Saturday, October 8, 2022

ڪھاڻين جا ترڪيبي جُزا ۽ منفرد آرٽُ - مھاڳ - خليق ٻگهيو

ڪھاڻين جا ترڪيبي جُزا ۽ منفرد آرٽُ

(مھاڳ)

خليق ٻگهيو



جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر ۾ ترڪيبي جُزن سان سرشار، ڪردارن جي پيرائتي ۽ جدلياتي بدلاءَ وارين ڪھاڻين جي ڳولا ڪريون تہ اسان کي چند ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون اُھو سُڀاءُ بخشي سگهڻ جي قابل نظر اينديون. اھڙن ڪھاڻيڪارن کي دانش ۽ فلسفي توڙي ھنر منديءَ جي جدت پسنديءَ ۽ عالمگير رجحانن جي عڪاسي ڪندڙ ادبي سندون ڀلي نہ بہ ڏجن، پر اھڙا ڪھاڻيڪارَ پنھنجي سماج جي ھر دَور جي نبض شناسائي ڪندي نظر اچن ٿا. سندن مشاھدو تُز ٺھڪندڙ ۽ گھرو ٿئي ٿو. سندن ڪردار سماج جي رت ۾ شامل رھن ٿا. اهي انساني روين جي اتھاس ترتيب ڏيڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. انور ڪليم به جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر جو ھڪ اھڙو پانڌي-ڪھاڻيڪار آھي، جنھن وٽ ڪھاڻي سرجڻ جو ھڪ الڳ آرٽ آھي. سندس ڪھاڻيون اڃا وقت جي تيز وھڪري ۾ نہ لڙھيون آھن ۽ نہ وري قدرن جي ڌوڙ اڏائيندڙ منفي رويا سندس ڪھاڻين جي اھميت ۽ افاديت کان اڃا تائين انڪاري ٿي سگهيا آھن. سندس ڪھاڻين جون روشنيون منفي ذھنن کي سوجهري ڏانھن وٺي وڃڻ جو سَت سارين ٿيون. سماج جي عام ماحول مان سچيون سپيون ڳولن ٿيون ۽ پڇاڙَ جي سِٽن ۾ پڙھندڙن مان ڇرڪ ڪڍي وجهن ٿيون. ھُو پنھنجي سماج جي عام ماڻهن، عام مسئلن، عام ڏڪارن، عام سُڪارن عام ڏکن ۽ عام سُکن جو ڪھاڻيڪار آھي. سندس تخليقيت ۾ ڪردار گهڻي پيچيدگيءَ جا ھيراڪ نه آھن، پر جيون جي نفسياتي، سماجي، نفسياتي معاشي ۽ ثقافتي تسڪين جا ھيراڪ آھن. سندس اُھي عام ڪردار، ڪجهہ غير معمولي ڪارنامو سر انجام نٿا ڏين، پر فرديت کان اجتماعيت ۾ جذب ٿيڻ جي ٽيڪنڪ رکن ٿا. زندگيءَ جي مسرتن کان عاري، سندس ڪردارَ ڪنھن نہ ڪنھن طرح سان سڦلتائن ۽ اميدن جا تاڃي پيٽا اُڻيندي ٿڪجن نٿا. سندس ڪھاڻين جا ڪردار، زندگيءَ جي نااميدي تي بيھندي بہ نئين سج اڀرڻ جا تمنائي بڻيل آھن. جيڪڏھن ٻوليءَ جي سھنجائي، گهاڙيٽي جي سادگي، عنوانن سان ٺھڪندڙ ڪلائيمڪس ۽ سنڌي سماج جو آئيني ڏسڻ جي حسرت ھجي يا ڪردارن جي ڀوڳنائن جو جلد ذائقو چَکڻو ھُجي ته انور ڪليم جون ڪھاڻيون پڙھي ڏِسجن. انور ڪليم جو ھيءُ ڪھاڻي-مجموعو ”۳۲“ سندس پھريون ڪھاڻي-مجموعو آھي، جيڪو پڙھندڙن جي منشا موجب، ٻئين ايڊيشن ۾ آيو آھي. انهيءَ کان پوءِ سندس ٻيون ڪھاڻي-مجموعو ”بوءِ“ به ادبي حلقن ۾ اھم سمجهيو ويو آھي. ھاڻي ناول ”واپسي“ ۽ ”رجيم“ ناول پڻ سندس تخليقي سڃاڻپ ٿي بيٺا آھن. ھِن ڪھاڻي-مجموعي ۾ گھڻيون ڪھاڻيون پڙھڻ وٽان آھن. اڪثر ائين ٿئي ٿو ته ڪيترن ئي ڪھاڻي-مجموعن ۾ ويھن ڪھاڻين مان ھڪ يا ٻن کان ويندي بمشڪل چار معياري ڪھاڻيون ملن ٿيون. باقي ڪھاڻيون پڙھندڙ جو وقت ضايع ڪريو وجهن. انور جي ھِنن ڪھاڻين جي اندر وڃون ٿا تہ ٽيڪنڪ، ٻوليءَ، اسلوب توڙي گهاڙيٽي جي لحاظ کان سندس اڪثر ڪھاڻيون متاثر ڪندڙ ثابت ٿين ٿيون. مثال طور، تي سندس ڪھاڻين ۾ ڪِٿي ڪِٿي مزاح جي حِس نھايت دلفريب انداز ۾ آھي. مزاح مزاح ۾ ھُو دردن کي اُکولڻ جو فن ڄاڻي ٿو. ھُن وٽ سُورن جا تاڪيا کُولڻ جو آرٽُ آھي. سندس ڪھاڻيون لفظي اِشارن ۾ پيرائتو سفر ڪن ٿيون. ڪٿي ڪٿي لفظي نشانن سان سندس ڪھاڻين ۾ اڳ ڏنل اھڃاڻ Fore Shadows آھن. سندس ڪھاڻي”ڳاڙھا دٻا“ ۾ پُٽ جا مڪالما فور شيڊوئنگ ڏيندڙ آھن. Foreshadowing ھڪ اھڙي ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنڪ آھي، جنھن کي ڪھاڻيءَ جو مُکيہ جُزو Component پڻ سَڏبو آھي. فورشيڊوئنگ نہ صرف ڪھاڻيءَ ۾ پڙھندڙ لاءِ تجسس جنمي ٿو. پر پڙھندڙ جي اندر ۾ ھڪ تخليقي تمنا جاڳائي ٿو تہ ڪھاڻيءَ ۾ اڳتي ھلي ڇا ٿو ٿئي؟ پڙھندڙ وٽ شوق جاڳي پوي ٿو ته ڏِسجي ڪھاڻيءَ جا ڪردار ڇا ٿا ڪن؟ انور جي ھِن ڪھاڻيءَ ” ڳاڙھا دٻا “ جا شروعاتي مڪالما خود-ڪلاميءَ جي صُورت گَري ڪندي، فورشيڊوئنگ طور آيا آھن، جيڪي پڙھندڙ ۾ ڪردارن ڏانھن دلچسپي پيدا ڪن ٿا. اِشاراتي طور پڙھندڙ کي ائين محسوس ڪرائن ٿا تہ ڪجهه نہ ڪجهه عجيب ۽ غريب ٿيڻ وارو آھي. ! پاٺڪ ڪھاڻي پڙھڻ دوران ائين محسوس ڪري ٿو تہ ڪردارن جي عملن وسيلي ھنن لفظن تائين جيڪي ڪجهه ظاھر ٿيو آھي، سو اصل ۾ ائين نہ پر اڳتي ھلي ڪجهه مختلف آھي. اِھڙيءَ طرح پڙھندڙ، ڪھاڻيءَ کي آخري لفظن تائين تجسس سان پڙھي وٺي ٿو. بحيثيت ڪھاڻيڪارَ اھا سندس فني ھُنرمندي آھي. مثال طور ھِن ڪھاڻيءَ جا ڪي مڪالما ھِن طرح آھن، جيڪي پڙھندڙ کي ڪھاڻيءَ جي ايندڙ مرحلي ڏانهن اشارو ڪندي ورق اٿلائڻ تي پڻ آماده ڪن ٿا:


”بابا مون کي ”اٽي تي چَٽي“ ته اڪثر چوندو آھي. پر اڄ پھريون ڀيرو ”نه آخرت جو فڪر“ چيائين ته ٿورو ڇرڪي پيس.“

اڄ بابا آخرت جو طعنو به ڏنو ته رھي نه سگهيس.

بابا.. .. تبليغ تي وڃو پيا ڇا؟ پڇيم.“

 ھِن ڪھاڻيءَ مان ھڪ ٻيو اقتباس کڻون ٿا :

”آ گهٽيءَ ۾ بيهي ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳس ڀِت تي ھڪ ڳاڙھي رنگ جو دٻو لڳل ھو. جنھن مٿان اڇي رنگ سان لکيل ھو.“

”اخبارن رسالن ۾ ڇپيل قرآني آيتن کي بيحرمتيءَ کان بچايو. ھن دٻي ۾ قرآني آيتون وجهو.“

اڳتي ڪھاڻي ۾ پڙھندڙ کي اشارتي سطح تي موضوع جي نوعيت ڏانھن آمادگيءَ پيدا ڪرڻ جي وڌيڪ ڪوشش ڪئي وئي آھي. لفظي نسبتن سان، ھيءَ ڪھاڻي ائين پنھنجي ساخت جي تعمير ڪندي گُذري ٿي، جو پڙھندڙ شعوري/ لاشعوري طور به تجسس سان ڪھاڻي پڙھندو وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ” ڳاڙھا دٻا“ جو جهڙو عنوان آھي، تھڙو ئي اُن جو پُراثر ڪلائيمڪس آھي. ھونئنءَ به انور ڪليم جي فَن جي اُھا انفراديت رھي آھي ته سندس ڪھاڻي مختصر ترين صفحن جي والارَ رکن ٿيون. جنھنڪري پڙھندڙ بيزار نٿو ٿئي ۽ پڙھندڙ وقت بچائي وٺي ٿو ۽ انھيءَ کان سواءِ ھُو ڪھاڻيءَ جي تڪڙي نتيجي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي وٺي ٿو. ھُو ڪھاڻين جي پُٺيان اُبتن سُبتن نتيجن واران خيال جون ٻه-لغڙيون ڪونه ٿو اُڏائي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ بظاھر نيڪي ڪندڙ ۽ گهٽين ۾ دٻا ٽنگيندڙ ڪردار قلندر بخش جي جڏھن پنھنجي حقيقت تان پردو ھَٽي ٿو ته ڪھاڻي پنھنجي نتيجا فيصلائتي مرحلي ڏيندي Resolution تائين پھچي وڃي ٿي. ٺھراءُ يا فيصلو Resolution ڪھاڻيءَ جو اھو ڀاڱو ٿئي ٿو، جيڪو ڪلائيمڪس بعد، پلاٽ ۾ موجود ڪردارن جي عملن جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل ھوندو آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جي حل واري نبيري ۾ بظاھر شريف ڇوڪرو، جنھن جا مثال سموري ڀائپي ڏيندي ھئي، سو ھاڪاريت جي اڙ يا اوٽ ۾ عشق جون بازيون لڳائيندڙ نڪري ٿو ۽ اُھو سڀ ڪجه ڪيئَن ٿئي ٿو ؟ ان حسي ادراڪ perception لاءِ پاڻ ھيءَ ڪھاڻي پڙھي ڪھاڻي-پڻي جو سواد ماڻي سگهجي ٿو.

ڪنھن به ڪھاڻيءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ سٽاءَ جا ترڪيبي جُزا پنج کان ڏھ ٿي سگهن ٿا. اھم ترڪيبي جُزا بھتر ڪردار نگاري characterization سيٽنگ Setting تڪرار Conflict پلاٽ Plot موضوع Theme آھن، جيڪي ڪنھن ڪھاڻيءَ جو جوھر سيميٽي وٺن ٿا. ھڪ ڪامياب ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارن جو ڪنھن تڪرار ۾ معاملي جي شدت واري چوٽَ / بلنديءَ يا فني لفظن ۾ عروج Climax پڻ اھم جُز ٿئي ٿو. ڪھاڻيڪار پنھنجي ڪھاڻيءَ جي پنھنجي تخيلاتي بيھڪ وقت اُھي ڳالهيون پڻ پنھنجي بيانيي جي زينت بڻائي سگهي ٿو، جيڪي ڳالهيون صرف ھُو پاڻ ڄاڻي ٿو ۽ اھي ڳالهيون ڪھاڻيءَ جي اندر لفظن جي سحر ۾ جڪڙجي نه سگهنديون آھن. ھڪ ڪامياب ڪھاڻيڪارُ لفظن جي جڙوات کان ٻاھر واري اظھاريت کان به آشنا ھوندو آھي. ڪھاڻيءَ جي شروعات ۾ ھڪ مرحلو نمائش Exposition ھوندو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ھيري جي ڪردار جو مخالف يا دشمن ڪردار Antagonist به ھوندو آھي ۽ مڪالما نگاري Dialogue پڻ ڪھاڻيءَ جي روح جا ترجمان بڻجي سگهي ٿي. ھِن طرح ڪافي فني جُزا ملي ڪري ھڪ ڪامياب ڪھاڻيءَ جي جنم-ڪاريءَ ۾ معاون بڻجن ٿا. انور ڪليم جي مختلف ڪھاڻين ۾ مختلف اجزاءَ جي شموليت نظر اچي ٿي. مڪالما نگاريءَ جي تناظر ۾ ڏِسون ٿا ته ھُن وٽ مڪالمن جو رومانس نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻي بعنوان ”جُملي باز“ ۾ مڪالمن/ جملن جو رومانس اھڙو ته خوبصورت آھي، جو پڙھندڙ اڳيان پاڻ-ھرتو ماضيءَ جو دَور ڇُلڪي پوي ٿو. ٿورو اڳ واري ماضيءَ ۾ سنڌي سماج ۾ وقت تي ٺھڪندڙ جُملا ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ جي وڏي اھميت ھُوندي ھئي، کيس صدين تائين ياد ڪيو ويندو ھو. اڄڪلهه جو غير منطقي، غير فڪري ۽ غير تشريحي دَور ڪنھن جاءِ تي نٿو ٽِڪي. ھاڻي ته سماج مان مذڪوره جُملي بازيءَ معني خيزي اخذ ڪرڻ جي برعڪس ھڪ فلسفي پُڄاڻان Post philosophy دَور ھلي پيو آھي. جنھن موجب، روشن خياليءَ ۽ جديديت کان پوءِ عقليت ۽ جواز جو دَور نه رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته ھيءُ فلسفي کان پوءِ جو دَور آھي. ھاڻي سچ، سچائيءَ ۽ محبتن توڙي سماجي قدرن جي معيارن کي تورڻ لاءِ ڪا به ساھمي موجود نه رھي آھي. ھاڻوڪي دَور ۾ ھر معروضي سچائي ۽ ھر سچ کي موضوعي سَڏيو ويو آھي ۽ اڄڪلهه جُملي بازي واري ھيروازم جو دَور به ڄڻ ته پنھنجي زوال تائين پھچي چُڪو آھي. ھيءُ سڀ جديديت پُڄاڻان دَور جي فلسفين جي فلسفياڻا-ڪرامت آھي. ٿي سگهي ٿو ته Meta modernism جي غالب پوڻ سان جديديت جي عقليت ۽ منطقيت جي ڪجهه واپسي ممڪن بڻجي سگهي. انور ڪليم پنھنجي ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج ۾ ٻه ھزار جي ڏھاڪي کان ٻه ھزار پنج جي زماني جي ھيروازم کي ھڪ نموني Paradigm طور پيش ڪيو آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪردارَ، ڪھاڻيءَ جي فني تاڃي-پيٽي ۾ جنھن کي تڪرار Conflict جو مرڪز ٿو چَئجي، سان ڳنڍيل آھن ۽ اُھي ڪردار سندس ڪھاڻين جي پلاٽس جي ھڪ ترتيب Series ٺاھين ٿا. جنھن مان سُڌ پوي ٿي ته ھُو ڪھاڻين جو فني آرٽُ ڄاڻي ٿو. جيتوڻيڪ سندس ڪھاڻين جا تڪرار Conflict شديد نٿا ٿين يا ائين چئجي ته سندس ڪھاڻين جي تڪرار وٺي ايتري عروج تي نٿا پھچن، جو پڙھندڙ سوچ جي پيچيده نظام ۾ داخل ٿي وڃي، پر اُھي تڪرارَ Conflict کِل-مک انداز ۾ ئي جنم وٺن ٿا ۽ ٿوري عروج بعد ڪلائيمڪس Falling action ڏانهن موٽن ٿا. پاٺڪ غير محسوساتي انداز مان تڪرار جي مرحلي مان گذري وڃي ٿو. جيئنءَ سندس ڪھاڻي ”جُملي باز“ ۾ معين جو ڪردار آھي، جنھن وٽ حالتن سان ٺھڪندڙ ۽ گهڻ-طرفي معني خيزي ڪندڙ جملن ڳالهائڻ جو آرٽُ ۽ رومانس آھي. ھُو ڇوڪرين سان پيار ڪرڻ واري معاملن تي دوستن وٽ ھڪ زبردست جُملي باز ھئڻ ڪري مشھور آھي. ٻين ڇوڪرين پٺيان جوانيءَ ۾ مزاح توڙي سنجيدگي ۾ جُملا ڪَڇيندڙ معين وٽ تنھن زماني ۾ ڇا ٿو ٿئي ؟ جڏھن ھُو اُنهيءَ عمر تي پھچي ٿو، جڏھن پاڻ پنھنجي نوجوان ڌيءُ کي ساڻُ ڪري ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ ٻاھر نڪري ٿو؟ ڪھاڻي اُتي مزاح مزاح کان ويندي غير امڪاني ۽ غير متوقع نتيجن تائين پھچي وڃي ٿي. اھڙو آرٽ، جيڪو کِلائيندي اوچتو شديد سنجيدگيءَ جو مظھر بڻجي وڃي، سو به انور ڪليم جي تخليقي آرٽ جو حصو بڻيو آھي.

انور ڪليم جي ھِن ڪھاڻي-مجموعي جي ٽائيٽل ڪھاڻي ”۳۲“ به ھڪ اھڙي ڪھاڻي نظر ايندي، جيڪا ڪجهه ڊيگهه جي باوجود قاريءَ جو تجسس سان رشتو برقرار رکي ٿي ۽ ڪِٿي به ٿڪائي نٿي. جُملو جُملو دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ مستريءَ جو عيسائڻ ڇوڪريءَ ماريه عرف پريءَ سان مصنوعي بھاني سان شروع ٿيندڙ اٿاھ عشق جي ڪَٿا آھي، جيڪا عاشقاڻي-ڪَٿا غير ارادي ۽ غير امڪاني سطح تي اڳتي وڌندي پاٺڪ جي نرم احساسن کي ڇُھندي، (رولينڊ بارٽز جي انڪشاف جي روشنيءَ ۾ ڏِسجي) ته ھڪ تسڪيني آنند Soft Zone ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ٻٽيھن جي انگ کي جدت بخشي سموري ڪھاڻيءَ جو مرڪزي خيال يا ادبي ايمان Central idea or belief بڻايو ويو آھي. ڪنھن انگ مان ڪھاڻي جنمڻ وارو ھيءُ انوکو /منفرد زاويو نئين تجربي جو ساھِسُ رکي ٿو. جيتوڻيڪ ڪھاڻيءَ جو موضوع Theme پراڻي رومانويت جي آڌار آھي. پر جتي ڪھاڻيءَ جا مڪالما پڙھندڙ جي لاشعور کي ڇُھي سندس رومانوي ۽ حسي ادراڪ کي متحرڪ ڪن ٿا، اُتي ڪھاڻيءَ جو فني لحاظ کان فيصلو Resolution ڏُک جو ڪٿارسس بڻجي خاموشيءَ سان پڙھندڙ جي روح ۾ سَراريت ڪيو وڃي. ساڳئي وقت ھيءَ ڪھاڻي طبقاتي سماج ۾ گهٽ غير-پيداواري وسيلن جي ڪري فرد جي پيار ۾ ناڪاميءَ کي پڌرو ڪري معاشري ۾ محبت پيار جهڙي موضوعَ کي جدلياتي ماديت جي نظرئي جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ جي سماجي سائنس پڻ مھيا ڪري ٿي. پوئتي ويھ پنجويھ سال اڳ واري ماضيءَ ڏانهن جهاتي پائي ڏِسجي ته محبت جو مُوضوع، سنڌي معاشري ۾ فلمن، ڊرامن، گيتن نظمن ۽ غزلن جو ڄڻ ته واحد موضوع ھوندو ھو، جنھن اڪيلي ۽ وڏي موضوع ۾ ميڊيا جي اوسر ڪري ھاڻي گهڻ-پاسائتو موضوعن وارو سماج بڻجي پيو آھي. انڪري ھاڻي محبت پيارَ وارو مُوضوع ساڳي اھميت يا حڪمران-حيثيت بحال رکي نه سگھيو آھي. ھاڻي سنڌي سماج گھڻ-پيچيدگيءَ وارو سماج آھي. جتي ڪوبه واقعو ۽ موضوع پنھنجو پاڻ ڄمائڻ واري عمر جي اھليت وڃائي چُڪو آھي. محبت جو موضوع گهڻو-تڻو مجرد تصور جو حامل ھوندو آھي. محبت کي صرف عقليت، شعوريت واري سطح ۽ تخيلاتي تصورن جي مدد سان سمجهي نٿو سگهجي. ڪھاڻين ۾ اسان کي محبت صرف ھيرو جي پاسي کان فتح مند نظر ايندي آھي، پر سماج جي گهڻ-پاسائين پھلوئن کان اڪثر ڪھاڻين ۾ مادي ادراڪي شعوريت نظر نه ايندي آھي. انور ڪليم وٽ اھا انفراديت آھي ته محبت جي موضوع کي ھُن پنھنجي تخليقي ادب ۾ گهڻ-پاسائتا رخَ ڏنا آھن. سندس ڪھاڻي ”ٽي رنگ“ به ھڪ اھڙي تجربي-آڌار ڪھاڻي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ کي ٽه-طرفي پکيڙ Three-dimensional Characters ۾ ونڊيو ويو آھي ڪھاڻيءَ ۾ محبت جي ھڪ ئي ڳالهه تي لاڳاپيل ٽِن ڪردارن پيءُ، ڌيءُ، محبوب عرف وسيم يعني استري ڪندڙ ڇوڪري جا الڳ الڳ بيان، ڪھاڻيءَ جي لوازمات جو پُورائو ڪن ٿا. ٽه-طرفي پکيڙ واريون ڪھاڻيون پرڏيھي تخليقي ادب ۾ فئٽسي ۽ سائنسي فڪشن تي محيط ٿين ٿيون. جَن ۾ ڪرداري نگاريءَ کي عملي زندگيءَ سان لاڳاپي حقيقي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. ھونئنءَ به ڪنھن ڪھاڻيءَ جا ڪردار جيترا حقيقي نظر ايندا، اُھا ڪھاڻي اوتري ئي پڙھندڙ وٽ سوڀيا ۽ سوڀ ماڻي سگهندي. انور جي ھيءَ ڪھاڻي توڙي جو فينٽسي يا سائنسي فڪشن نٿي رکي، پر سنڌي سماج جي حقيقي ڪردارن جو پرتوو ضرور ڏيکاري ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ نوجوان ڌيءُ جو پيءُ پنھنجي ڌيءُ بابت ڪيترن ئي شڪن ۽ ڳڻتين ۾ مبتلا آھي. سندس ڌيءُ گهر جي سامهون استري ڪندڙ نوجوان ڇوڪري سان محبت ڪرڻ شروع ڪري ٿي. خود استري ڪندڙ ڇوڪرو ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو ھو، جنھن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو ھو، تنهن جو مڙس به جلد اوچتو مري وڃي ٿو، سو به اھڙي ڏينهن جڏھن استري ڪندڙ ڇوڪرو ھُن پوڙھي جي ڌيءُ سان ڪورٽ ميرئج ڪرڻ لاءِ نڪري رھيو آھي. ڪھاڻي حقيقت ۾ اُھا آھي، جيڪا امڪانن جي دنيائن کي کُليل رکي، جيئنءَ ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھر موڙ تي غير امڪاني عالم نظر ايندو. ڪٿي به پاٺڪ کي مقرر نتيجن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. زندگي ۽ سماج به ائين امڪانن جي اوسر ۾ اڳتي وڌندو آھي. روايتي، امڪاني ۽ مقرر نتيجا تخليقي ادب ۾ بيزاري تخليق ڪن ٿا. ھِن ڪھاڻيءَ کي پڙھندي ائينءَ محسوس ٿيندو ڄڻ ته ڪنهن ناٽڪ کي ڏسي رھيا ھجون. ھر ڪردار ڪھاڻيءَ جي وارتا کي پنھنجي وضاحتي بيان سان اُکيلي ٿو. ڳالهه مان ڳالهه جا تاڪيا کُلن ٿا. پلاٽ سان ھر ڪردار چُھٽيل نظر ايندو. ڪھاڻي ٻن فردن جي پيار-ڪَٿا جا سماجي نقصان نروار ڪري ڪيترن ئي گهرن ۾ ڄڻ ته نئين شعور جي روشني ڦھلائي ٿي.

انور جون ڪھاڻيون خاص امير طبقي / درباري ڪلچر جون ڪھاڻيون نه پر عام ماڻهن جون ڪھاڻيون آھن. ھُن وٽ غريب طبقي جا ڪردار آھن. اُھو غريب طبقو، جيڪو معاشي حالتن جي لحاظ کان انتھائي پسمانده آھي، جيڪو غربت جي لڪير کان به ھيٺ جي زندگي گذاري رھيو آھي، جن غريبن جا ٻار ڏھن روپين جي خرچيءَ کي اڄ به عيد سمجهن ٿا. سندس ڪھاڻي ”ڀڳل گلاس جي قيمت“ به ھڪ اِھڙي غريب گهراڻي جي ڇوڪري شيراز جي ڪھاڻي آھي. شيراز کي ڏھ روپيا سندس والد جو ھڪ دوست ڏِئي ٿو، جنهن جي خوشيءَ ۾ ھوٽل تي وڃي ويٽر کي بوتل جو چَئي ٿو. جڏھن ته بوتل پيئندي کانئس گلاس ڀَڄي پوي ٿو ۽ ڀَڳل گلاس جي قيمت سندس زندگي وٺي ڇڏي ٿي. سماج ۾ اھڙا ڪيترا نه پورھيت ماڻهن جا ڇوڪرا آھن، جَيڪي ننڍڙين ننڍڙين خوشين جي حاصلات لاءِ زندگيءَ جو سودو ڪن ٿا.. .. . !؟ انور اِھڙين لِڪل ڪھاڻين کي پنھنجي مُشاھدي جي قوت سان ڪھاڻين جو مرڪز بڻائي سماج کي آرسي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. فني طرح ڏسجي ته ھيءَ ڪھاڻي پاٺڪ کي سھل-پسنديءَ سان وٺي آخري سِٽ جي انتھائي ڪربناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ حقيقت تائين پھچائي ٿي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ اڃا شيراز جي خاندان جي معاشي پس-منظر کي وڌيڪ چِٽو ڪيو وڃي ھا ۽ ڏھن روپين جي جاءِ تي ٽيھ يا پنجاهه روپيا خرچي ڄاڻائي وڃي ھا ته اڄڪلهه جي معاشي حالتن سان وڌيڪ ٺھڪندڙ ڪھاڻي لڳي ھا، پر جيئنءَ ته ھيءَ ڪھاڻي ٻه ھزار پنج واري ايڊيشن ۾ آيل آھي، جنهنڪري اُن دَور جي معاشي حالتن جي عڪاس آھي ۽ ڪھاڻيڪار دوست ان ۾ تبديلي آڻڻ کي بھتر نه سمجهيو آھي. منھنجو خيال ھو ته ڪتاب جو ٻيون ايڊيشن جڏھن شايع ٿئي ٿو ته مواد کي پڻ جائزي وٺڻ يا تازي ڪرڻ review / up date ڪرڻ جي ضرورت ھوندي آھي. ساڳئي نموني سندس ڪھاڻي ”ھُو سوچيندو رھجي ويو...“ پڻ ھِن دَور جي معاشي حالتن سان ٺھڪندڙ نه آھي، پر اُن دَور جي معاشي حالتن سان يقينن امڪاني طور ٺھڪندڙ ھئي، تنهن ۾ پڻ تبديلي نه آندي وئي آھي. اُھو ڪھاڻيڪار جو الڳ ھڪ تخليقي ۽ صوابديدي اختيار آھي. اسان صرف کيس تجويز ڏئي سگهون ٿا. ھن ڪھاڻيءَ ” ھُو سوچيندو رھجي ويو...“ ۾ ھڪ ڪلارڪ ڪنهن يتيم ٻار کي پالڻ چاھي ٿو. ھُو اُن ڳالهه تي گهر واريءَ کي ته راضي ڪري وٺي ٿو. پر سندس پيءُ کيس اھڙي اجازت نٿو ڏِئي. نتيجي ۾ اُھو ٻار ڪجهه وقت بعد بيمار ٿي پوي ٿو. علاج نه ھئڻ جي صورت ۾ ٻارُ گذاري وڃي ٿو. ڪلارڪ کي اُنهيءَ ڳالهه جو وڏو افسوس ٿئي ٿو. جڏھن ته اھو ساڳيو ڪلارڪ اڳ به پنھنجا ٽي ٻار، ٻه ٽي ڀائيٽا ۽ ٻه ڀيڻ ڀائر به گهر ۾ پاليندي ڏيکاريو ويو آھي. پوءِ به کيس يتيم ٻار پالڻ جي تمنا آھي ؟ ھيءَ ڪھاڻي معاشي سوال کان ھَٽي ڪري ڏِسون ٿا، ڇوته ھاڻي وڌندڙ معاشي چئيلنجن جي مطابق ھيءَ ڪھاڻي ٺھڪندڙ نه آھي. پر ٻارڙن جي بنيادي معاشي ۽ سماجي / انساني حقن جي ضمانت گُهرندڙ ھڪ احساساتي ڪھاڻي ضرور آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ڪلارڪ کي يتيم ٻار پالڻ جي پٺيان ڀلي ڀاڳ کُلڻ جي اميد پرستي آھي. دنيا ۾ اھڙا ڪردار ملي پون ٿا. سڀ ماڻهو ڪنجوس نه آھن. ھنن ٻنهي ڪھاڻين مان ثابت ٿئي ٿو ته ھِن ڪھاڻي-مجموعي ”۳۲“ ۾ انور ڪليم، ٻارڙن جي انساني، بنيادي، معاشي ۽ سماجي حقن جو پڻ ڪھاڻيڪار آھي. جهڙيءَ طرح سندس ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگا رنگي Diversity نظر اچي ٿي، تھڙيءَ طرح سندس ڪھاڻين جا عنوان ايترا ته دلچسپ، ٺھڪندڙ ۽ پُرڪشش آھن، جو اھي عنوان ئي پڙھندڙن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇِڪائي پڙھڻ جي تمنا جاڳائن ٿا. ٻيو ته ھڪ ناقد کي پڻ وٿي نٿي ملي ته هُو انهن عنوان ۾ تبديلي آڻڻ جي صلاح ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي.

ھڪ فرد سماج ۾ ڪيئَن ٿو ڀوڳي؟ انفراديت کان اجتماعيت ڏانھن ويندڙ رستا ڪھڙي نوعَ جا ٿين ٿا ؟ ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارن جي مڪالمن جي پٺيان ڪھڙا نفسياتي رخ ٿين ٿا ؟ ٻوليءَ جي لفظيات جي حد ڪٿي ٽُٽي ٿي ۽ لِڪل نفسياتي پھلوئن جو وھڪرو ڪٿان شروع ٿئي ٿو؟ انور جي ڪھاڻين مان اِھڙا سُراغ ملن ٿا. سندس ڪھاڻي ” اعتماد جي آخري ڪھاڻي “ پڙھندي ڪِٿي مڪالمن جي حاضر-ڪلامي حيران ڪري وجهي ٿي ته ڪِٿي مُرڪ جو محرڪ بڻجي پوي ٿي. وقتائتا ۽ جامع مڪالما نه صرف پڙھندڙ جي جمالياتي ۽ مزاح کي خوبصورت حسي ادراڪ بخشين ٿا، پر سماجي شعوريت کان لاشعوريت جي تخليقي سفر ڏانھن به پاٺڪ کي وٺي وڃن ٿا. سندس ھيءَ ڪھاڻي نج ٽيليفون جي زماني

جي ڪھاڻي آھي، جڏھن اڃا موبائيل اسان وٽ عام نه ٿي سگهي ھئي. ڪھاڻي جهڙيءَ طرح مرد شائونزم جي ڪوڙي ساک کي وائکو ڪري ٿي، تھڙيءَ طرح ليکڪ/ اديب جي سماجي ڪردار جي روايت-پڻي کان بچڻ واري ڪوشش جي ناڪاميءَ وارو راز پڻ اُکيلي ٿي. توڙي جو ڪھاڻي موضوعاتي طور تي ھڪ رومانوي ڪھاڻي آھي، پر فني ۽ فڪري طور ھيءَ ڪھاڻي موجوده سماجي-شعور جو موجوده اتھاس به کنيو بيٺي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ توڙي جو پاٺڪ ڪلائيمڪس تائين پھچندي ڪجهه ٿڪجي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪھاڻي ڪجهه ڊيگهه پڪڙي وئي آھي، پر رومانويت ۾ ھن ڪھاڻيءَ جي اندر ادبي ڪائنات جا ڪردار آھن، جن جا ٽيليفون تي ڳالهايل مڪالما اسان جي سنڌي تخليقي ادب ۾ تخليق ۽ تنقيد جي رشتن جي تند جوڙين ٿا. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڪھاڻيڪارَ سليم صاحب جو ڪردار ۽ ٻيو ندا صاحبه جو ڪردار، اڻ-ڄاتل تخليقي رشتن جي ڳنڍ کولين ٿا ۽ روايتي سماج ۾ ٻنھي جو ھم-شڪل ۽ ھمدم-درد غير مسيحائيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. انهيءَ زماني ۾ جڏھن ھِن قسم جون ڪھاڻيون لِکيون ويون ھيون، تڏھن ته ٺَڪا-ٺَڪ سماجي ذھنن کي متاثر ڪري وينديون ھيون. پر اڄ به ھي ڪھاڻيون اتھاسي سطح تي پاڻ نوٽ ڪرائن ٿيون. سنڌي سماج اڃا ايڏي وڏي اُٿل پڻ نه کاڌي آھي، جو ماضيءَ جو تخليقي ادب اڄ يڪسر قدرن جي مٽا-سٽا ڪري ضايع ٿي ويو ھُجي.!

حياتيءَ ۾ يڪسانيت ھڪ اھم موضوع آھي. عمر رسيده شخص کي ڪائنات به پُراڻي لڳي ٿي. ھُو سوچي ٿو ته ڄڻ ته سڀ ڪجهه اڳ ڏٺل آھي. سڀ ڳالهيون، سڀ رويا ۽ قدر پراڻا آھن. ھُو سوچي ٿو ته نواڻ ڪٿي به نه آھي، پر پراڻين روايتن ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وڃي ٿي. ڪردار ساڳيا آھن ۽ رڳو چھرا تبديل ٿا. چھرا به پراڻا ٿيو وڃن ۽ اڳ موجود رواجن کي به ٿورو صاف ڪري وري عمل ۾ آندو ويندو آھي. ان عمر رسيده شخص کي وطن جا نظارا ۽ مندون به پراڻيون لڳنديون آھن. انور ڪليم جي انهيءَ موضوع تي ڪھاڻي ” سڀ ڪجهه ساڳيو “ نھايت دلفريب ۽ پُرڪشش ڪھاڻي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ آخوند/ اُستاد Teacher جو ڪردار آھي، جيڪو ساڳي دستوري زندگي گذاري ڪجهه عجيب محسوس ڪري ٿو. شعور جي روءِ Stream of Consciousness تحت انهيءَ ڪردار جي عڪاسي نظر اچي ٿي. جنهنڪري اُھو ڪردار سوچن جي وھڪري ۾ لُڙھندو نظر ايندو. ساڳيو صبح، ساڳي شام. ساڳيا رستا ساڳيا دڪان ساڳيا گيت ڏِسندي ۽ ٻُڌندي ھُن کي من ۾ احساس جاڳي ٿو ته ھُوند هُو اکيون ٻُوٽي، تڏھن به ھلندي منزل تائين رسي ويندو. ساڳيا ٽانگا ساڳيون خوبصورت آڱريون، جيڪي سندس خوابن جو رومانوي آئيڊلزم رھيون آھن. ھُو سوچي ٿو شايد ايندڙ وقت ڪجهه ڪردارن جا رستا بدلجي وڃن. ساڳيا اسڪولي ٻار ۽ ساڳيا خانگي آخوند. ڄاتل اڻ-ڄاتل چھرن جو سلام.. .. . ائينءَ ھُن کي محسوس ٿئي ٿو ته هُو ڄڻ انسان بدران ھڪ روبوٽ آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ نئون شھري ادراڪ نظر اچي ٿو ۽ اُنهيءَ شھري ادراڪ ۾ فرد جي نفسيات جي پيچيدگيءَ جي بھتر عڪاسي ڪئي وئي آھي. نئين شھري حِسي ادراڪ واري مطابقت Similarity اخلاق انصاريءَ ۽ منور سراج جي ڪھاڻين ۾ پڻ ڏسڻ وٽان آھي. ھِن ڪھاڻيءَ کي وري پنھنجو الڳ مزاج آھي. انور ڪليم جون ھِن قسم جون ڪھاڻيون ٻه ھزار پنج جون آھن. منھنجو خيال آھي ته ساڳي ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس کي ھاڻي روبوٽ ھجڻ واري احساس کان شروع ڪري وري ڪو نئون/ جديد ترين ڪلائيمڪس به ڏَئي سگهجي ٿو ۽ ھِن دَور ۾ اُھو شھري ادراڪ ھاڻي جديديت-پُڄاڻان بعد اڃان به فڪري سطح تي ڪجهه حيران ڪندڙ پاسن ڏانهن موڙي سگهجي ٿو. مارڪيٽ ايڪانامي به ھِن دَور جو ھڪ اھم موضوع آھي. بُک/ پيٽ جو گذر امير ۽ غريب جي فرق وارو سمورو عمل محنت ۽ مارڪيٽ سان جُڙيل رھندو آھي. انور وٽ رڳو رومانوي موضوع نه پر پيٽ جي باھ اُجهائڻ وارن موضوعن جي داخلا سٺو سَوَڻُ/ شگن پڻ آھي. سندس ڪھاڻي ” دلال “ به مارڪيٽ ترڪيب mechanics جي پُراڻين ۽ نين تقاضائن جا فرق ڳولي ٿي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ دڪاندار-ڪردار ھر ماڻھوءَ کان پُڇي ٿو ته ”ڇا کپي اداٰ.. . !؟ جنھن تي گهر وارا ۽ بازار وارا، دڪاندار توڙي ڪجهه گراھڪ کيس ٽُوڪين ٿا ۽ چَٿرون ڪن ٿا. پر اڳتي ھلي سندس بيمار ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ زماني تائين ڇا ٿو ٿئي؟ ھِن ڪھاڻيءَ جو ڪلائيمڪس به وڏي ڪرافٽ سان آخري سٽ ۾ عڪس بند ڪيو ويو آھي. ڪلائيمڪس جي اُھا آخري سٽ آھي: ”ھن کي ائين لڳو ڄڻ ھُو ڳاڙھي بازار جي دلالن جي وچ ۾اچي ويو ھجي. !“ توڙي جو ڪھاڻيءَ جو اُھو آخري جملو، ڪھاڻيءَ جو نڪته نظر آھي، پر منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن ڪھاڻيءَ ۾ اُھو جملو شامل نه ڪجي ته ڪھاڻيءَ ۾ مارڪيٽ مڪينزم کي گار ڏيڻ جي برعڪس، ڪھاڻيءَ جو عنوان ”زمانو“ رکي نتيجو پڙھندڙ جي حوالي ڪري سگهجي ٿو. ھونئنءَ به سنڌي ماڻهن کي ھاڻي رومانوي سحر مان ڪڍي واپرائيندڙ سنگت consumer society کي سمجهڻ ۽ انهن جي نقصانن توڙي فائدن بابت آگاھي ڏيڻ جي وڌيڪ گُهرج آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ تنھن ھُوندي به مارڪيٽ جي ايندڙ نون چئيلنجن ڏانھن مستقبليت futurism آھي. جيڪا خُوش آيندَه ڳالهه آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ وڌيڪ ڇا ٿو ٿئي !؟ اُنهيءَ لاءِ ھيءَ سموري ڪھاڻي پڙھڻي پوندي. ھِن بيٺڪيت-پُڄاڻان واري سماجي دَور ۾ اھڙيون ڪھاڻيون وڌيڪ دلچسپ بڻجي ويون آھن.

ادب جو اُھو ئي نرالو حُسن آھي، جو اُھو اڪثر ڪڏھن به ختم نه ٿيندڙ/ دائمي Everlasting ٿيندو آھي. زندگيءَ جي فطرت ڏانهن جهڪاءُ ادب کي ڪي دائمي قدر/ ھميشگي Entity آڇيندو آھي. انور جي ڪِن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جي ھميشگي ۽ آفاقيت ڏانهن جهڪاءُ آھي، ڇاڪاڻ ته ھُن جون ڪھاڻيون علمي ۽ ادبي توڙي سماجي تحريڪن ۽ نظرياتي رجحانن يا جديد ترين اولهه جي فلسفن جي روشنيءَ ۾ تخليقي روشني ڪونه ٿيون ڳولين، جيڪي رڳو ھڪ ٻئي جي رد ۽ توسيع ۾ بدلجندڙ خيالَ ڏيندڙ رھيون آھن، پر اُھي ڪھاڻيون سنڌي سماج جي ارتقا مطابق آھن ۽ اُھي ڪھاڻيون گهرن گهٽين، بند ديوارن جي اندران اُڀرندڙ مسئلن کان ھَٽي ڪري ٻاھرين کُليل روڊن رستن جي چونڪن تي نڪري ٻاھرين فضا ۾ ساھُ کڻندي دوستن، ھوٽلن، دڪانن، بازارن ۽ ٽانگن وارن جي ڪردارن ۾ ونڊجي وڃن ٿيون. سندس ڪھاڻيون خالص عِلمي ڇُھاءَ جي برعڪس تخليقڪار جي ذاتي مُشاھدن مان اُڀري تخليق ٿيل لڳن ٿيون. منھنجي خيال موجب، مُشاھدي جي گرفت ھونئنءَ به علمي گرفت کان وڌيڪ سگهاري ٿئي ٿي. مُشاھدو سماج جو صوتي، برقي تشخيصي ۽ برقي Ultrasound ھوندو آھي. تجربو، تخليقي ادب جو ايڪسري ٿئي ٿو. انور جون ڪھاڻيون سندس اُڀرندڙ جوانيءَ ۾ شوق جي عروج، متاثر ٿيڻ جي تُز حِس ۽ زماناسازيءَ جي لاھن چاڙھن کي کڻي ڪرافٽ جي قوت سان ڦٽندڙ سرجندڙ ڪھاڻيون آھن. اُنهيءَ ڪري اُھي سترھن سالن بعد به اُھي ايتريون شوق سان پڙھيون وڃن ٿيون، جو اڄ ھِنن ڪھاڻين جي مجموعي جي نئين ايڊيشن آڻڻ جي ضرورت پئي آھي. ڪو ادب ائينءَ لِکجي ويندو آھي، اُن جي اھميت ايندڙ وقت عيان ڪندو آھي. خود لکڻھار به اندازو ڪري نه سگھندو آھي ته اُھو ايندڙ وقت ۾ ڪيترو مانُ ۽ قدرشناسائي لھڻي وٺندو.!

انور جي ھِنن ڪھاڻين ۾ پڻ ضرور اھڙي خاصيت آھي، جيڪا نيڪ نيتيءَ سان ھڪ سٺو ڪھاڻي-پاٺڪ ڏِسي سگهي ٿو. انور جي ڪھاڻي بعنوان؛ ”ڪھاڻين ۾ وڇوڙو“ به ھڪ نئين تجربي-آڌارڪ ڪھاڻي آھي، جنهن ۾ صبا ۽ افتخار جو دوست ڪھاڻين ۾ موجود وڇوڙن تي ڊسڪورس ڪندڙ ڪردار آھن، پر افتخار جو دوست صبا سان ڳالهائيندي ساڻس سچي محبت ڪري ويھي ٿو. پَل پَل ۾ تخليقي ادب جي ڊسڪورس کي ھُو عملي زندگيءَ تي تڪڙ ۾ لاڳو ڪري ويھي رھي ٿو ۽ اُنهيءَ لِڪل حقيقت کان بلڪل آگهي به نٿو رکي ته صبا جو ساڻس سڀاويڪ ميزبانيءَ، ادب آداب ۽ ادب-دوستيءَ جي رشتي جو ڪڏھن به اھو مقصد نه ھو. ھُو صبا ۾ ھٿ وجهي کيس ڪورٽ-ميريج ڪرڻ لاءِ اتساھي وٺي. خود ھيءَ ڪھاڻي ڏِسندي ڏِسندي عملن جي پُڄاڻيءَ يا نتيجن Climax تائين پھچندي نه صرف موضوعاتي طور تي، پر فڪري سطح تي به تبديل ٿي وڃي ٿي. ادبي ڊسڪورس جو عمليت ۾ تحليل ٿيڻ وقت وارو نئون تجربو، ھِن ڪھاڻيءَ کي نھايت منفرد آرٽُ بخشي ٿو. ساڳئي وقت فڪري سطح تي ھيءَ ڪھاڻي سنڌي سماج ۾ ڪيترن ئي بند سوالن جا تاڪَ کُولي ٿي. مثال طور : ھيءَ ڪھاڻي پڙھڻ بعد سوال پيدا ٿئي ٿو ته ليکڪ جي من ۾ ايتري تڪڙ مرد شائونزم آھي يا خود ساخته خوش-فھمي آھي؟ ڇا اُھا سماج جي جنسي بک آھي يا تھذيبي قدرن جي زوال جي علامت آھي؟ يا مثبت روين ۽ محبت ۾ فرق ڪرڻ وارو رجحان جنم وٺي نه سگهيو آھي؟ توڙي جو ھِن ڪھاڻيءَ جو موضوع به پيار جي آُساٽ آھي، جيڪو موضوع ھزارين ڀيرا ورجائي لِکيو ويو آھي، پر ساڳئي موضوع کي تخليقي ادب جي رشتي ۾ استوار ڪري ڄڻ ته نئين تجربي سان ڪھاڻيڪارَ پنھنجي انفراديت کي برقرار رکيو آھي. موضوع تي ھونئن به تخليقي ادب ۾ ڪا پابندي نه ھوندي آھي. ساڳئي موضوع ۾ نواڻ آڻڻ، نئون آرٽ، نئين ٽيڪنڪ، اسلوب جي انفراديت ۽ پيشڪش جي انداز واري ڳالهه تنقيدي ملهه لھڻندي آھي. انور جي ڪھاڻين ۾ اُھي خوبيون جابجا موجود نظر اچن ٿيون.

انور ڪليم جون ھِن ڪھاڻي-مجموعي ۾ ”مختصر ڪھاڻيون“ پڻ ڏنل آھن. جَن ڪھاڻين کي مائڪرو فڪشن ڪھاڻيون به چَئي سگهون ٿا. انور جون ھي ڪھاڻيون ٽِن کان ڇھن سَتن سِٽن تي آڌاريل آھن ۽ ھڪ کان وڌيڪ يارنھن کان ٻاويھ-سِٽون ڪھاڻيون به آھن. ھِنن مختصر-ترين ڪھاڻين : صلاح-ڪاغذ-پنھنجي پنھنجي طلب ۽ حسرت جي عنوان سان موجود ڪھاڻين ۾ ھڪ واقعي ۾ ٻي طرفي سوچ ۾ سماجي بدعتن کي چُھنڊريون لڳل آھن. ھنن مختصر ڪھاڻين ۾ ڪٿي سماجي درد حساس فرد جي من پاتال ۾ لھي وڃي ٿو ته ڪِٿي ٻارڙن جي انساني حقن جي پڌرنامي ۾ ساھ وجهندڙ احساس جاڳي پون ٿا. ڪٿي رومانوي بُک ۾ ورتل اکيون ۽ لاشعوري طور ڪنهن ڇوڪريءَ جي زيورن جي خوبصورتي ڏسڻ واري حِس جي عڪاس آھن ته ڪِٿي عمر-رسيده عورت جي مزاح وارو مزو ته ڪِٿي مرد جي توقعات تي پاڻي ڦيريو وڃي ٿو. ڪنھن به طرح اُھي ڪھاڻيون پنھنجي متني جوھر ۾ ڪا نه ڪا منطقيت سانڍيو بيٺيون آھن.

خليق ٻگھيو

پراڻو گچيرو

مورو  

۲۲ـ ۷-۲۰۲۲

 

(چانڊوڪي پبليڪيشن واھي پانڌي پاران شايع ٿيل انور ڪليم جو ڪھاڻي-ڪتاب ۳۲ (ٻيون ايڊيشن) تان کنيل)

No comments:

Post a Comment