Thursday, October 27, 2022

ھڪ وکري ليکڪ جي ليکن جو ليکو - حميد سومرو

ھڪ وکري ليکڪ جي ليکن جو ليکو

حميد سومرو



“ھاريءَ جو پٽُ” عبدالرحمٰن پيرزادي جو افسانن ۽ نئين چوڻين جو ڪتاب آھي. جنھن کي مارڪيٽ ۽ مفادن جي دنيا ۾ پبلشر جي تلاش آھي. ھن ڪتاب ۾ ۳۴ پتڪڙا افسانا، ۹۳ نيون چوڻيون، ۲۴ ٽي لفظ ڪھاڻي، جڏھن ته ۲۰ ھڪ لفظ ڪھاڻي شامل آھن.

جيئن ته ھر ليک ۾ ليکڪ نه صرف پاڻ شامل ھجي ٿو بلڪ عمومي طور تي ليکڪ ئي پنھنجي ليک ۾ مرڪزي ڪردار ھجي ٿو ايئن ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھجي ويچارن کي ھر صنف ۾ نروار ڪري بيھاريو آھي.


اھي ويچار اھڙا آھن جيڪي تُز، تکا ۽ چڀندڙ به آھن ته اھي اھڙا خيال آھن جن تي ليکڪ ڪو به ڪمپرومائيز نٿو ڪري. اھي ويچارنظريئي جا، سياست جا آھن ته اخلاقيات جا به آھن انھي اک سان ھو دنيا کي، ملڪ کي، قومن کي، سنڌ کي، جمھوريت کي سياست کي، آسپاس جي ماڻھوءَ ان جي ماڻھپي کي ڏسي ٿو. دنيا جھان ۽ ان جي سمورن لقائن کي ڏسڻ واري اھا اک سندس نظريو آھي جنھن ۾ ڪائنات جا سمورا ڪاروھنوار طبقاتي بنيادن تي،زور زبردستي تي خلق خدا جي مرضي ۽ مفادن خلاف سٽيا ويا آھن جنھن جو حل ھن وٽ طبقاتي نظام جي خاتمي سان عبارت آھي.

سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ ڪن ماڻھن لاءِ اھا سوچ، اھو فڪر پنھنجو وارو وڄائي ، وقت کائي چُڪو آھي ليڪن عبدالرحمٰن آڏو اھا سوچ برقعو مٽائي ھڪ نئين جُوڻ ۾ داخل ٿي ويئي آھي. ھن جي آڏو طبقن جي بنياد تي سياست، اخلاقيات ئي ھر عھد جيان ھن عھد جي برائي آھي ان ڪري ھو اھو سڀ ڪجھه چئي ٿو ڏئي جيڪو ھو ضروري ٿو سمجهي.

جڏھن ڪورونا جي وبا پنھنجي عروج تي ھئي ۽ انھي دوران سرڪار جو زور ھو ته صابڻ سان بار بار ھٿ ڌوئڻ گھرجن ته “بوا” نالي پتڪڙي افساني ۾ ھو چٿر ٿو ڪري ته

“چون ٿا صابڻ سان ھٿ ڌوئو

‘پو! تو کي ڪھڙو تپ ٿو چڙھي’

اسپتال ۾ پاڻي آھي ڪو نه.

حاجت لاءِ به مسيت ويندا آھيون.”

ھن ڪتاب ۾ “شفافيت” نالي چوڻي ۾ ڳالھه ڪندي ليکڪ متڀيد واري سماج جي منھن تي ڪارنھن ملي ٿو وڃي.

“سرمائيداراڻي معيشِت ۾ شفافيت مطلب بس اسٽاپ تي ڪائي (شيشي) جو ڪاڪوس”

يا وري “جاگير” نالي چوڻي ۾ طنز ٿو ڪري ته

“جاگير ھميشه عام کان چوري ڪيل ھوندي آھي”

سياست ۾ ليکڪ جو نقطه نظر طبقاتي آھي ائيئن ئي ھو صنفي مامرن تي عورت دانشورن جي ڀيٽ ۾نه صرف وڌيڪ عورت دوست آھي ۽ بلڪه تاريخي حاڪمانه، ظالمانه ڪردار باعث ھو پدرشاھي سماج جي سخت خلاف به آھي. انھي سلسلي ۾ ھن جون چوڻيون شاندار ته آھن ليڪن مٿي مان ٺڪاءَ به ڪڍي ٿيون ڇڏين.

“مرداڻو سماج

نه مرد جي عزت محفوظ

نه ڪنھن عورت جي”

يا وري “غيرت” نالي چوڻي ۾ لکي ٿو

“ڪھڙِي اھا غيرت

ڏنڊ ۾ روڪ رقم

چٽيءَ ۾ عورت”

نالي ۾ ننڍڙي ليڪن وڏين ڳالھين واري ھن ڪتاب ۾ “ساڳي سفارش” نالي ھڪڙو پتڪڙو افسانو آھي جنھن ۾ سفارش تي مقرر ٿيل آفيسر جو سفارش تي مقرر ٿيل پٽيوالي سان ڊائلاگ آھي جيڪواڄ جي سماج جي منھن ۽ ان جي افسر شاھيءَ جي منھن تي لپاٽ آھي.

ڪتاب ۾ پتڪڙن افسانن جي نالي سان ڪجھه سنيھا آھن جنھن ۾ “ونگ” مونکي ڏاڍو وڻيو.

“جيڪي ونگ وجهندا آھن

اھي ڪڍندا به آھن

ڪڏھن ڪڏھن ڪو

ڪڍرائي به ويندو آھي. ”

پتڪڙن افسانن ۾ “ڪرپٽ سياستدانن” واري ڳالھه به پڙھڻ جهڙي آھي.

ڳالھه ڪھاڻين جي پئي ھلي ته ھن ڪتاب ۾ ٽي-لفظ-ڪھاڻي ۽ ھڪ-لفظ-ڪھاڻي واريون ڪھاڻيون به شامل آھن. مختصر افسانا ته پاڻ ٻُڌا آھن ليڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽن لفظن ۽ ھڪ لفظ واريون ڪھاڻيون جيڪڏھن آھن ته منھنجي اک آڏو نه آيا آھن.

اھي ٽن لفظن ۽ ھڪ لفظ واريون ڪھاڻيون آھن ته ٽي لفظ ۽ ھڪ لفظ تي مشتمل ليڪن انھن جڳ مفھوم ۽ اثرڪنھن افساني يا ڪھاڻيءَ جو آھي. مثال طور:

”ماسڪ تہ لاھ“،

“ماسڪ نه لاھه”،

“ماسڪ لھي پيس.”

اھي ٽيئي ٽن ٽن لفظن تي مشتمل خيال آھن ليڪن مفھوم ۾ ٽن لفظن کان وڌيڪ آھن ۽ اھي ٽي لفظ پوري ڪٿا بيان ڪري رھيا آھن.

ايئن ئي ليکڪ جا ھن ڪتاب ۾ھڪ لفظ – ڪھاڻي وارا افسانا آھن.

“جهيڙو”،

“جهيڙيو”،

“جهيڙيون”

اھي ٽئي الڳ لفظ به آھن ته ٽي الڳ ۽ جامع ڪٿائون به آھن.

اھڙا لفظ ڳولي انھن کي ڪھاڻيءَ جو نالو ڏيڻ گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ادبي کيتر ۾ مون نه ٻُڌو نه ڏٺو آھي.

ليکڪ جي ھڪ خوبصورتي پراڻين چوڻين کي ورڻي ڏيئي نئين معنيٰ ڏيڻ آھي. جيڪا معنٰي پڙھڻ سان ڪن کڙا ٿين ٿا ۽ چپن تي مسڪراھٽ ڦھلجي ٿي وڃي.

“پٿر – ڪنھنجي پيٽ تي،

ڪنھنجي در تي.”

“ڌوڙ – ڪنھن جي دڳ ۾،

ڪنھن جي مٿي ۾. ”

منھن جي خيال ۾ جيڪڏھن اھا ڌوڙ منھن ۾ ھجي ھا ته ڪيئن لڳي ھا. ڇو ته سنڌي چوڻي ته ڪجھه ايئن آھي.

“پُٺ – پُٺتي ڪڏھن نه موٽجائين،

پُٺ ورائي ضرور ڏسجائين. ”

“گُل – ڪنھن جي در تي،

ڪنھن جي قبر تي. ”

“ڪڻڪ – ڪنھن جي گُنديءَ ۾،

ڪنھن جي گودڙيءَ ۾. ”

“وائرس – ڪنھن جي ڪمپيوٽر ۾،

ڪنھن جي ڦڦُڙ ۾.”

ھيٺين چوڻي سرجڻ ۾ ته ليکڪ ڪمال ڪري ڏيکاريو آھي.

“بجلي – آسمان تي چمڪي ته کنوڻ،

ڌرتي تي ڪري ته وِڄُ.”

عبدالرحمٰن پيرزادي جو مشھور ۽ سگهارو تعارف ته پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ وارو آھي جڏھن ته ادب جي دنيا ۾ سندس سُڃاڻپ ھڪ شاعر واري رھي آھي. ليڪن ھن پوءِ مضمون نگاري به ڪئي، افسانه به لکيا، ساروڻيون به لکيائين ۽ چوڻيون به سرجيون.

منھجي خيال ۾ سندس سڀ کان ممتازسڃاڻ ڳالهھ ڪرڻ جو تُز انداز آھي جنھن ۾ ھو مذاق به ڪري ٿو، چٿر به ڪري ٿو ۽ ڪنھن حقدار کي انجو حق واپس ڪندي سندس منھن ۾ ڌوڙ وجهي ٿو ڇڏي. اھا ٽوڪ، چٿر ھن سماج تي آھي، منافقيءَ جو ويس ويڙھيل ھتان جي روين تي، ماڻھن تي آھي.

سماج جيڪو ناانصافي تي ٻڌل آھي. ماڻھو جن کي ڪوڙ ڳالھائيندي بيماني ڪندي ڪو شرم محسوس ڪونه ٿو ٿئي. ماڻھو سڀ ليڪا لتاڙي نڪ جي پڪائي سان ڳالھه ڪندا ليڪن انھن روين تي ليکڪ وٽ ڪو رحم ڪونھي.

نوڪري جي لاءِ ڀڄ ڊُڪ ڪبي ليڪن ڊيوٽي نه ڪبي ھي اسانجو سماجي رويو آھي. ھڪ وقت ٻن جاين تان پگھارون کڻندا انھي تي اسانکي ڪا ڦڪاوت نه ٿيندي.

ماڻھو قوم قوم ڪندا، جمھوريت جي ڳالھه ڪندي ٿڪبا ڪو نه. پنھجي عورت کي گهر ۾ ويھاري عورتن جي حقن جي جدوجھد لاءِ نڪرندڙ ريلين ۾ ٻين عورتن سان سيلفيون ڪڍرائيندا.

ليکڪ انھن ماڻھن سان بي رحم حساب ڪندي نظر ايندو.

قومپرست تحريڪ تي سندس ڪاوڙ جو ڪارڻ به ان جي محدود ۽ پنھنجي مرضي واري ايپروچ ڪارڻ آھي. ھو قومپرستن کان ليکي جي ڳالھه تي سھمت آھي ليڪن ھو ليکو مسجد منزل گاھه ۽ ڪنور ڀڳت جي قتل کان ڪرڻ جو قائل آھي. ڇوته ھو سمجهي ٿو حساب ڪتاب کان سواءِ درستگي نه ٿيندي جنھن مان ئي مسقبل جو بھتر گس نڪري ٿو.

انھي ڳالھ ڪرڻ جو ڏانءُ ھن شاعري ۾ به استعمال ڪيو ته افساني ۾ به ۽ پنھنجي ڀرپور تخليقي صنف چوڻي ۾ به ۽ انھي جي استعمال دوارن جيڪا ٽوڪ ۽ طنز آھي اھي ڪمال جي به آھي ته اخلاق جي دائري ۾ به آھي جنھن کي رد ڪرڻ،انڪار ڪرڻ ناممڪن ناھي ته سولو به ناھي. جھان خان جو قصو ته سڀني ٻُڌو ھوندو ليڪن انھي جھان خان سان ھتي ليکڪ مھاڏو ھيئن ٿو اٽڪائي.

“نئين سنڌ جو دستور،

جھان خاني جھان ۾،

بس رڳو مان ئي آھيان،

متان ڪنھن ٻئي راءِ ڏني.”

“ڏاھا – ڏاھا سڀ لڏي ويا،

باقي وڃي

ٺِڪر ٺانگر بچيا آھيون. ”

“موقف – جيستائين منزل گاھه جھڙن واقعن تي

متضاد ۽ مبھم موقف رکنداسين

اھو عذاب گڏ ھوندو”

“ڏکيا ڏينھن- ڪنور جي قاتلن جا

پيرا نه وڃايون ھا ته سنڌ کي

ڏکيا ڏينھن نه ڏسڻا پون ھا.”

ليکڪ وٽ پرامن سنڌ جو خاڪو به آھي ۽ اھو ڪجھه ھيئن آھي.

“جنھن ڏينھن اسان سنڌو ماٿريءَ جا موسمي،زرعي تھوار اسان سڀني مذھبن جي قيد کان آزاد ٿي ملھائيا ،ان ڏينھن سنڌ مذھبي روادري جي دور ۾ شامل ٿيندي”

سچ پُڇو ته ھيٺ ڄاڻايل چوڻي پڙھي منھنجي ته ڪنن مان دونھان نڪري ويا ۽ لاتعداد ڪردار اکين آڏو اچي ويا.

“چُوس – شل نه ڪنھن کي چوس پئي!

پنھنجي عزت به رڙڪي ويندو.”

ھي چوڻي پڙھڻ کانپوءِ سعادت منٽو جو افسانو “ٺنڊا گوشت” نه وسرڻ گهرجي.

“ٿڌي چانھه ۽ پگهر ۾ ٻُڏل مرد –

ڀلا ٿڌي چانھه ۽ پگھر ۾ ٻڏل مرد،

ڪنھن کي وڻندو؟”

“صوفي مت کي ترقي پسند ثابت ڪرڻ ايئن آھي،

جيئن ڀنگ کي دوا ڪري کپائجي”

مونکي خبر ناھي اھا مزاح ۽ ادبي ٻولي ۾ ٽوڪ جو اصلوب ليکڪ ڪٿان سکيو آھي ليڪن اھو سچ آھي ته جنھن سلسلي جو ھو فقير آھي انھي سلسلي جي ڪامريڊ فقيرن ،سياسي ڪردارن پنھنجين ڪچھرين ۽ تقريرن ۾ جيڪو مزاح جو ورثو ڇڏيو آھو اھو ڪمال جو آھي انھي ۾ مير محمد ٽالپر به آھي ته رئيس بروھي به آھي ته مولوي نظير جتوئي به آھي ته غلام رسول سھتو به آھي ته لالا شاھه محمد دراني به آھي.

ھن ڪتاب ۾ ھڪ ننڍڙو افسانو “ڪانڊيرو” به آھي جنھن ۾ ڪورونا جي شڪي مريض طور ڪانڊيري جي “ڪُوارنٽين سينٽر”۾ داخلا ٿئي ٿي جيڪو چوڏھن ڏينھن پورا ٿيڻ کانپوءِ جڏھن ڊسچارج ڪيو وڃي ٿو ته ھو منٿون ٿو ڪري ته مونکي ھتي رھايو جتي صاف پاڻي، ماني به آھي ته رھائش به آھي جنھن جو مطلب ته گهر ۾ ڪي به سھوليتون ناھن. اھو سچ آھي ته سنڌ جي غريب جي گهر ۾ ڄاڻايل سھوليتون ناھن.

فيبروري جي آخر ۾ سنڌ ۾ ڪورونا جو پھريون ڪيس ٿيو ھو تڏھن کان ڪورونا جي وبا ۾ آءُ به بحيثيت ڊاڪٽر شامل رھيو آھيان ليڪن ڪورونا جو مريض جنھن ڪيفيت مان گذريو پئي ۽ جنھن طريقي سان انکي اڇوت سمجهي پوليس جي حراست ۾ مخصوص مرڪزن تي رکيو پئي ويو جيڪو رياستي ڏھڪاءُ ھو انھي صورتحال ۾ ھر ڪرڙ، ڪانڊيري، ولوءَ، کمُون، بصران، ڪوڙيءَ، راسو انھي بيماري دوران آئسوليشن سينٽر، ڪوارنٽين سينٽر بجاءِ پنھنجي گهر ۾ رھڻ کي ترجيح پئي ڏني. حرف آخر اھو ته ھي ننڍڙو ڪتاب آھي ليڪن ھن ۾ ڳالھيون وڏيون آھن. جيڪي پڙھڻ کانپوءِ سوچ جا در دريون کلي پون ٿا ۽ اھڙين ڳالھين جي سنڌ کي ضرورت به آھي ڇو ته ايڪويھين صدي جي سنڌ جا چئلينج پنجين صدي کان بلڪل مختلف آھن. انڪري ليکڪ منزل گاھه جي ڳالھه به ڪري ٿو ته ڪنور جي قتل جو ليکو به ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو ھو ياد ٿو ڏياري ته بيمار ڪينسر ورتل سنڌ جي مشڪلاتن جا حل تڏھن ٿيندا جڏھن ڪنھن ماھر سرجن جيان چيرڦاڙ ڪري وجود ۾ اندر موجود ڪينسر جي رسولي کي ڪاٽي ڪڍبو. ھا انھي ۾ تڪليف ۽ درد به ٿيندو. گهرو گهاءُ به ٿيندو ته گهاوَ جو نشان به ٿيندو ليڪن پوءِ ٿيندو ايئن ته پنھنجو سماج ۽ سنڌ ڪنھن بھتر سياست ۽ منزل طرف روان دوان ٿيندا. منھنجي خيال ۾ انھي ننڍڙي ڪتاب جو تمام وڏو ڪارج اھو ئي آھي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment