اسٽيٽس
(مختصر ڪهاڻي)
حبدار جاگيراڻي
صبح جو اڃا فجر جي اذان هوا ۾
ترندي پئي وئي، نسرين رڌڻي ۾ اڪيلي بيٺي هئي. رڌڻو ڪو وڏو نه هو؛ ٻه قدم کڻ ته
چلهه، ٽيون قدم کڻ ته اٽي جو رکيل دٻو، ۽ چوٿين تي اسٽيل جا ٿانو، جيڪي کڙڪندي گھر
جي تنگ-دستيءَ جو راز فاش ڪرڻ لڳا هئا. ڀت جي ڪنڊ تي ڪارا ٿيل تيل جا داغ هئا. نسرين
چلهه تي پتيلي ۾ چانهه اوٻاري ٿي، پر کير گهٽ هئڻ ڪري مٿس رڳو هلڪو ڦوڳ پئي ٺهيو.
نسرين اٽي جي دٻي جو ڍڪ کولي آڱريون اندر وڌيون؛ تري ۾ بس ايترو اٽو هو، جيترو ماڻهو
هٿن مان وهندڙ وقت کي روڪي سگهي.
ان ئي گهڙي سندس موبائل تي ٽنڪار ٿي.
هن آڱرين تي لڳل اٽو ڇنڊي اسڪرين
ڏٺي. ”قسط واجب الادا آهي.“
نسرين جي چپن تي هڪ بيجان مرڪ
ترڪڻ لڳي. نرڙ ۾ گھنج وجهندي چيائين: ”هاڻي هي به اچي مٿو کائڻ لڳا.“
هوءَ ڪجهه پل اسڪرين ڏسندي رهي.
کيس لڳو، هي رڳو ميسيج نه هو؛ ڄڻ لڪل شرمندگيءِ ۽ ڳڻتيءََ سندس نالو کڻي سڏيو هجي.
اندر واري ڪمري ۾ ساحل اڃا
سمهيو پيو هو. هن جو هڪ هٿ کليل هو، ٻئي هٿ ۾ موبائل جهليل هئس، ڄڻ ننڊ ۾ به هو ڪجهه
وڃائڻ کان ڊنل هجي. نسرين وٽي تي اٽي ڳوهيل هٿ صاف ڪندي اندر وئي.
”ساحل، اٿ پُٽَ !. سج نڪري
پيو.“
ساحل پاسو ورائيندي اکيون
کوليون. پهرين موبائل کي ۽ پوءِ ماءُ کي ڏٺو.
”امان... اڄ فيس جمع ڪرائڻ جو
آخري ڏينهن آهي.“
اهي لفظ نسرين جي ڪنن ۾ نه پر سڌو
ڇاتيءَ ۾ لٿا. گهر جا مسئلا ائين ڦُٽي پيا هئا، ڄڻ مينهن ۾ نڪرندڙ ڪونڀٽ. ٽن مهينن
کان اڪرم جي بند پگهار. دوائن جو خرچ. بجليءَ جو بل. ۽ هي فون، جيڪو هن ان نيت سان
قسطن تي ورتو هو ته ساحل جي پڙهائيءَ ۾ ڪم ايندو. پر هاڻي اهو فون پڙهائيءَ کان وڌيڪ
نمائش جو سامان بڻجي ويو هو.
صحن ۾ اڪرم پيرن ۾ پراڻي چپل
پايون، هٿ ۾ اڌ ويڙهيل اخبار کڻي ويٺو هو. اکيون ننڊ ۾ گهٽ، پر فڪر ۾ وڌيڪ ويڙهيل
هئس. اڪرم اهڙن ماڻهن مان هو، جيڪي ڳڻتي لڪائڻ لاءِ ڪاوڙ جو ڪپڙو منهن تي چاڙهي وٺندا
آهن.
نسرين چانهه جو ڪوپ، سندس آڏو
رکيو.
اڪرم ڪوپ کڻندي ئي پڇيو، ”فيس
جو وري ڇا چڪر آهي ؟“
نسرين آهستي چيو، ”اڄ آخري ڏينهن
آهي.“
اڪرم اخبار ٽيڙي ڪري رکي.
اسڪول وارن جو پيٽ آهي يا کوهه؟
هر ٻئي ڏينهن هٿ ڊگها ڪيون ويٺا آهن.
”ٻار جي پڙهائيءَ جو سوال آهي!“
نسرين ڪمزور آواز۾ چيو.
ان ئي وقت ساحل ٻاهر آيو. وار هٿن
سان ٺيڪ ڪيل، قميص جو مٿيون بٽڻ کليل، پر چهري تي اها ئي ٻاراڻي ضد جيڪا گھر جي
غربت سان مهاڏو اٽڪايون بيٺي هُئي.
”ابا، اوهان هر ڳالهه ۾ رڳو خرچ
ڏسو ٿا. اڄڪلهه آءِ فون کان سواءِ ماڻهوءَ کي ڪو ماڻهو ئي نٿو سمجهي.“
”ماڻهو ٿيڻ لاءِ فون نه پر دماغ
کپي. سوڙ کان ٻاهر پير ڪڍبا ته ٿڌ لڳندي ئي لڳندي.“
(اڪرم پر شور اکين سان چيو)
ساحل جهٽ وراڻيو؛ ”هي پراڻا
محاورا هاڻي نٿا هلن. دنيا بدلجي وئي آهي.“
”دنيا بدلجي وئي آهي!“ اڪرم ڳري
آواز۾ چيو؛ ”پر ڪڙڇيءَ ۾ اٽو پاڻمرادو نه ٿو پوي! موبائل جو برانڊ پيٽ نٿو ڀري
سگهي.“
ڳالهه اتي نه بيٺي. ٻنهي جي وچ
۾ زخمي احساس لفظن جي روپ ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳا. نسرين وچ ۾ پئي، پر کيس خبر هئي ته اصل
جهڳڙو فيس يا فون جو نه آهي. اصل جهڳڙو هي آهي ته پيءُ پنهنجي بي وسيءَ سبب ڀڳو ٿو
وڃي، ۽ پٽ پنهنجي خواهشن آڏو قيدي بڻيل آهي.
نسرين واپس باورچي خاني ۾ آئي.
چلهه جي باهه هاڻي موج ماڻي چڪي هئي. هوءَ تئي تي پهرين ماني وجھڻ لڳي، ته هٿ
اوچتو ڳچيءَ ۾ پيل سوني لاڪيٽ ۽ چين ڏانهن ويس. هن پتلي سون جي چين کي ڇهي ياد جي ڍنڍ
۾ غوطو هنيو، اها ساڳي چين، جيڪا سندس شاديءَ وقت ماءُ پنهنجي هٿن سان پارائي هئس.
ڪجهه پل هن جي آڱرين ۾ اها زنجير گذريل زندگيءَ جو آخري ساٿ لڳي.
اڪرم در وٽ بيٺو ڏسندو رهيو.
”هي ڇا پئي سوچين؟“
نسرين بنا ڏسڻ جي چيو؛ “سوچيان ڇا؟
ٻڏندڙ ماڻهوءَ کي ترڻ نه اچي ته به هٿ پير ته هڻندو آهي ني.“
“تون اها نه لاهجان؟“ اڪرم جو
آواز پهريون ڀيرو نرم ٿيو.
نسرين چين لاهي رومال ۾ ويڙهي.
”زيور سينگار لاءِ هوندا آهن.
پر گھر جي ساهه کان وڌيڪ سينگار ناهي هوندو.“
اڪرم ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. مرد جي
خاموشي ڪڏهن ڪڏهن روئڻ کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندي آهي.
منجهند تائين گهر ۾ هڪ عجيب
سانت پکڙيل رهي. ٻاهران گهٽيءَ ۾ موٽر سائيڪلن، سبزي وارن ۽ اسڪول وين جي آوازن جي
اچ وڃ هئي، پر گهر اندر ڄڻ هر شيءِ پنهنجو آواز وڃائي ويٺي هئي.
شام ڌاري نسرين سوناري وٽان موٽي.
هٿ خالي هئس، پر خالي هٿن کان وڌيڪ دل خالي هئس. گهر ۾ گهڙي ته ڏٺائين اڪرم نه هو.
ساحل جي ڪمري جو در، اڌ کليل هو. هوءَ اندر وئي.
ساحل کٽ جي ڪنڊ تي ويٺو هو.
سندس سامهون فون کليل هو، پر هُو فون جي اسڪرين بجاءِ فرش کي اهڙيءَ طرح ڏسي رهيو
هو، جيئن ماڻهو پنهنجو چهرو پاڻ کان لڪائڻ چاهيندو آهي.
”ڇا ٿيو؟“ نسرين ويجهو ويهي پڇيو.
ساحل پهرين ماٺ رهيو. پوءِ منهن
مٿي ڪرڻ سواءِ چيائين؛ ”امان... مون کي لڳندو هو ته ماڻهو فون ڏسي عزت ڏين ٿا.“
”هاڻي ڇا ٿو لڳي؟“ نسرين ڳنڀيرتا
سان پڇيو.
ساحل جون آڱريون ڏڪيون.
”اڄ ڪلاس جي گروپ ۾ منهنجي وڊيو
جو مذاق اڏايو اٿن. چيائون؛ قسطن وارو فون کڻي نواب بڻجي ٿو گھمي. ڪنهن منهنجي پراڻي
بوٽن جو فوٽو به گروپ ۾ وجهي ڇڏيو. سڀ کلندا رهيا...“
نسرين جي دل جي ڪچي مٽيءَ ۾ ڄڻ ڪنهن
ڇرو هنيو. پر هن جي لهجي ۾ دانهن نه هئي.
”ڏيکاءَ جي دڪان تي سڀ شيون ٺلهيون
وڪامنديون آهن، پٽ. جتان ماڻهو آئينو ته خريد ڪري سگهن ٿا، پر چهرو نه ٿا خريد ڪري
سگهن.“
ساحل اوچتو مٿي نهاريو. سندس
اکين ۾ شرم، ڏک، ۽ ضد جي وچ تي بيٺل ڪا ڳالهه هئي.
”پر اوهان سمجهو ئي نه پيون...“
ساحل وکريل اعتماد کي ميڙيندي چيو.
”ته ٻڌاءِ!“ نسرين وراڻيو
ساحل فون سندس هٿ ۾ رکيو. اسڪرين
تي هڪ وڊيو هلي رهي هئي.
وڊيو ۾ سندن باورچي خانو هو. اٽو
رکيل دٻو. ٻرندڙ چلهه. پيءُ جي ويڙهيل اخبار. ماءُ جا هٿ، جن جي آڱرين ۾ اٽي سان گڏ
ٿڪ به چنبڙيل هو. پوءِ اسڪرين تي بئنڪ جو ساڳيو ميسيج....... پوءِ ساحل جي پنهنجي
آواز ۾ هڪ جملو: ”اسان جي گهر ۾ اسٽيٽس موبائل جي برانڊ سان نه پر اٽي جي مقدار
سان ماپيو ٿو وڃي.“
نسرين جو ساهه اٽڪي ويو؛ ”هي ڇا
آهي؟“
“اسڪول جي ڊجيٽل ڪهاڻي مقابلي
لاءِ ٺاهيو هو. موضوع هو: ’منهنجو سچ.‘ امان... مان اوهان کي لڪائي هي سڀ رڪارڊ ڪري
رهيو هوس، ڇو ته مون کي پهريون ڀيرو لڳو ته اسان جو ڏک رڳو شرمندگي نه آهي پر ڪا
آکاڻي به آهي، ڪا ڳالهه به آهي.
نسرين جا هٿ ٺري ويا. کيس هڪ پل
لاءِ پنهنجو پاڻ تي لڄ آئي. هوءَ صبح کان جنهن فون کي وبال سمجهي ويٺي هئي، پٽ اُن
۾ پنهنجو سچ سنڀالي رکيو هو.
ان ئي گهڙي فون تي هڪ نئون نوٽيفڪيشن
آيو. ساحل جي آڱر ٿڙڪندي اسڪرين تي وئي. پڙهندي ئي سندس چهرو ڦڪو، پوءِ ڳاڙهو،
پوءِ بلڪل سنجيده ٿي ويو.
”ڇا لکيل آهي؟“ نسرين پڇيو.
ساحل آهستي پڙهيو: ”توهان جي وڊيو پهريون انعام ماڻيو آهي. اسڪول جي مڪمل فيس معاف ۽ ميڊيا پروگرام لاءِ خصوصي اسڪالرشپ به منظور ڪئي وئي آهي....“
No comments:
Post a Comment