Showing posts with label هلو هلو لنڊن هلو، ڪالم، ڪهاڻي، زيب سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label هلو هلو لنڊن هلو، ڪالم، ڪهاڻي، زيب سنڌي،. Show all posts

Thursday, June 7, 2018

هلو هلو لنڊن هلو - زيب سنڌي


هلو هلو لنڊن هلو...!
ڪالم-ڪهاڻي
زيب سنڌي
”هلو هلو... موهن جي دڙي هلو...“
هو موهن جي دڙي هليو ويو.
”هلو هلو... رني ڪوٽ هلو...“
هو رني ڪوٽ هليو ويو.
”هلو هلو... مڪليءَ هلو...“
چيائين، ”مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان!“
چيائونس، ”پنهنجن تاريخي ماڳن بابت شعور بيدار ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي.“
هو مڪليءَ هليو ويو.
”هلو هلو... ڀنڀور هلو...“
چيائين، ”مون کي ڇڏيو ته مان ڪجهه ڏينهن آرام ڪيان.“
چيائونس، ”پنهنجن تاريخي ماڳن جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي.“
هو ڀنڀور هليو ويو.