Showing posts with label عمران حفيظ ڳنڀير، ڪھاڻي، سڀاڳي، اڀياس، ساجد مسڻ،. Show all posts
Showing posts with label عمران حفيظ ڳنڀير، ڪھاڻي، سڀاڳي، اڀياس، ساجد مسڻ،. Show all posts

Wednesday, March 25, 2026

ڪهاڻيڪار عمران حفيظ ڳنڀير جي ڪتاب ”سڀاڳي“ جو اڀياس ساجد مسڻ

ڪهاڻيڪار عمران حفيظ ڳنڀير جي ڪتاب ”سڀاڳي“ جو اڀياس

ساجد مسڻ



عمران حفيظ ڳنڀير جو ڳاڻيٽو سنڌ جي اهڙن ڀلوڙ ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سماج کي نت نون لاڙن، مثبت ۽ موثر طريقي سان تبديل ڪرڻ جا خواهشمند آهن عمران حفيظ ڳنڀير شروع کان ئي اهڙن موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي جن ۾ سماجي ناانصافي، ظلم، بربريت، ڏاڍ، پنهنجا نوازي، ميرٽ جي لتاڙ، احساسن، جذبن، براين توڙي محرومين کي شامل ڪيو آهي.