو ته انهيءَ بنياد تي ٻي شاديءَ کان پوءِ ڪو مسئلو پيدا ٿئي، پر ٽن ٻارن ۽ پهرين زال جي موجودگيءَ جو ٻُڌي جتي ڪٿي ڳالهه ڊهي پوندي هئي. ڪجهه سالن جي لڳاتار ڪوششن کان پوءِ نيٺ شهر جي هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان سندس مڱڻو ٿيو، پر ڇوڪريءَ وارن هن کي ڌار گهر خريد ڪرڻ لاءِ چيو. هن ڪجهه مهلت طلبي هڪ ننڍڙو گهر ٺهرائڻ شروع ڪيو. جاءِ ٺاهڻ جو ڪم ٺيڪيدار جي حوالي ڪري پاڻ شاديءَ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيائين. ڪنواريتن جي فرمائش تي شاديءَ کان اڳ ئي هن سون به خريد ڪري سندن حوالي ڪيو. هو شاديءَ جي تيارين سبب پنهنجي نئين ٺهندڙ گهر جي نگراني ڪري نه سگهيو ۽ سندس غير موجودگيءَ ۾ ٺيڪيدار ناقص مٽيريل استعمال ڪندو رهيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڇت پوڻ کان پوءِ جڏهن شٽرنگ کولي وئي ته ٻئي ڏينهن تي ئي گهر ڊهي اچي پَٽَ تي پيو! شاديءَ جون تياريون ته رڪجي ويون پر ڪنواريتن کي اچي وِسوسو ٿيو ته نياڻيءَ جو گهر آباد نه ٿيندو، سو انهن کيس نياڻي ڏيڻ کان ئي جواب ڏئي ڇڏيو! همراهه ڪيترائي پنڌَ ڪري مشڪل سان پنهنجو ڏنل سون واپس ورتو ۽ صدمي ۾ مبتلا ٿي ويو. ڌَڪُ پچائي هن وري جدوجهد شروع ڪئي پر ڪجهه سالن جي لڳاتار ڪوشش جي باوجود ڪنهن ننڍي نيٽي ۽ خوبصورت شهري ڇوڪريءَ جو رشتو کيس ملي نه سگهيو. شهر کان مايوس ۽ مجبور ٿي هن ٻهراڙيءَ ڏانهن رخ رکيو. ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ سندس واسطي وارن وٽ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان سندس رشتو طئي ٿيو. جيئن ته نياڻيءَ وارا غريب ڳوٺاڻا هئا ۽ هي شهر ۾ رهندڙ سترهين گريڊ جو آفيسر، تنهن ڪري ڇوڪريءَ وارن کي هن پنهنجا شرطَ مڃائي ورتا، جن موجب ڇوڪري پنهنجي مائٽن جي گهر ڳوٺ ۾ ئي رهڻي هئي ۽ هن کي فقط ڇوڪريءَ جو خرچ برداشت ڪرڻو هو. هن بنا ڪنهن کي ٻُڌائڻ جي شادي ڪري ڇڏي. هو شهر ۾ پنهنجي پهرين زال ۽ ٻارن سان ئي رهندو رهيو ۽ مهيني ۾ ٻه دفعا ٻي زال وٽان ٿي ايندو هو. هو پهرين زال سان ڪو نه ڪو بهانو ڪري ٻي زال ڏانهن سندس ڳوٺ هليو ويندو هو، پر اها ڳالهه گهڻو وقت لڪي نه سگهي. جڏهن سندس پهرين زال کي خبر پئي ته هن گهرُ مٿي تي کڻي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هن ٻي زال ڏانهن وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو. ٻي زال کيس نياپا ڪندي رهي پر پهرين زال هن کي ڪڏهن به شهر کان ٻاهر وڃڻ نه ڏنو. سندس ٻي زال هڪ پُٽَ کي جنم ڏنو تڏهن به هو نه ويو. جڏهن سندس پهرين زال کي خبر پئي ته کيس ٻي زال منجهان هڪ پُٽَ جو اولاد ٿيو آهي ته اها وڌيڪ ڪاوڙجي پئي ۽ هن تي زور بار ڪيائين ته هو ٻي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي. ٻي زال کي طلاق ڏيڻ کان انڪار تي سندس پهرين زال جڏهن خودڪشيءَ جي ڌمڪي ڏني ته هو سخت پريشان ٿي پيو. هڪ ڏينهن هن سخت پريشانيءَ واري ڪيفيت منجهان اهي سڀ ڳالهيون دوستن سان ونڊيون ته دوستن کيس چيو، ”توکي ٻي شادي ڪرڻ نه گُهربي هئي، پر هاڻي پهرين زال جي ڌمڪين ۾ اچي، ٻي ننڍي نيٽي زال کي طلاق ڏئي سندس زندگي برباد نه ڪجانءِ.“ هو مونجهاري واري حالت مان دوستن جي محفل منجهان اٿي هليو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مليو ته ٻڌايائين، ”منهنجي پهرين زال خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون نٿي چاهيو ته، منهنجي ٽن ٻارن جي ماءُ خودڪشي ڪري مري وڃي ۽ منهنجو گهر تباهه ٿي وڃي، تنهن ڪري مون ٻي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي!“ هن پنهنجي ٻي زال کي طلاق ته ڏئي ڇڏي، پر اڃا به هن ٻي زال منجهان پيدا ٿيل پنهنجي پُٽَ کي ڏٺو ئي نه هو!
ڪيترن سالن کان پوءِ عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ مليو ته کائنس پڇيم، ”ٻي زال منجهان پيدا ٿيل پُٽَ سان مليو آهين؟“ تڏهن هن ٿڌو ساهه کڻي هڪڙي ئي لفظ جو مختصر جواب ڏنو، ”نه...!“ پڇيومانس، ”هاڻي تنهنجو اهو اڻ ڏٺل پُٽُ ڪيترن سالن جو آهي؟“ جواب ڏيڻ بجاءِ هو ڪنڌ جُهڪائي خاموش ويٺو رهيو. جڏهن مون پنهنجو سوال ٻيهر ورجايو ته هن پهرين کان به هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو، ”هاڻي ته اهو اٺن سالن جو ٿي ويو آهي!“ مون هن کي پريشان ڪرڻ لاءِ نه، پر مستقبل ۾ ساڻس پيش ايندڙ ڪنهن امڪاني صورتحال خاطر کيس چيو، ”تنهنجو اهو اٺن سالن جو اڻ ڏٺل پُٽُ جڏهن ارڙهن سالن جو جانٺو جوان ٿيندو، تڏهن هڪ ڏينهن شايد هو تنهنجي سامهون اچي بيهندو ۽ تنهنجي ڇاتيءَ تي آڱر رکي توکي چوندو: اُهو تون آهين، جنهن مون کي پيءُ جو پيار نه ڏنو ۽ منهنجي ماءُ جي زندگي برباد ڪئي...!“ منهنجي اها ڳالهه ٻُڌي سندس چهري تي پريشانيءَ جا پاڇا لهي آيا ۽ هو فڪرمنديءَ واري سوچَ ۾ گم ٿي ويو!

No comments:

Post a Comment