ارڙھن سالن جو
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
آئون ته
پنھنجي ڌُن ۾، پنھنجي طئه ڪيل ماڳ ڏانھن پئي ويس. مون کي ته اھا به خبر نه ھئي، ته
منھنجي ساڄي يا کاٻي پاسي، ڇا ڇا آھي ۽ ڪير ڪير آھي!
اوچتو ڪنھن
منھنجو نالو وٺي، مون کي سڏ به ڪيو ۽ ”پان کائي پوءِ اڳتي وڃو“ به چيو!
اھو سڀ
ڪجھه اوچتو ٿيو ھو، پوءِ به جلدي ۾، منھنجو به مُوڊ ٿي ويو! آئون، سڏ ڪري صلاح ھڻندڙ
سان مليس، ۽ کل خوشيءَ ۾ کيس چيم ”سچي دل سان ٿو چوين، ته مٺو پان ٺاھي ڏي، آئون به
اھو سمجھي کائيندو ويندس، ته آئون به اڃا ارڙھن سالن جو آھيان“.
No comments:
Post a Comment