Showing posts with label ٽماٽا ۽ بصر، مختصر ڪھاڻي، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label ٽماٽا ۽ بصر، مختصر ڪھاڻي، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts

Monday, June 18, 2018

ٽماٽا ۽ بصر - مٺل جسڪاڻي


ٽماٽا ۽ بصر
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
گس ھلندي، اوچتو ھُن جي نظر سرن جي ٻوڙي وٽ پيل بوتل تي پئي. ھونئن ته ھي به عام بوتلن جھڙي بوتل ھئي، پر ھن ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڪشش پڻ ھئي، جنھن ڪري ھُن جي اک بوتل تان نه ٿڙي، تان جو وڃي بوتل کنيائين.
بوتل جو منھن ته بند ھو، پر بوتل ۾ اندر اھڙو ڇا ھو، جنھن سبب ھن بوتل کنئي؟ ان سوال جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ ھن پھرين سوچيو ويچاريو، جنھن ڪري ٻالڪپڻ ۾ ٻڌل ھن کي ”بوتل جو جن“ ڪھاڻي ياد اچي وئي.