Friday, October 7, 2022

اڌڙ - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اڌڙ

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سڀئي کيس ”اڌڙ“ ڪري سڏيندا ھيا. پورو ڇا، منو ڇا، بس اڌڙ. قد جو بندرو جو ھيو. خبر ناھي ڪنھن نالو رکيو ھيس. ماءُ پيءُ ھجنس ھا ته انھن کان پڇون ھا. جڏھن کان سانڀر سان ٿيو آھي، اھو ئي نالو ٻڌو ھيائين ۽ اھو به نه ته ڪو ڪڏھن کيس ڏک به ٿيو ھجي. ھر وقت پنھنجي موج ۾ رھندو ھيو.

گدري واري چيس؛ ”اڌڙ! ٿورو دڪان کي ڏسجانءِ مان ماني کائي ٿو اچان.“ ۽ اڌڙ ڏاڍي مزي سان ڏنڊي ھٿ ۾ ڪيون ويھي رھندو ۽ ھوڪا پيو ڏيندو؛ ”اچو! اچو! مصريءَ جون تڙون آھن!“



ڏس ته ڪڏھن گدرا پيو کپائيندو، ڪڏھن ڪتل ته ڪڏھن نانيءَ کي حڪيم کان ھاضمي جي سُتي ڦَڪي پيو آڻي ڏيندو. ٽين منزل واري ڪيشواڻيءَ جي ڌيءَ کي اسڪول ڇڏي ايندو ۽ ماڌو مستريءَ کي ڪڏھن مزور نه مليو ته اھو سِرُن ڍوئڻ وارو ڪم به ڪري وٺندو.

--

مگر مڙني کان مزو، کيس ايندو ھيو ڄڃ اڳيان نچڻ ۾. ڄڃ ڪنھن جي به ھجي، اُڙي ٿُڙي به اتان اچي لنگھي ته ھيءُ پنھنجي ھڪڙي ميل جي جُوءِ ۾، اڳيئون اڳيئون پتڪڙا پتڪڙا ھٿ لوڏائيندو، پِستڙين پِستڙين ڄنگھڙن تي ٺينگڙا ٽَپڙا ڏيندو نچندو ويندو. ان ڏھاڙي اتئون ورقن ڪٽڻ واري الياس جي ڄڃ اچي نڪتي ته ھيءُ به عادت سارو اڳيئون اڳيئون نچندو ھلڻ لڳو ته پنڊت ٽوڪيس؛

”اڙي او اڌڙ! مسلمانن جي ڄڃ ۾ پيو ٿو نچين؟“

ھوا ۾ ھٿ ڪُڏائيندي اڌڙ چيس؛ ”دھل ته ٻنھي جو ٿو وڄي ۽ ساڳيان ئي وڄندو آ.“

اڌڙ، ٻارھن سالن جي ٻارن سان کيڏندو ته انھن جو سَنُ پيو ڀاسندو. جڏھن ٻار، اسڪول ھليا ويندا ته ھو سوسائٽيءَ جي وچ واري باغ ۾ مالھيءَ سان گڏجي، نم جا سڪل پن ڪٺا ڪندو ۽ رات جو پروفيسر صاحب جي اوطاق مان ماچيس کڻي اچي انھن کي باھ ڏيندو.

ھڪ دفعي پروفيسر صاحب، کيس ھڪڙو پراڻو ڪوٽ ڏنو. اڌڙ، ٻاھر اچي ڏٺو ۽ مالھي چاچا کي ڏئي ڇڏيائين؛ ”ٻوري جو ٻورو ڏئي ڇڏيائين پائڻ لاءِ، ھن ۾ ته مون جھڙا ٽي ماپن.“

ڇترپور سوسائٽيءَ جي پنجن بلڊنگن ۾ رھڻ وارن اسي آڪھين جا لڳ ڀڳ سوا ٽي سؤ ماڻھو ھيا. ۽ اڌڙ، ج ۽ خ جي ٽٻڪن وانگر، منجھن پيو گھمندو ھيو. ڪنھن جو ڪم، ھن کان بغير، رُڪندو نه ھيو مگر ھن کان سواءِ چُرندو به نه ھيو. اڌڙ نه ھيو ته ڄڻ ھو پورا نه ھيا. جيئن ڀريل تريل گھر کي، ڌاريل ٻلي ٿورو اڃا ئي ڀري ڇڏيندي آھي. ائين ئي ھن، ڇترپور سوسائٽيءَ کي ٿورو اڃا ئي ڀري ڇڏيو ھيو.

--

ليڪن ڪالھ ھو مڙني کي سُڃو ڪري ويو. ڇورو ڪري ويو. ڪمپائونڊ جي اندر ڪٺي ٿيل انبوھ کي پروفيسر، رڙيون ڪري چئي رھيو ھيو؛ ”توھان سڀ اڌورا آھيو، اڌيڪا آھيو ۽ جنھن کي توھان اڌڙ ٿا سڏيو، ڏسو، ڏسو، اھو ڪيترو پورو آھي، ڪيترو مڪمل آھي.“

اھا ڳالھ ڀل ته ڪالھ جي ھجي. مگر اصل ڳالھ سُري ٻه سال اڳي.

اصل ڳالھ کان به اڳي ھڪڙي ڳالھ ٿي ھئي ۽ اھا به ڪا گھٽ اصلي نه ھئي. مگر ان جي باري ۾ گھٽ ماڻھو ڄاڻندا ھيا.

ڇترپور سوسائٽيءَ جي مڙني کان موچاري ڇوڪري راڌا ڪملاڻي، ان ڏھاڙي ھيرگنج جي علائقي کان آئي پئي ته ٽن غنڊن اچي سندس اڳ ورتو. ھڪڙي اک ھنيس، ٻئي سينڍ ھنيس، ٽيون ڪلھو گَسائي اڳتي نڪري ويس. ڇوڪري ويچاري ھيسجي وئي. پري گھٽيءَ جي مُھڙ وٽ کيس ھڪڙو ھيولا نظر آيو ته ھن وڏي واڪ رڙ ڪئي؛ ”اڌڙ!“

ھن آواز ٻڌو ته ڀڄندو آيو.

راڌا، سندس ھٿ پڪڙيو؛ ”اڌڙ! ٿورو مون کي گھر تائين ته ڇڏي آ.“

اڌڙ کي ڳالھ جو سُرُ سمجھڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي. شينھن ٿي ويو. راڌا کي ٻانھن کان پڪڙي چوڻ لڳو؛ ”ھل! مان آھيان نه!“

پوءِ ھو انھن ٽنھي غنڊن جي وچئون وچ، راڌا کي ائين ڪڍي آيو جيئن ھوا جو جھوٽو لڳي نڪري وڃي.

مگر اھا رات، اڌڙ کي ننڊ نه آئي. پھريون ڀيرو کيس لڳو ته سندس عمر اٺاويھ سال آھي. ورندي ڏينھن تي ھن، اسڪول جي ٻارڙن سان کيڏڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪپڙا استري ڪرائي پائڻ لڳو. تبديلي، ماڻھن به ڏٺي ۽ راڌا پڻ. ھن صرف کلي ڏنو؛ ”ھائو ڪيوٽ!“

اڌڙ کي ڄڻ زندگيءَ ۾ نئين ڪرت ملي وئي؛ باڊي گارڊ جي، رکوال جي؛ راڌا کي وڻي. ھو صبح ڌاري، کيس ڪاليج تائين ڇڏي ايندو ھيس. ڪڏھن ڪڏھن ٿورا ڪتاب به کڻندو ھيس. ڪڏھن ڪڏھن شام جو پھچي ويس ۽ موٽ تي ساڻُ وٺيو آيس، ليڪن ھڪ ڏينھن راڌا سندس دل ڀڃي ڇڏي.

ھوءَ جڳديش سان ملڻ ويندي ھئي، جتي اڌڙ ئي کيس ڇڏي ايندو ھيو. مگر جڳديش کي اھا ڳالھ نه آئُڙي. ھن اعتراض ڪيو ته راڌا کيس ڇڙٻ ڏني؛ ”ڇي ڇي!... ھن تي ٿو شڪ ڪرين؟ ھن اڌيڪي مرد تي!!“

بس ان کان اڳتي اڌڙ وڌيڪ نه ٻڌو. تِن ئي پيرن تي موٽ کاڌائين. ايندي ئي گھٽيءَ ۾ ستل ھڪڙي ڪتي کي ڪٽڻ شروع ڪيائين. گھڻو ماريائينس ۽ ڄڻ پاڻ ئي زخمجي پنھنجي کوليءَ ۾ وڃي ڦان ٿي سمھي پيو.

ورندي ڏينھن کان پوءِ، سندس رويو مٽيل ھيو. ماڻھن کي ڏاڍي تپرس لڳي. جنھن به کيس ڪو ڪم چيو، اڌڙ پڇيس؛ ”پئسا ڏيندين؟“

”پئسا؟ تو کي وري پئسا ڪاڏي ڪرڻا آھن؟“

”ڪاڏي به ڪيان ...! ڇا به ڪيان...!“

ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ، اڌڙ جي صندوقڙيءَ ۾، ڀانت ڀانت جا نوٽ ۽ سڪا ڪٺا ٿي ويا.

--

اھا، اصل ڳالھ کان، اڳي جي ڳالھ آ. ۽ اصل ڳالھ ھيءَ آھي ته ڇھن مھينن کان پوءِ راڌا پرڻجي وئي.... ڏاڍيان ڏاڍيان رِڪاٽَ پئي وڳا ۽ موڙ کئون بينڊ جي وڄڻ جو آواز اچي رھيو ھيو. اڌڙ لاءِ برداشت ڪرڻ، ڏاڍو مشڪل ٿي ويو. ھن جا ڦيراٽا کائيندڙ ھٿ پير، ڦَرڪڻ لڳا. ھو زھل مئون اٿيو، صندوقڙيءَ مان سمورا پئسا ڪڍيائين ۽ ڇترپور سوسائٽيءَ جي بلڊنگ-سيءَ جي تيرھين نمبر فلئٽ جو دروازو وڃي کڙڪايائين. تيرھين نمبر فلئٽ ۾ ستيہ رھندي ھئي. اڪيلي ۽ بدنام. ڇترپور جا سمورا ماڻھو چاھيندا ھيا ته اُھا اتئون ھلي وڃي، ڇو جو گھڻا ماڻھو راتين جو گاھ بيگاھ، سندس فلئٽ منجھئون نڪرندي يا اندر ويندي ڏٺا ويا ھيا. اڌڙ، اھو سڀ ڪجھ ڏٺو ھيو، سمجھيو به ھيائين مگر چپ ھيو.

۽ اڄ، خبر ناھي فلئٽ جي اندر ڇا ٿيو، مگر اڌڙ، پورن ستن ڪلاڪن پڄاڻان، ستيہ جي گھرئون نڪتو، تڏھن جڏھن راڌا جي ڏولي رواني ٿي چڪي ھئي.

ان کان پوءِ اڌڙ، اڪثر اتي وڃڻ لڳو. ماڻھن کي ڏاڍو اگرو لڳو ته ستيہ، اڌڙ سان واسطا رکڻ مان به نه مُڙي. ۽ اھا ڳالھ کانئن ھضم نه پئي ٿي ته جنھن عورت سان سندن واسطا ھجن، تنھن سان ھن بندرڙوءَ جا به واسطا ھجن، پوءِ ڀل اھا رنڊي ئي ڇو نه ھجي. بس! ستيہ جي خلاف ڄڻ پوري سوسائٽي ٽامڻي ٿي وئي...

ھڪ ٻن نوجوانن، اڌڙ کي ته ڪٽڪو به چاڙھيو....

اڌڙ، باھوڙجي اٿيو.... مار کائي، وري وڃي ستيہ وٽ پھتو.

ھوءَ بستري تي ليٽي پئي ھئي. شايد ٿورو بيمار ھئي. اڌڙ، سڌو سنئون، بنا رک رکاءَ جي چئي ڏنس؛ ”ستيہ! مان تو سان پرڻجڻ ٿو چاھيان!“

ستيہ ھن ڏانھن ڏٺو ۽ ”ھون“ چئي، ٻئي طرف، پاسو بدلائي ڇڏيائين.

اڌڙ، زور سان کيس ٻانھن مان پڪڙي، پاڻ ڏانھن ويجھو ڪيو؛ ”ڇو؟ مون سان پرڻجي نه ٿي سگھين؟ مان ماڻھو ناھيان؟ ڇا تون به مون کي اڌڙ ٿي سمجھين؟“

ستيہ، اک وتائي ڏٺس ۽ چيائينس؛ ”مون کي سمھڻ ڏي! منھنجي طبيعت ٺيڪ ناھي!“

اڌڙ جي ھٿ مان ستيہ جي ٻانھن ڄڻ ڇڏائجي وئي؛ ”ٺيڪ آ! پوءِ مر! جھنم ۾ وڃ!“

اھو چئي ھو مُڙيو، ٺڙاڪ سان پنھنجي پويان دروازو بند ڪيائين ۽ ڏاڪڻيون لھي ويو.

--

اصل ڳالھ اھا به ناھي. ڇو جو ان کان پوءِ به پوري سال تائين اڌڙ ڇترپور سوسائٽيءَ ۾ ترسيل ھيو... اُڙيون ٿُڙيون خبرون، ستيہ جي باري ۾ ملنديون رھنديون ھيس. بلڊنگ-سيءَ وٽان لنگھڻ، ھن ڄاڻي واڻي گھٽ ڪري ڇڏيو ھيو....

ڪنھن کيس ٻڌايو؛ ”ستيہ کي پٽ ڄائو آھي ۽ اھا ڳالھ ڇترپور سوسائٽيءَ جا ماڻھو برداشت نه ٿا ڪري سگھن. ستيہ جي سِرَ جي ڪڍ پئجي ويا آھن؛ ھن کي ڪڍو، فلئٽ ڇڏايوس!“

وري به ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ستيہ ڇھ مھينا کن ڪڍي وئي.

۽ اھا ھاڻي ڪالھ جي ڳالھ آھي ته اڌڙ، پنھنجي راشن جو ٻورو، پٺيءَ تي کنيو، ڪمپائونڊ ۾ گھڙيو ھيو. ھن ڏٺو ته بلڊنگ-سيءَ جي ھيٺان وڏو ھنڀ لڳو پيو آھي. ھن پڇيو به ڪو نه، تنھن ھوندي به ڪنھن ٻڌايس؛ ”ستيہ زھر کاڌو آ.“

اڌڙ، ڇوھائيءَ سان مٿي ڀڳو. کانئس اھو به وسري ويو ته پٺيءَ تي راشن جو ٻورو به سٿيل آ، حالانڪ ان کي ھي ڇڏي به سگھيو ٿي....

خبر ناھي ڇو، ماڻھو کيس رستو به ڏيندا ويا...

۽ نيٺ ھو تيرھين نمبر فلئٽ جي دروازي تي پڄي ويو. ھن ڏٺو، ستيہ جو لاش، اڃا پلنگ تي ئي پيو ھيو ۽ ڇھن مھينن جو ٻارڙو، لاش سان کيڏي رھيو ھيو.

سڄي ڪمپائونڊ ۾ پروفيسر جو آواز وڄي رھيو ھيو؛ ”ھيءُ ٻار، اوھان منجھان ڪير پنھنجو ڪندو؟ توھان ۾ ايتري ته انسانيت آھي ته چندو ڪري لاش کي ساڙي ڇڏيندئو... مگر ھن ٻار کي.... مان پڇان ٿو، ڪير پنھنجو ڪندو؟“

سموري جا سمورا، بت بڻيا بيٺا رھيا.

اچانڪ، اڌڙ جي ھٿئون راشن جو ٻورو، ترڪي ھيٺ ڪري پيو. سمورا کيس تڪيندا ئي رھجي ويا...

ھُن پيرُ پيرَ ۾ ڏئي وڃي ٻارڙي کي کنيو ۽ بغير ڪنھن ڏانھن ڏسڻ وائسڻ جي، ان کي ڪلھي سان لائي، ميڙ مان لنگھي، سوسائٽيءَ جي ڪمپائونڊ مان ئي ٻاھر ٽپي ويو.

پروفيسر جو آواز اڃا وڄي رھيو ھيو؛ ”توھان سڀ اڌورا آھيو، اڌيڪا آھيو ۽ جنھن کي توھان اڌڙ سڏيندا ھيئو، ڏسو، ڏسو اھو ڪيترو پورو آھي، ڪيترو مڪمل...“


No comments:

Post a Comment