Thursday, October 27, 2022

وڃن سور سنڌا ڪيون - ابراھيم کرل

وڃن سور سنڌا ڪيون

مختصر ڪھاڻي

ابراھيم کرل



مون ويٺي موبائيل تي ميچ پي ڏٺي ته ميسيج جي پٽي اسڪرين تي ھلي غائب ٿي وئي. ميسيج جو نئون اسٽائيل ھو. انگريزيءَ ۾ لکيل ھو ”ھيلو“ ۽ ان جي پٺيان ٻه ٽي اموجيز اسٽيڪر قطار ۾ لڳل ھئا. نمبر مون وٽ سيو ٿيل ڪو نه ھو. رضوان ۽ بابر آئوٽ ٿيا ته مون به آئوٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. بوريت سبب، ھڪ پورو سگريٽ ساڙي مان واش روم ھليو ويس. منھن کي ڇنڊو ھڻي، اچي آرام ڪرسيءَ تي ويٺس. چانھ پي چڪو ھئس. ڪا ڳالھ سمجھ ۾ ڪو نه پي آئي ته ھاڻي ويھي ڇا ڪندس؟ موبائيل ھٿ ۾ کنيم ته وري ميسيج بيل وڳي. اسڪرين کوليم ته انباڪس جي مٿان ٽن ميسيجن اچڻ جو انگ موجود ھو. انباڪس کي کوليم ته ٽئي ميسيج، ھڪ ئي نمبر تان آيل ھئا. پڙھڻ لاءِ جيئن ئي ڪلڪ ڪيم ته پھريون ميسيج اھو ساڳيو ھيو جنھن تي ھيلو جي پٺيان اسٽيڪرن جي قطار ھئي.

ٻئي ميسيج ۾ ھيو ته؛ ”ڪيا يه نمبر ڪسي بوڙھي آدمي ڪا ھي؟!“

ٽيون ميسيج سنڌيءَ ۾ ھو ته ”وڃي کڏ ۾ پئو!“


مون کان کل نڪري وئي. سوچيم ته ھي ڪو حجائتو دوست آھي، جنھن ڄاڻي واڻي اھڙا ميسيج ڪيا آھن. وچين ميسيج جي مفھوم مان مونکي ائين لڳو ته ھيءَ حرامپائي آھي.

مون رسيد طور کيس جواب ۾ لکيو ته؛ ”توھان صحيح سڃاتو آھي، مان واقعي پوڙھو آھيان. بلڪ ان ڪڪڙ جھڙو جيڪو صرف ٻانگ ڏئي سگھندو آھي.“

ٿوري دير ۾ جواب آيو ته؛ ”مونکي اصيل ڪڪڙ جي تلاش آھي.“

مون کي پڪ ٿي وئي ته ھي ڪو مرد ئي آھي ۽ ٻھراڙيءَ جو آھي، جنھن کي اصيل ڪڪڙ جي پوري ڄاڻ آھي.

سو مان وري ميچ ڏسڻ لاءِ موبائيل جي ايپ کولي ته مڙئي مزو ڪجھ رانديگرن ڪيو ھو. اسڪور سٺ کان مٿي ٿي چڪو ھو. اڃا ھڪڙو اوور مس ڏٺم ته اسڪرين تي ميسيج وارو لوگو ظاھر ٿيو. جنھن جي پٺيان ھڪ مس ڪال پڻ لڳي. سوچيم ته ڪھڙو ويھي ڪال ڪري پاڻ خوار ڪيان. ڪال ڪندومانس ته کڻندو ڪو نه يا حرامپائي ڪري عورتاڻو آواز ڪڍي وقت برباد ڪندو.

وري مٿان ميسيج آيو. نيٺ مجبور ٿي پھريان ئي سوچي ورتم ته ميسيج ٿو ڪيانس؛ ”فقير! ٽارو ڪر! ميچ ڏسڻ ڏي! ھروڀرو تنگ نه ڪر! ڪو ٻيو تاڙ!“

جيئن ئي ميسيج کوليم ته؛ ”نالو لکيل ھو. ان کانپوءِ شھر جو نالو لکيو ھيائين.“

ھتي اصل نالو ڪو نه ٿو لکان.

ٿورو پريشان ٿيس. ان بابت ٿوري ڄاڻ ھئي، ۽ سندس عشق جون ڳالھيون ڪَنَ تي پيل ھيون.

سوچيم؛ ”اھا ڇو ميسيج ڪندي؟ سندس ٺيڪ ٺاڪ پوزيشن آھي..“

سوچ ۾ پئجي ويس.

ميسيج لکيم ته؛ ”ڀلا توھان جي اُھي پاڻ آھيو ته پار پتا ڏيو! مون کي ڪھڙي خبر ته توھان اُھي آھيو.؟“

ٻن منٽن کانپوءِ ميسيج ڪيائين ته؛ ”اوھان سان فلاڻي پروگرام ۾ ملاقات ٿي ھئي، مونسان گڏ ’ڪڪڙ‘ به ساڻ ھو.“

ميسيج پڙھي، پھريان ته کل آئي ۽ ھمراھ جي باري ۾ سوچي، سندس قد ڪاٺ جو اندازو ھنيم ۽ نڙ-گھٽ کي ذھن ۾ آندم ته منھنجي آڏو واقعي اصيل ڪڪڙ سامھون اچي ويو. جنھن جا کنڀ کسي ويندا آھن ۽ ڳچيءَ جو ماس لڙڪندو محسوس ٿيندو آھي.

لکيومانس ته؛ ”ڀلا ساڻس ڪا ناراضگي ٿي آھي ڇا؟“

”نه ناراضگي ڪا خاص ته ناھي پر ڏاڍو شڪي ٿي پيو آھي. جاڏي ٿي وڃان ته ٺونٺ جيڏا ميسيج ٿو ڪري، ھاڻي مون مان دل ڀرجي وئي اٿئي؟ نوان ماڻھو ھٿ ڪيا ٿي، رات ڪاٿي ٽڪي ھنئين؟ مون سان ڇونه ھلينءَ؟ مطلب ته مان ڄڻ، سندس زر خريد غلام ھجان.“

”چوي ته ھو به سچ ٿو، توھان جي جوڙي ته مشھور آھي، سڀ توھان کي گڏ ڏسندا آيا آھن. ان ڪري گھڻا سوال ڪندو ھوندو.“

”ھا پر مان ڪنھن پرسنل ڪم سان ٻاھر نڪران يا ڪو آفيس جو ڪم ڪار ھجي، ڪا ميٽنگ ھجي ته ھن کي به ڳچيءَ ۾ لڙڪائيندي وتان، اھو ڪھڙو تڪ آھي.؟ “

”ھا ته کيس سمجھائي سگھجي ٿو نه، اطلاع ڏئي پوءِ توھان ڀلي پنھنجي ڪم ڪار سان نڪري وڃو.“ مان موٽ ۾ کيس لکيو.

”اڙي يار تون نه سمجھندين ان ماڻھوءَ جي حرڪتن کي، ھڪ ڀيري حيدرآباد ويس آفيس جي ڪم سان، کيس ميسيج ڪيم ته ھيڊ آفيس ٿي وڃان، ضروري ميٽنگ، آھي، سو لور لور ڪندو اچي حيدرآباد پھتو، آفيس جي ٻاھران پيو چڪر ڏي. مون ڏاڍو سمال فيل ڪيو، ان کانپوءِ کيس ڪونه ٻڌائيندي آھيان، يار ڪو اعتماد ڪو اعتبار ھوندو آھي، جيئن جيئن پوڙھو ٿو ٿئي تيئن تيئن ارڪانن مان نڪرندو ٿو وڃي.“

”پوءِ به خيال ته ڪرڻو ٿو پوي نه، توھان جو خيال رکيو اٿائين، توھان کي مٿي آڻڻ ۾، مالي مدد ڪرڻ ۾ سندس ڪردار ته آھي نه!“

”مان مڃان ٿي ته ھن پروجيڪٽ ڪيو، ھرھنڌ وٺي ھلندو ھو، پروگرامن ۾ گڏ ھوندا ھئاسين، جنھن جي عيوض مون کي الائي ڇا ڇا ٻڌڻو پيو، مٽ مائٽ پاسيرا ٿي ويا، ابو امڙ ڪاوڙيا، پر پوءِ به نڀايم نه، طعنا مھڻا، گلائون سٺم نه، ھڪ ايف ايڪس گاڏيءَ ۾ به گڏ ھئيمانس نه، جنھن جي جھاڪي تي سيٽ ڪري پوندي ھئي. ڪھڙيون ٿو ڳالھيون پڇين، پر ھاڻي صفا حدون ڪراس ڪري ويو آھي، مونکي ذاتي ملڪيت ٿو سمجھي، ان دور ۾ ئي چيو ھيو مانس ته شادي ڪر، ڪڏھن ڀيڻن جو عذر ته ڪڏھن سٺي نوڪريءَ جو بھانو ڪري ڳالھ ٽاري ڇڏيندو ھو، ھا ڪنداسين شادي اڃا وقت پيو آھي. ٽڪيون کارائي کارائي مونکي به پوڙھائپ جي طرف ڌڪيندو رھيو.“

”ڪھڙيون ٽڪيون کارائيندو ھيئي؟ “

”ھاڻي مونکان گاريون نه کاءُ، اھو به ڪو سوال آھي، ڄڻ تون ٻار آھين.“

”پوءِ تون ڇو کاڌيون ٽڪيون.“

”ته حرامي ٻار ڪڇ تي کڻي، گھمايان ھا، ائين نه!؟“

”ھاڻي ڀلا چوي ڇا ٿو؟“

”بس ڇا چوندو، ميدان مان ھار کاڌل ڪڪڙ جو ڪھڙو علاج ھوندو آ، گھر ۾ بيھاربس تڏھن به ٻين ڪڪڙن لاءِ ويل ڪندو آ، شل نه ڪو ڪڪڙُ، ڪڪڙِ تي چڙھي،.... تو کي ڇا سمجھايان؟ “

”پوءِ، معني ته....؟“

”پوءِ ڇا، ھڪ ھڪ شيءِ نوٽ ڪري ڊائريون ڀري رکيون اٿائين، بس رڳو بليڪ ميل.....

مون تو کي ڦلاڻو پرفيوم وٺي ڏنو، ليلن جو سوٽ وٺي ڏنو، سيل تان سينڊل وٺي ڏنو، تبت سنو ڪريم وٺي ڏني، ڊابر آمله جي بوتل وٺي ڏني، ڪھڙن ڪھڙن ھوٽلن ۾ رھايو، ماني کارائي،؟ جي ھوٽلن ۾ رھايئي ته قيمت وصول ڪيئي اھو به ته ڊائريءَ ۾ لک نه...... “

ابول صفا ائين؟“

”ائون نه ته، مان ته چوان ٿي، ڀلي اھو سڀ ڪجھ پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ ۾ لکي ته بيعزتو ٿئي. ماڻھو کلنس، ۽ سندس سخاوت تي ڦٽڪار پوي، ته عطر جي شيشين، ڦيٿي جھڙين واچن، سيل جي سينڊلن جو ذڪر ڪري ته ھن جي ذھنيت جي ماڻھن کي خبر پوي، سندس روشن خيالي به سڀني جي اڳيان اچي. “

”مان صفا وٺجي ويو ھئس سو بھانو ڪيم ته رات گھڻي ٿي وئي آھي، تون به آرام ڪر، مونکي به صبح ڊيوٽي تي وڃڻو آھي، سو باقي ڪچھري سڀاڻي ڪنداسين.“

“ٺيڪ آھي، توھان ۾ ھڪڙو ڪم به ھيو، ڀلا سڀاڻي ٻڌائينديمانوَ.....“

مان سوچ ۾ پئجي ٿو وڃان ته آخر سندس ڪھڙو ڪم اچي مون ۾ ڦاٿو آھي، ھڪ دل چيو ته ھاڻي ئي ميسيج ڪري پڇي وٺانس، جي ھجي ڪرڻ جھڙو ته ھا ڪيان نه ته ڍڪي ڀلي. وري دل چيو ته ائين مناسب ناھي، جي ھن کي تڪڙ ناھي ته مان ڇو اڳرائي ڪيان.

ٻيو ڏينھن ٿيو، صبح سان ئي گڊ مارننگ جي ميسيج اچي ٺڪاءُ ڪيو. رسمي ميسيج مون به ڪري ڇڏيو.

ڊيوٽيءَ تي پھتس ته واٽس ايپ تي پنھنجون تصويرون موڪليائين جيڪي سڀئي، بھترين پروگرامن جون ھيون، جن ۾ ھوءَ، ڪٿي خاص مھمان ته ڪٿي اعزازي مھمان ٿي اسٽيج تي ويٺل ھئي يا ڊائيس تي ڳالھائي رھي ھئي، مون تمام تصويرون ڏٺيون ۽ بھترين لکي موٽ ڏني.

”خبر ٿئي، مونکي انھن تصويرن تي ڪيترا ڪمنٽ مليا ۽ لائيڪ جو ته ڪاٿو ئي ڪونھي.“

مليا ھوندا، ملن به ڇو نه، توھان جي سٺي پي آر آھي.“ لکي مون ميسيج سينڊ ڪيو.

”ان تي به کيس اعتراض ٿيندو آ ته تو کي ايترا ڪمنٽ ڇو ٿا ملن، ھڪ ھڪ ڪمنٽ پڙھي، وري لکندو آ، اڄڪلھ فلاڻو توکي ذومعني وارا ڪمنٽ ڇو ٿو ڪري. وري ڪو چڪر ٿو ھلي ڇا؟ سچ پڇين ته اندر سڙي ويندو آ، ڀلا جي ڪنھن ڪمنٽ ڪيو ته ان ۾ منھنجو ڪھڙو ڏوھ؟ حالت اھا اٿس جو ميسيج ٿو ڪري ته اھا تنھنجي وال تي رش منھنجي ڪري آھي، مون توکي ان منزل تي پھچايو آھي؟“

نه نه! توھان رڳو ھي پنھنجا موڪليل ميسيج ئي پڙھي وٺو ته توھان کي لکڻ اچي ٿو! ھروڀرو اھڙي ڳالھ به ڪونھي!“ مون کيس ٿورو ٽيڪو ڏنو.

بس سائين منھنجا چند شعر ڇا سڌا ڪيائين، ڄڻ حاڪم ٿي حڪم ھلائڻ لڳو. ھينئن نه ڪر، فلاڻي کان پاسو ڪر، وڏو ڪمينو ٿي. ھن کي جواب نه ڏيندي ڪر، جھرلو ٿي. سٺن سٺن اديبن لاءِ لکندو ھو ته؛ اھي اندر جا پليت ٿي. تو کي سبز باغ ٿا ڏيکارين. تو کي ڦاسائڻ لاءِ ڪنڍيون ٿا ھڻن ۽ پاڻ ھروڀرو منھنجن شعرن ۾ سيڪس ڀري، مونکي بولڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. اسڪرين شاٽ وٺي، موڪليندو ھو ته ڏس مون تو کي ڪٿي پھچائي ڇڏيو آھي. ايڏو دگران جو جيڪا شاعري لکي موڪليانس، اھا پاڻ وٽ محفوظ ڪري فائيل ٺاھي ڇڏي ۽ وري باور ڪرائي ته ’تنھنجو ھي شعر پھريان ھينئن ھو، مون ھيئن ڪيو ته ڪيڏا ڪمنٽ مليا ٿئي...!‘ بليڪ ميلر...!“

”ڪيئن ھيڏو وقت برداشت ڪيو ٿي، شابس ٿي“

”بس بليڪ ميل ڪندو ھو، منھنجي نوڪري ڪرڻ تي کيس اعتراض ھو ته متان پاڻ ڀري ٿي وڃي ۽ مونکي ڇڏي وڃي.“

”اھو ته ڪنھن جي زندگيءَ سان کيڏڻ جي برابر آھي، ھن کي ته خوش ٿيڻ گھرجي ھا، توھان کي سپورٽ ڪرڻ گھرجي ھا.“

سپورٽ ھن ڪيو ان لاءِ مان سندس ٿورائتي آھيان، پر ھن پنھنجي مطلب لاءِ سپورٽ ڪيو، جيڪا خبر مونکي ھن جي روين، عادتن مان پئجي وئي، پوءِ به مون زھر جو ڍڪ پيتو ڇو ته ويل وقت کي آئون موٽائي ڪونه پي سگھيس.“

”ھيڏي عرصي ۾ توھان شادي جي ڪوشش نه ڪئي؟!“

”ڪئي! کوڙ ڀيرا ڪئي! جڏھن ھن بھانا ڪيا. مجبوريون ٻڌايون ته مون ڪوشش ڪئي! چار رشتا آيا! پر خبر ٿئي ھن ڇا ڪيو؟“

”ڇا ڪيائين ؟!“

مختلف نمبرن تان انھن ڏي ميسيج ڪيا ته ڇوڪري صحيح ڪانھي! نه صرف ايترو پر ڦوٽا به، موڪلي انھن جي ذھنن ۾ گند ڀريو. مون کان به غلطيون ٿيون جو ھر ڳالھ ھن سان شيئر ڪندي ھئس. ابا جيڪو اچي گھر ڏسي خوش ٿي موٽي وڃي، خبر ئي نه پوي ته وري موٽڻ جي ڪن ئي ڪونه، آخر ۾ معلوم ٿيو ته ھن ئي غلط سلط ميسيج ڪري ماڻھو ڀڄايا.“

پنھنجائپ ۾ ڪو رشتو نه آيو؟“

ان لاءِ ئي اوھان کي ميسيج ڪيو ھئم. منھنجو ھڪ سئوٽي سئوٽ آھي. جيڪو پوليس ڪانسٽيبل آھي. سندس پوسٽنگ ڪراچيءَ ۾ آھي. ان جي بدلي ڪرائڻي آھي. اتي ڪو توھان جو مائٽ ڊي آءِ جي آھي، سو جي مھرباني ٿئي ته........“

منھنجو مائٽ ته آھي پر ھو وڏو ماڻھو آھي، مان ننڍڙو ماڻھو آھيان.“

سر توھان به وڏا ماڻھو آھيو، مونکي خبر آھي! سچ ته مون اوھان سان ملڻ به چاھيو پئي جڏھن اوھان ايوارڊ وٺڻ آيا ھئا پر ھن ڪڪڙ کي ڪير سمجھائي، جھلي ڇڏيو ھيائين ته انھن سان نه ملجانءِ! انھن ۾ به ھڪ ٻه ماڻھو سٺا ڪونھن، سو مان توھان سان ملي ڪو نه سگھيس...“

منھنجي ذھن ۾ جيڪو ھن يار جو خاڪو ٺھيل ھو، سو ڌڙام ڪري اچي، ڪري پيو. ھي ھيڏا وڏا نالا، ڪامريڊ، جن وٽ قوم جو درد ڪٽجي ڀريل آھي، اھي اندران ڪيڏا خالي آھن.

مون کيس چيو؛ ”توھان جي لاءِ آئون ھڪڙي شرط تي مائٽ کي پرسنل رڪئرسٽ ڪندس.“

”ڪھڙو شرط سر......... توھان به.....“

توھان غلط نه سمجھو صرف اھا اجازت ڏيو ته مان اوھان جو ھي داستان لکي، شيئر ڪيان.“

ھوءَ ماٺ ٿي وئي، ٽائيپنگ جو نشان اچي وري بند پي ٿي ويو. شايد ھوءَ فيصلو نه پي ڪري سگھي.

رات جو ٻارھين وڳي ھن جو ميسيج آيو ته سر منھنجو به ھڪڙو شرط آھي ته اوھان منھنجو اصلي نالو نه لکندئو ۽ ھن کي ڪڪڙ ئي لکندئو.

مون زندگيءَ جي قيمتي شيءِ وڃائي آھي، مونکي ھن کان نفرت ٿي وئي آھي، مان پنھنجو گھر وسائڻ ٿي چاھيان، جنھن لئه اوھان جي مدد جي ضرورت آھي....

مونکان ڳوڙھا وھي ٿا وڃن، مان ان ويل ئي ميسيج ٽائيپ ٿو ڪيان ۽ صاحب کي موڪلي ٿو ڇڏيان. جنھن جي موٽ مون کي ٻي ڏينھن ملي ٿي ته ”ادا ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪونھي! ٿي ويندو! دير سان ميسيج ڇو ڪيو ٿي، صبح ٿئي ھا!“

لکيومانس ته زندگيءَ ڏانھن موٽائڻ لاءِ جيڪي ڪم ٿيڻ گھرجن انھن ۾ دير ٿيڻ نه گھرجي.

 

(ابراھيم کرل جي فسيبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment