Showing posts with label ڪھاڻين جا ترڪيبي جُزا ۽ منفرد آرٽُ، مھاڳ، خليق ٻگهيو،. Show all posts
Showing posts with label ڪھاڻين جا ترڪيبي جُزا ۽ منفرد آرٽُ، مھاڳ، خليق ٻگهيو،. Show all posts

Saturday, October 8, 2022

ڪھاڻين جا ترڪيبي جُزا ۽ منفرد آرٽُ - مھاڳ - خليق ٻگهيو

ڪھاڻين جا ترڪيبي جُزا ۽ منفرد آرٽُ

(مھاڳ)

خليق ٻگهيو



جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر ۾ ترڪيبي جُزن سان سرشار، ڪردارن جي پيرائتي ۽ جدلياتي بدلاءَ وارين ڪھاڻين جي ڳولا ڪريون تہ اسان کي چند ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون اُھو سُڀاءُ بخشي سگهڻ جي قابل نظر اينديون. اھڙن ڪھاڻيڪارن کي دانش ۽ فلسفي توڙي ھنر منديءَ جي جدت پسنديءَ ۽ عالمگير رجحانن جي عڪاسي ڪندڙ ادبي سندون ڀلي نہ بہ ڏجن، پر اھڙا ڪھاڻيڪارَ پنھنجي سماج جي ھر دَور جي نبض شناسائي ڪندي نظر اچن ٿا. سندن مشاھدو تُز ٺھڪندڙ ۽ گھرو ٿئي ٿو. سندن ڪردار سماج جي رت ۾ شامل رھن ٿا. اهي انساني روين جي اتھاس ترتيب ڏيڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. انور ڪليم به جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر جو ھڪ اھڙو پانڌي-ڪھاڻيڪار آھي، جنھن وٽ ڪھاڻي سرجڻ جو ھڪ الڳ آرٽ آھي. سندس ڪھاڻيون اڃا وقت جي تيز وھڪري ۾ نہ لڙھيون آھن ۽ نہ وري قدرن جي ڌوڙ اڏائيندڙ منفي رويا سندس ڪھاڻين جي اھميت ۽ افاديت کان اڃا تائين انڪاري ٿي سگهيا آھن. سندس ڪھاڻين جون روشنيون منفي ذھنن کي سوجهري ڏانھن وٺي وڃڻ جو سَت سارين ٿيون. سماج جي عام ماحول مان سچيون سپيون ڳولن ٿيون ۽ پڇاڙَ جي سِٽن ۾ پڙھندڙن مان ڇرڪ ڪڍي وجهن ٿيون. ھُو پنھنجي سماج جي عام ماڻهن، عام مسئلن، عام ڏڪارن، عام سُڪارن عام ڏکن ۽ عام سُکن جو ڪھاڻيڪار آھي. سندس تخليقيت ۾ ڪردار گهڻي پيچيدگيءَ جا ھيراڪ نه آھن، پر جيون جي نفسياتي، سماجي، نفسياتي معاشي ۽ ثقافتي تسڪين جا ھيراڪ آھن. سندس اُھي عام ڪردار، ڪجهہ غير معمولي ڪارنامو سر انجام نٿا ڏين، پر فرديت کان اجتماعيت ۾ جذب ٿيڻ جي ٽيڪنڪ رکن ٿا. زندگيءَ جي مسرتن کان عاري، سندس ڪردارَ ڪنھن نہ ڪنھن طرح سان سڦلتائن ۽ اميدن جا تاڃي پيٽا اُڻيندي ٿڪجن نٿا. سندس ڪھاڻين جا ڪردار، زندگيءَ جي نااميدي تي بيھندي بہ نئين سج اڀرڻ جا تمنائي بڻيل آھن. جيڪڏھن ٻوليءَ جي سھنجائي، گهاڙيٽي جي سادگي، عنوانن سان ٺھڪندڙ ڪلائيمڪس ۽ سنڌي سماج جو آئيني ڏسڻ جي حسرت ھجي يا ڪردارن جي ڀوڳنائن جو جلد ذائقو چَکڻو ھُجي ته انور ڪليم جون ڪھاڻيون پڙھي ڏِسجن. انور ڪليم جو ھيءُ ڪھاڻي-مجموعو ”۳۲“ سندس پھريون ڪھاڻي-مجموعو آھي، جيڪو پڙھندڙن جي منشا موجب، ٻئين ايڊيشن ۾ آيو آھي. انهيءَ کان پوءِ سندس ٻيون ڪھاڻي-مجموعو ”بوءِ“ به ادبي حلقن ۾ اھم سمجهيو ويو آھي. ھاڻي ناول ”واپسي“ ۽ ”رجيم“ ناول پڻ سندس تخليقي سڃاڻپ ٿي بيٺا آھن. ھِن ڪھاڻي-مجموعي ۾ گھڻيون ڪھاڻيون پڙھڻ وٽان آھن. اڪثر ائين ٿئي ٿو ته ڪيترن ئي ڪھاڻي-مجموعن ۾ ويھن ڪھاڻين مان ھڪ يا ٻن کان ويندي بمشڪل چار معياري ڪھاڻيون ملن ٿيون. باقي ڪھاڻيون پڙھندڙ جو وقت ضايع ڪريو وجهن. انور جي ھِنن ڪھاڻين جي اندر وڃون ٿا تہ ٽيڪنڪ، ٻوليءَ، اسلوب توڙي گهاڙيٽي جي لحاظ کان سندس اڪثر ڪھاڻيون متاثر ڪندڙ ثابت ٿين ٿيون. مثال طور، تي سندس ڪھاڻين ۾ ڪِٿي ڪِٿي مزاح جي حِس نھايت دلفريب انداز ۾ آھي. مزاح مزاح ۾ ھُو دردن کي اُکولڻ جو فن ڄاڻي ٿو. ھُن وٽ سُورن جا تاڪيا کُولڻ جو آرٽُ آھي. سندس ڪھاڻيون لفظي اِشارن ۾ پيرائتو سفر ڪن ٿيون. ڪٿي ڪٿي لفظي نشانن سان سندس ڪھاڻين ۾ اڳ ڏنل اھڃاڻ Fore Shadows آھن. سندس ڪھاڻي”ڳاڙھا دٻا“ ۾ پُٽ جا مڪالما فور شيڊوئنگ ڏيندڙ آھن. Foreshadowing ھڪ اھڙي ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنڪ آھي، جنھن کي ڪھاڻيءَ جو مُکيہ جُزو Component پڻ سَڏبو آھي. فورشيڊوئنگ نہ صرف ڪھاڻيءَ ۾ پڙھندڙ لاءِ تجسس جنمي ٿو. پر پڙھندڙ جي اندر ۾ ھڪ تخليقي تمنا جاڳائي ٿو تہ ڪھاڻيءَ ۾ اڳتي ھلي ڇا ٿو ٿئي؟ پڙھندڙ وٽ شوق جاڳي پوي ٿو ته ڏِسجي ڪھاڻيءَ جا ڪردار ڇا ٿا ڪن؟ انور جي ھِن ڪھاڻيءَ ” ڳاڙھا دٻا “ جا شروعاتي مڪالما خود-ڪلاميءَ جي صُورت گَري ڪندي، فورشيڊوئنگ طور آيا آھن، جيڪي پڙھندڙ ۾ ڪردارن ڏانھن دلچسپي پيدا ڪن ٿا. اِشاراتي طور پڙھندڙ کي ائين محسوس ڪرائن ٿا تہ ڪجهه نہ ڪجهه عجيب ۽ غريب ٿيڻ وارو آھي. ! پاٺڪ ڪھاڻي پڙھڻ دوران ائين محسوس ڪري ٿو تہ ڪردارن جي عملن وسيلي ھنن لفظن تائين جيڪي ڪجهه ظاھر ٿيو آھي، سو اصل ۾ ائين نہ پر اڳتي ھلي ڪجهه مختلف آھي. اِھڙيءَ طرح پڙھندڙ، ڪھاڻيءَ کي آخري لفظن تائين تجسس سان پڙھي وٺي ٿو. بحيثيت ڪھاڻيڪارَ اھا سندس فني ھُنرمندي آھي. مثال طور ھِن ڪھاڻيءَ جا ڪي مڪالما ھِن طرح آھن، جيڪي پڙھندڙ کي ڪھاڻيءَ جي ايندڙ مرحلي ڏانهن اشارو ڪندي ورق اٿلائڻ تي پڻ آماده ڪن ٿا: