اڌڙ
(ريختہ ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: گلزار
سنڌيڪار: انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
سڀئي
کيس ”اڌڙ“ ڪري سڏيندا ھيا. پورو ڇا، منو ڇا، بس اڌڙ. قد جو بندرو جو ھيو. خبر ناھي
ڪنھن نالو رکيو ھيس. ماءُ پيءُ ھجنس ھا ته انھن کان پڇون ھا. جڏھن کان سانڀر سان
ٿيو آھي، اھو ئي نالو ٻڌو ھيائين ۽ اھو به نه ته ڪو ڪڏھن کيس ڏک به ٿيو ھجي. ھر
وقت پنھنجي موج ۾ رھندو ھيو.
گدري
واري چيس؛ ”اڌڙ! ٿورو دڪان کي ڏسجانءِ مان ماني کائي ٿو اچان.“ ۽ اڌڙ ڏاڍي مزي سان
ڏنڊي ھٿ ۾ ڪيون ويھي رھندو ۽ ھوڪا پيو ڏيندو؛ ”اچو! اچو! مصريءَ جون تڙون آھن!“
