Saturday, October 15, 2022

وبا، استنبول ۽ پاموڪ جو ناول - ڪليم ٻٽ

وبا، استنبول ۽ پاموڪ جو ناول

ڪليم ٻٽ



انسان پنهنجي لڳ ڀڳ ست هزار سالن جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي المين، آفتن، جنگين ۽ وبائن کي منهن ڏيندو آيو آهي. جنهن جي ڪري ڪيترائي انساني نسل تباهه ٿي ويا. نه رڳو انساني نسل پر ٻي آبي ۽ غير آبي جيوت پڻ تباهه ٿيندي رهي آهي.


مايا پرڀو نالي هڪ هندستان ڄائي محققہ، پنهنجي هڪ مضمونHistory’s Seven Deadliest Plagues ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪووڊ-۱۹ سان گڏ ڇهه ٻيون اهڙيون وبائون ٿي گذريون آهن، جن کي اسين انساني تاريخ جون موتمار وبائون ڪوٺي سگهون ٿا. پر انهن ست اهم وبائن کان سوا ٻين به ڪيترين وبائن کي انسان ذات منهن ڏيندي آئي آهي.

مايا جي انهي مضمون موجوده انسان ذات جنهن سڀ کان پهرين وڏي ۽ اهم وبا کي منهن ڏنو، ان جو نالو بليڪ ڊيٿ آهي جيڪا چين ۾ ۱۳۳۴ع ۾ شروع ٿي ۽ ۱۳۵۳ع (۱۹ سال) ۾ ختم ٿي ۽ ان جي ڪري ۵ ملين ماڻهو مري ويا. هيءَ وبا چين مان شروع ٿي ۽ هندستان کان ٿيندي شام ۽ عراق تائين وڃي پهتي ۽ اتان وري ۱۳۴۷ع ۾ يورپ ۾ ظاهر ٿي، جنهن جي ڪري پنجن سالن اندر يورپ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي موت جي ور چڙهي وئي. اها وبا Yersinia Pestis نالي هڪ وائرس مان پکڙجي جيڪو ڪُوئن ۽ مکين وغيره ۾ پيدا ٿيو. ان وبا جي ڪري هلندڙ جنگيون ختم ٿي ويون ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو. اهو bubonic plague هو جنهن ۾ ماڻهن کي گند سان ڀريل ڦرڙيون نڪرنديون هيون ۽ جڏهن ڪا مک وغيره اهڙي کليل ڦرڙي تي ويهندي هئي ته ان جو زهر کڻي وٺندي هئي. ٻي اهم وبا اُرڙي (Smallpox) جي هئي جيڪا ۱۵۲۰ع ۾ شروع ٿي ۽ لڳ ڀڳ ۱۶۰۰ع تائين هلندي رهي. اها آمريڪي واپارين جي يورپ پهچڻ سان پکڙجي ۽ ۲۰ کان ۶۰ سيڪڙو يورپي آبادي ان مان متاثر ٿي. ان کان پوءِ ۵۴۱ع کان ۵۴۹ع تائين هلندڙ Plague of Justinian جيڪا قستنطنيا ۾ آئي، ان کي به اهم وبا ليکيو وڃي ٿو. ان جي ڪري ۳۰ کان ۵۰ ملين انسان اجل جو شڪار ٿيا. اها وبا به bubonic هئي.

سال ۱۸۵۵ع ۾ چين ۾ وري هڪ وبا شروع ٿي جنهن کي The Third Plague جو نالو ڏنو ويو ۽ اها چين کان ٿيندي هندستان پهتي، ان جي ڪري لڳ ڀڳ ۱۲ ملين ماڻهو مئا. هي وبا ۱۹۵۹ع تائين ٿوري يا گهڻي انگ ۾ موجود رهي.

اهڙي ريت فلو واري وبا به اهم وبائن مان هڪ هئي، جيڪا ۱۹۱۸ع ۾ شروع ٿي ۽ ۱۹۲۰ع (۲ سال) ۾ ختم ٿي وئي. هيءَ آمريڪي رياست الاسڪا جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ شروع ٿي ۽ ان جي ڪري ان ڳوٺ جي ۹۰ سيڪڙو آبادي مري وئي. ۱۹۱۸ع ۾ جڏهن پهرين مها جنگ کان پو هندستاني سپاهي گڏيل هندستان وريا ته پاڻ سان گڏ فلو به کڻي آيا ۽ ان بيماريءَ جي ڪري لڳ ڀڳ ۱۹ ميلن هندستاني موت جي ور چڙهي ويا. جڏهن هيءَ وبا ايران پهتي ته ٽن هفتن ۾ ان جي ۲۲ سيڪڙو آبادي فلو جي ڪري گذاري وئي. جڏهن ته پوري دنيا ۾ فلو جي ڪري ۵۰ کان ۱۰۰ ملين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا.

۱۹۸۱ع کان اڄ ڏينهن تائين هلندڙ HIV/AIDS بيماريءَ کي به اهم وبائن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه سال اڳ سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي مان ڇرڪائيندڙ خبرون اچڻ لڳيون ته دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ايڊز جا مريض لاڙڪاڻي ۾ آهن. پوري دنيا ۾ ان جي ڪري لڳ ڀڳ ۳۶ ملين ماڻهو مري چڪا آهن.

سال ۲۰۱۹ع ۽ ۲۰۲۰ع ۾ چين مان شروع ٿيل ڪووڊ-۱۹ کي دنيا جي ستين اهم موتمار وبا طور ڳڻيو وڃي ٿو، چين جي شهر وهان ۾ شروع ٿيندڙ هيءَ وبا دنيا جي ۱۱۴ ملڪن تائين وڃي پهتي جنهن جي ڪري سموري دنيا جو ڪاروهنوار ئي ٺپ ٿي ويو. هڪ اندازي موجب هن وقت تائين هن وبا جي ڪري لڳ ڀڳ ۲۰ ملين ماڻهو مري چڪا آهن.

مان سمجهان ٿو ته انسانن جيڪو ڳالهائڻ کان پو پاڻ کي وڏي ۾ وڏو تحفو ڏنو آهي، اهو هڪ ٻئي کي ڪهاڻيون ٻڌائڻ جو تحفو آهي. اهو مان اڳ به چئي چڪو آهيان ۽ شايد وري وري ان ڳالهه جو اظهار ڪندو رهان ته اسٽوري ٽيلر هجڻ دنيا جي اهم اعزازن مان هڪ آهي. ڪهاڻي ڪڏهن جادو ٿي پوندي آهي ته ڪڏهن وري تاريخ... ٻنهي ۾ رڳو لفظن سان ئي کيڏڻو پوندو آهي. جادوءَ جي عمل کي پورو ڪرڻ لا جادوگر کي ڪجهه لفظ سکي ڦوڪڻا پوندا آهن ۽ انهن لفظن جي پٺيان انيڪ ڪهاڻيون لڪل هونديون آهن. اهڙيءَ ريت تاريخ ڪيترين ئي خوبصورت ڪهاڻين جي ميلاپ مان جنم وٺندي آهي. آمريڪا جو مشهور ناول نگار جان بارٿ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته اصل ڪرتب اهو آهي ته اوهان کي ڪرتب سکڻو پوندو. بارٿ جي ان جملي سان مان سو سيڪڙو اتفاق ڪريان ٿو بنا ڪرتب سکئي ڪهاڻيڪار پاڻ کي ماڻهن آڏو ڏٺو ئي ڪندو آهي. مان سمجهان ٿو اصل ڪهاڻي ڇا چوڻ بدران اهو فن آهي ته ڇا ڪيئن چئجي؟ هڪ ماهر اسٽوري ٽيلر ڪنهن ماهر جادوگر جيان پڙهندڙن اڳيان لفظن جو اهڙو ته خوبصورت ڄار وڇائيندو آهي جو پڙهندڙ ان ڄار ۾ ڦاسندو ويندو آهي. اسٽوري ٽيلر جو وڏي ۾ وڏو ڪمال اهو هوندو آهي ته معمولي ڳالهه کي به غيرمعمولي انداز ۾ دلڪش ڪري پيش ڪري.

هاڻي جڏهن وبائن سان گڏ ڪهاڻيءَ جي به ڳالهه نڪتي آهي ته پاڻ هتي وبائن جي حوالي سان ٻڌايل ڪهاڻين جو ذڪر ڪندا هلون ٿا. وبائن جي حوالي سان ڪيترن ئي اديبن ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن، جن اڳيان هلي دنيا جي عظيم ۽ شاهڪار ادب جو روپ ورتو. انهن ۾ البرٽ ڪاميو جو ناول دي پليگ (۱۹۴۷)، گيبريل گارشيا مارڪيز جو لو ان دي ٽائيم آف ڪالرا (۱۹۸۵)، ۽ اورحان پاموڪ جو دي وائيٽ ڪيسل (۱۹۸۰) ڪجهه اهم ناول آهن. هنن ٽنهي ناول نگارن ۾ وبا تي ناول لکڻ سان گڏ هڪ ٻي هڪجهڙائي اها به آهي ته ٽنهي کي ادب جو نوبل انعام پڻ ملي چڪو آهي. ويهين صدي جا ٻه عظيم اسٽوري ٽيلر البرٽ ڪاميو ۽ مارڪيز ته اسان کي ڇڏي وڃي چڪا آهن، پر ويهين ۽ ايڪهين صدي جو هڪ ٻيو عظيم اسٽوري ٽيلر پاموڪ اسان جي وچ ۾ موجود آهي. هڪ اسٽوري ٽيلر پنهنجي علائقي سان گڏ سموري دنيا جو هوندو آهي، ان تي سموري دنيا جو ايترو ئي حق هوندو آهي، جيترو هن جي علائقي وارن جو. ان ڪري ترڪ ٻولي جو اسٽوري ٽيلر پاموڪ هجي يا فرانسيسي ٻولي جو اسٽوري ٽيلر ڪاميو هجي يا وري اسپيني ٻولي جو اسٽوري ٽيلر مارڪيز هجي، اهي سڀ اسان جا ئي اسٽوري ٽيلر آهن ۽ اسين سنڌي ٻولي جا اسٽوري ٽيلر وري انهن سڀني جا آهيون.

تازو ئي مون پاموڪ جو ناول “دي وائيٽ ڪيسل” پڙهي پورو ڪيو آهي. پاموڪ لا اهو به مشهور آهي ته هن کي استنبول سان عشق آهي ۽ هن جي هر ڪتاب ۾ استنبول جو ذڪر لازمي هوندو آهي. هن ان حوالي سان هڪ ڪتاب استبول: يادگيريون ۽ شهر به لکيو آهي. ان ڪتاب ۾ هو ڄاڻائي ٿو:

“مون ڪڏهن به استنبول کي ڇڏيو ئي ناهي، پنهنجي ٻالڪپڻ وارن گهرن، گهٽين ۽ پاڙن کي ڪڏهن ڇڏيو ئي ناهي. جيتوڻيڪ مان گذريل پنجاهه سالن کان مختلف علائقن ۾ رهندو پيو اچان.”

انهي ڪتاب ۾ پاموڪ وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته استنبول جي تقدير هن (پاموڪ) جي تقدير ئي آهي، “مون کي هن شهر سان لڳا آهي ڇو جو هن ئي شهر مون کي اهو بڻايو جيڪو مان اڄ آهيان.”

بلڪل ايئن ئي پاموڪ جو هيءَ ناول به ۱۷هين صدي جي استنبول جي پسمنظر ۾ ئي لکيل آهي، جنهن ۾ اوچتو ئي اوچتو وبا اچي وڃي ٿي. هيءَ ناول برطانيا ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۹۰ع ۾ ڇپيو ۽ سال ۲۰۰۹ع ۾ Faber First هن جو موجوده ڇاپو ڇپرايو. هيءَ ناول “سيريز آف فرسٽ” جو پهريون ناول هو جيڪو اداري جا ۸۰ سال پورا ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ڇپرايو ويو. هيءَ ۱۴۵ صفحن جو ننڍڙو ناول آهي پر ان جي ڪهاڻيءَ ۾ وڏو جهان آهي ۽ اهو پاموڪ جي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو ڪمال آهي جو هو ايڏيون وڏيون ڳالهيون سادي انداز ۾ ڪري ويو آهي. هن ناول جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ناول مهاڳ نالي باب سان شروع ٿئي ٿو. سن ۱۹۸۲ع ۾ فاروق درونوگلو کي گبزي جي هڪ سرڪاري آفيس مان هڪ قديم مسودو ملي ٿو جنهن جي پهرين پني تي لکيل آهي “The Quilter’s stepson”. هن مسودي لا فاروق جو خيال هو ته اهو ان ڪري هن وقت تائين بچيل هو جو سادن ماڻهن ان جي عربي لکت کي ڏسي اهو ڄاتو ته هيءَ عثماني دور ۾ لکيل ڪلام پاڪ جو ڪو نسخو هوندو ۽ ان کي پاڪ ڪتاب سان گڏ حفاظت سان رکندا ٿي آيا. پر جڏهن هو ان ۾ ڏسيل ڪهاڻي پڙهڻ لڳو ته ان جي سحر ۾ گم ٿيڻ لڳو ۽ کيس لڳو ته هي ڪهاڻي ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي. هو ان ڪهاڻيءَ کي ترتيب ڏيڻ لڳو ۽ ان کي پنهنجي ڀيڻ نلگم درونوگلو (۱۹۶۱ کان ۱۹۸۰ تائين) کي ارپي ٿو، جيڪا اوڻويھن سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي. ان حساب سان هن ناول جي ارپنا ۽ مهاڳ ٻئي افسانوي آهن ۽ ناول جي شروعات ارپنا واري صحفي کان ئي ٿئي ٿي. ان مسودي ۾ فاروق کي اٽليءَ جي هڪ اهڙي نوجوان عالم جي ڪهاڻي پڙهڻ لا ملي ٿي جنهن کي سامونڊي ڌاڙيلن اغوا ڪيو ۽ استنبول جي غلامن واري بازار ۾ وڪرو ڪيو. ان بازار مان ان کي هڪ همراهه خريد ڪري ٿو جيڪو پاڻ به عالم آهي ۽ مغرب وارن جي ثقافت کي سمجهڻ جو چاهه اٿس.

جڏهن هو استنبول پهچي ٿو ته سچ ۾ هن کي شهر ڏاڍو خوبصورت لڳي ٿو، پر هو مختصر وقت ۾ اهو سمجهي وٺي ٿو ته هن خوبصورت شهر ۾ غلام هجڻ بدران آقا هجڻ ضروري آهي. اتي کيس زبردستي اسلام قبول ڪرڻ لا چيو وڃي ٿو ۽ جڏهن هو ايئن نٿو ڪري ته هن کي موت جي سزا ڏني وڃي ٿي. پر هوجا نالي همراهه هن کي بچائي وٺي ٿو ۽ جڏهن ٻئي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿين ٿا ته اٽلي واري همراهه کي احساس ٿئي ٿو ته اهي ٻئي شڪل صورت ۾ هڪجهڙا ئي آهن. ايئن هو ان همراهه سان گڏ رهڻ لڳي ٿو. ڪجهه وقت ۾ هن کي خبر پوي ٿي ته هوجا ستارن جي علم سان گڏ سائنسي ايجادن ۾ دلچسپي رکي ٿو، پر سلطان جا صلاحڪار هن کي چريو سمجهن ٿا جنهن جي ڪري هن جو سائنس جي حوالي سان تحقيق وارو ڪم اڳيان وڌي ئي نٿو ۽ ٻئي ڄڻا ڪيترن سالن تائين غريبي واري زندگي گذارين ٿا. پهرين سال ۾ هوجا کي ٿوري گهڻي رقم ملندي رهي ٿي جنهن مان اهي ٻئي ستارن جي علم جي حوالي سان ڪم ڪندا رهن ٿا، پر هوجا جو خواب آهي ته هو هڪ وڏو گهڙيال ٺاهي، پر ان لا درٻار مان هن کي ڪابه مدد نٿي ملي. انهي ڪري هوجا نفسياتي مريض ٿي پوي ٿو ۽ نرگسيت ۾ هليو وڃي ٿو. هن کي درٻار ۾ ويٺل سڀئي صلاحڪار بيوقوف ۽ ٺڳ نظر اچن ٿا. ان سان گڏ هو عام ماڻهن تي به ٺٺوليون ڪرڻ لڳي ٿو. اهي ٻئي سائنس جي حوالي سان هڪ ٻئي سان بحث ڪندا رهن ٿا. جهڙوڪر جانورن جي حوالي سان هڪ ڪتاب پڙهندي هوجا هن کي چئي ٿو:

“پراڻن ڏينهن جيان متان حقيقت سڌي ۽ سادي ئي هجي، پر اڄڪلهه هر شي ٽي رخي (3D) ٿي چڪي آهي. حقيقت کي به پاڇا آهن، هڪ عام ماڪوڙو به پنهنجن ڪلهن تي پاڇولو کڻي ڦري ٿو ڄڻ اهي ٻئي جاڙا هجن.”

هوريان هوريان سائنس جي حوالي سان هوجا پنهنجو اعتماد وڃائي ويهي رهي ٿو ۽ شراب ۽ ڌنڌي وارين ماين جي چڪرن ۾ اچي وڃي ٿو. پر ٻيو همراهه هن کي سنڀالي وٺي ٿو ۽ ٻنهي کي احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته اهي ٻئي هڪ ٻئي جو عڪس آهن، جيئن عام طور تي چئبو آهي ته “ٻه جسم هڪ جان”. اهڙي نموني ٻئي اهو فيصلو ڪن ٿا ته اهي هڪ ڪتاب لکندا جنهن ۾ پنهنجي سائنسي تحقيق وغيره جي حوالي سان لکندا ويندا. اهي هڪ ٻئي کي ڪهاڻيون ٻڌائڻ لڳن ٿا. پر هوجا درٻار ۾ صحيح جا نه ملڻ ڪري چڙ چڙو ٿي پئي ٿو ۽ پنهنجي ساٿي سان وڙهڻ لڳي ٿو.

ناول جي پنجين باب جي آخري حصي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته استنبول ۾ وبا اچي وڃي ٿي، ماڻهو مرڻ لڳن ٿا، بازارون ويران ٿي وڃي ٿيون، هر پاسي خوف راڄ ڪرڻ لڳي ٿو. ان دوران هوجا ۽ هن جو ساٿي به ڪمري ۾ بند ٿي وڃن ٿا. پو هڪ ڏينهن هوجا کي ران تي ڦرڙي نڪري ٿي. هن کي لڳي ٿو ته وبا هن کي وڪوڙي وئي آهي ۽ هاڻي هو مري ويندو. جنهن تي سندس ساٿي هن کي آٿت ڏيندو رهي ٿو ته اها معمولي ڦرڙي آهي ۽ ان جو وبا سان ڪوبه واسطو ناهي. پر هوجا کي هن جي ڳالهه تي ويساهه نٿو اچي ۽ ويتر وهمن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.

وبا جي ڪجهه وقت گذرڻ کان پو سلطان جا جانثار واپارين ۽ ٻين اهڙن ماڻهن کي شهر ۾ نڪرڻ لا خاص اجازت ناما ڏين ٿا، جنهن وٽ اهو ڪاغذ هوندو ان کي شهر ۾ گهمڻ جي موڪل هوندي. هوجا به هتان هُتان ڪري پنهنجي لا اجازت نامو هٿ ڪري وٺي ٿو ۽ روز صبح جو محل ۾ سلطان سان ملڻ وڃي ٿو، جتي هن کي خيال اچي ٿو جيڪڏهن هو وبا جي حوالي سان ڪهاڻيون گهڙي ٻڌائيندو رهي ته سلطان هن کي پيسا ڏيندو ۽ هن تي اعتماد ڪري کيس وبا کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان اهم صلاحڪار ڪري رکندو. هو پنهنجي ساٿي کي وبا جي حوالي سان انگ اکر گڏ ڪرڻ جو ڪم ڏئي ٿو. انهن انگن اکرن مان اها ڄاڻ ٿي ملي ته روزانو وبا جي ڪري گهڻا ماڻهو مري رهيا هئا. پو هڪ شام هوجا پنهنجي ساٿي کان پڇي ٿو:

“ڇا اهو ممڪن آهي ته هڪ اهڙي آکاڻي گهڙجي جنهن جو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي تسڪين کان سوا ٻيو ڪو مقصد ۽ معنى نه هجي...!!”

هوجا مذهب جو استعمال ڪندي سلطان کي اها ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ته هي وبا شيطان جو ڪارنامو آهي. اها ڳالهه جانثارين ۽ مُلن جي ڪري ماڻهن ۾ عام ٿيڻ لڳي، جنهن جي ڪري هوجا خوش هو ته هن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ماڻهن جي مرڻ وارن انگن اکرن مان هو حساب هڻي وٺي ٿو ته اها وبا ٻن هفتن اندر ختم ٿي ويندي ۽ ٿئي به ايئن ٿو. جنهن کان پو هوجا شاهي نجومي ٿي وڃي ٿو. ان تي هو سلطان کي وچن ڏئي ٿو ته جيڪڏهن سلطان هن جي مالي طور مدد ڪندو رهي ته هو هڪ اهڙي شاهي توب ايجاد ڪندو جيڪا سلطان جي سڀني دشمنن کي غرق ڪري ڇڏيندي.

ان وچ ۾ هوجا جو ساٿي هڪ شام جو ڪمري کان نڪري ڀڄي وڃي ٿو ۽ هڪ اهڙي ٻيٽ تي اچي رهي ٿو جتي رڳو ملاح رهن ٿا، پر ڪجهه وقت ۾ هوجا هن کي ڳولي وٺي ٿو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو. هن کي سلطان سان ملرائي ٿو. سلطان سمجهي وڃي ٿو ته هوجا جي سمورين ڪهاڻين پٺيان هن جو اهو هم شڪل ئي آهي ۽ هن کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳو ٿو، جنهن جي ڪري هوجا هن کان ساڙ ڪرڻ لڳي ٿو.

هن ناول جو هڪ اهم پاسو روايت پسندي ۽ جدت پسندي جي وچ ۾ ويڙهه آهي، جيڪو پاموڪ جي اڪثر ناولن جو موضوع رهيو آهي. هن ناول ۾اهو ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي نموني روايت پسند جدت کان ڊڄن ٿا ۽ جدت خلاف سازشون ڪن ٿا. جڏهن ته جدت پسندن لا اهڙو ماحول ٺاهيو وڃي ٿو جو اهي نفسياتي مريض ٿي پون ٿا ۽ نيٺ روايتن کي قبول ڪري وٺن ٿا. هن ناول ۾ اهو پڻ اشارو ڏنو ويو آهي ته عثماني سلطنت جنگن تي ۽ سپاهين جي عياشي لا ته پيسا خرچ ڪرڻ لا تيار هئي، پر سائنسي ايجادن ۽ علم جي حوالي سان خرچ ڪرڻ کان ڪيٻائيندي هئي ۽ عثماني سلطنت جي ختم ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ ان جو جدت پسندي سان بيهڻ بدران روايت پسندي سان گڏ بيهڻ هو.

هن ناول ۾ ٻي اهم ڳالهه جيڪا ڪئي وئي آهي، اها هي ته ڪهاڻيون گهڙڻ جو فن وڏو اهم آهي، اهي ڪهاڻيون ئي آهن جيڪي اسان کي ڏکئي وقت ۾ ڪم اينديون آهن. وبائن کي به منهن ڏيڻ لا ڪهاڻين جي ضرورت پوندي آهي. اها ڪهاڻي ئي آهي جيڪا ڏکين وقتن ۾ اسان کي همت به ڏيندي آهي ته اميد به ڏيندي آهي. جيئن هوجا ۽ هن جي ساٿي کي سندن ڏکين وقتن ۾ ڪهاڻيون اميد ۽ همت ڏينديون رهيون. منهنجو خيال آهي ته ڪهاڻيون ٻڌائڻ انساني عقل جو معراج آهي. اسان ٻي مخلوق کان الڳ انهي ڪري آهيون جو اسان ۾ هڪ ٻئي کي ڪهاڻيون ٻڌائڻ جي صلاحيت آهي. ان حوالي سان اسان ڪيڏي نه خوشنصيب مخلوق آهيون، ڇو ته ڪهاڻيون ٻڌائڻ جي صلاحيت سوا اسان جي ٻي ڪنهن به مخلوق ۾ نه آهي.

هن ناول جي مُک ڪهاڻي ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي ۽ سچ اهو آهي ته هن ناول ۾ پاموڪ لفظن جو اهڙو ته خوبصورت ڄار وڇايو آهي جو پڙهندڙ کي ان ڄار ۾ ڦاسڻ کان پو ڦٿڪڻ جو احساس ئي نٿو رهي. تازو پاموڪ جو هڪ ٻيو ناول “نائيٽس آف پليگ” ڇپيو آهي، هي ناول به “دي وائيٽ ڪيسل” واري ٽيڪنيڪ تي ئي لکيل آهي. هن ناول جو پهريون باب به مهاڳ ئي آهي ۽ هي ناول به استنبول ۾ آيل هڪ وبا تي لکيل آهي، جيڪا ۲۰ هين صدي ۾ آئي هئي. 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۷ ۽ ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment