Thursday, June 7, 2018

هلو هلو لنڊن هلو - زيب سنڌي


هلو هلو لنڊن هلو...!
ڪالم-ڪهاڻي
زيب سنڌي
”هلو هلو... موهن جي دڙي هلو...“
هو موهن جي دڙي هليو ويو.
”هلو هلو... رني ڪوٽ هلو...“
هو رني ڪوٽ هليو ويو.
”هلو هلو... مڪليءَ هلو...“
چيائين، ”مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان!“
چيائونس، ”پنهنجن تاريخي ماڳن بابت شعور بيدار ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي.“
هو مڪليءَ هليو ويو.
”هلو هلو... ڀنڀور هلو...“
چيائين، ”مون کي ڇڏيو ته مان ڪجهه ڏينهن آرام ڪيان.“
چيائونس، ”پنهنجن تاريخي ماڳن جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي.“
هو ڀنڀور هليو ويو.


”هلو هلو... ڪاهوءَ جي دڙي هلو...“
چيائين، ”مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. مون کي ڇڏيو ته مان ڪجهه ڏينهن آرام ڪيان.“
چيائونس، ”توکي پنهنجي تهذيبي ورثي جي سار سنڀال جي معاملي ۾ غفلت جو مظاهرو نه ڪرڻ گُهرجي!“
هو ڪاهوءَ جي دڙي هليو ويو.
”هلو هلو... ڀالوا هلو...“
چيائين، ”مان ڏاڍو هليو آهيان... مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪجهه آرام به ڪرڻ ڏيو!“
چيائونس، ”توکي مارئيءَ جي ميلي تي ڀالوا ضرور هلڻ گهرجي.“
چيائين، ”توهان مون کي سنڌ جي سڀني ميلن ملاکڙن ۾ ڏاڍو هلايو آهي. گهڻو ٿيو، هاڻي بس...“
چيائونس، ”تون مارئيءَ جي عظمت کان انڪار ٿو ڪرين!“
چيائين، ”نه، مارئي ته سنڌي نياڻين جي لڄ جي علامت آهي.“
چيائونس، ته پوءِ توکي مارئيءَ جي ميلي تي ڀالوا ضرور هلڻ گهرجي.“
هو ڀالوا هليو ويو.
”هلو هلو... ننگر پارڪر هلو...“
چيائين، ”هاڻي وڌيڪ هلڻ منهنجي وَسَ ۾ ناهي.“
چيائونس، ”سنڌ جي تفريحي ماڳن جي مشهوري ۾ سنڌ جو مفاد آهي. توکي سنڌ جي مفاد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.“
هو ننگر پارڪر هليو ويو.
”هلو هلو... عمر ڪوٽ هلو...“
چيائين، ”هاڻي ته مان هلي به نٿو سگهان. منهنجا پير پٿون ٿي ويا آهن!“
چيائونس، ”تون ته هر هنڌ هلندو آهين.“
چيائين، ”مان گهر وڃي آرام ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ پنهنجي زخمي پيرن تي پَها رکڻ ٿو چاهيان.“
چيائونس، ”عمر ڪوٽ ۾ اسان جو ثقافتي ورثو اسان کي سڏي رهيو آهي.“
هن ٿڌو ساهه کڻي لاچاريءَ منجهان پنهنجي زخمي پيرن ڏانهن ڏٺو.
چيائونس، ”عمر ڪوٽ هلڻ بيحد ضروري آهي. اها ڳالهه توکي سمجهڻ گـُهرجي!“
هو عمر ڪوٽ هليو ويو.
هو هلي هلي ٿڪجي ساڻو ٿي پيو.
آرام ڪرڻ لاءِ واپس وڃڻ لڳو.
”هلو هلو... لنڊن هلو...“
هو واپس موٽي آيو.
پڇيائين، ”انگريز سنڌ جو ڪو تاريخي ماڳ پَٽي لنڊن کڻي ويا هئا ڇا!؟“
چيائونس، ”نه، انگريز ته اسان جي تاريخي ماڳن تان فقط ڪي ٿوريون شيون کڻي ويا هئا.“
پڇيائين، ”ڇا توهان سنڌ جو اهو کڄي ويل ورثو واپس وٺڻ ٿا وڃو؟“
چيائونس، ”نه، اهي تاريخي شيون انگريزن جي حفاظت ۾ چڱيون آهن، اسان وٽ هونديون ته موهن جي دڙي جي مُهرن جيان چوري ٿي وينديون!“
حيرت سان پڇيائين، ”ته پوءِ توهان لنڊن ڇو پيا وڃو؟“
چيائونس، ”اسان لنڊن وارن کي پنهنجي ثقافت بابت ڄاڻ ڏيڻ ٿا چاهيون.“
مُرڪي چيائين، ”ته پوءِ نيو يارڪ، پئرس، روم، ايمسٽرڊم ۽ ميڊرڊ وارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو انهن کي سنڌ جي ثقافت کان محروم پيا رکو!“
چيائونس، ”موقعو مليو ته اسان وَسَ کان نه گهٽائينداسين. انگريز اسان جا حاڪم هئا، تنهن ڪري اسان تي انگريزن جو وڌيڪ حق آهي، ان لاءِ اسان شروعات لنڊن کان ٿا ڪيون.“
چيائين، ”مان به لنڊن هلندس. مون کي پنهنجي ثقافت بابت توهان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي.“
چيائونس، ”اسان ضرورت مطابق ئي ماڻهن کي پاڻ سان وٺي ويندا آهيون.“
حيرت سان پڇيائين، ”هتي هر هنڌ مون کي ساڻ وٺي هلڻ جي توهان کي ڪهڙي ضرورت هئي!؟“
چيائونس ”هتي هر هنڌ تقرير کان پوءِ اسان کي تنهنجين تاڙين جي ضرورت هئي.“
چيائين، ”مان لنڊن ۾ به توهان جي تقرير کان پوءِ تاڙيون وڄائيندس.“
چيائونس، ”لنڊن ۾ تقرير کان پوءِ اسان کي تنهنجي تاڙين جي ضرورت نه پوندي. اسان ڌُڪَڙَ وڄائڻ وارا جو پاڻ سان گڏ وٺي پيا وڃون.“
چيائين، ”مون توهان لاءِ گهڻيون ئي تاڙيون وڄايون آهن. هاڻي کڻي آرام سان لنڊن گهمي ايندس.“
چيائونس، ”اسان توکي گهڻو گهمايو آهي.“
چيائين، ”توهان مون کي جتي جتي گهمايو آهي، اهي سڀ ماڳ ته منهنجا پنهنجا آهن، جيڪي اڳي ئي منهنجا ڏٺل هئا. مون لنڊن ناهي ڏٺي. مان لنڊن هلڻ ٿو چاهيان.“
چيائونس، ”تون هلي هلي هيڻو ٿي پيو آهين. وڌيڪ هلڻ سان تون بيمار ٿي پوندين.“
چيائين، ”مان بيمار ٿي پيس ته لنڊن مان علاج ڪرائڻ لاءِ نه چوندس...!“
چيائونس، ”اسان توکي تڪليف ڏيڻ نٿا چاهيون، لنڊن جو پنڌ پري آهي.“
چيائين، ”توهان ڀلا پنڌ لنڊن ويندئو ڇا...!“
چيائونس، ”توکي آرام جي سخت ضرورت آهي. هاڻي تون گهر وڃي آرام ڪر.“
چيائين، ”مان لنڊن منجهان موٽي اچي اڳوپوءِ آرام ڪندس.“
چيائونس، ”لنڊن مان موٽي اچڻ کان پوءِ توکي آرام جو موقعو نه ملي سگهندو.“
پڇيائين، ”پوءِ آرام جو موقعو ڇو نه ملي سگهندو...؟“
چيائونس، ”لنڊن مان موٽي اينداسين ته ادبي ميلن جي موسم شروع ٿي ويندي. سڀني ادبي ميلن ۾ به توکي اسان جي تقرير کان پوءِ تاڙيون وڄائڻيون آهن. انهن ميلن مان واندا ٿينداسين ته، پوءِ وري اسان توکي ووٽ ڏيڻ لاءِ لائين ۾ بيهاري ڇڏينداسين.“

دل جي ڳالهه - روزاني ڪاوش: ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۱۷ع تان ٿورن سان کنيل


No comments:

Post a Comment