Wednesday, October 19, 2022

وڻ - عبدالڪريم چنا

وڻ

عبدالڪريم چنا



ناصحاڻو ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي ٿو. ايسوپ جي آکاڻين مان نصيحتن، هدايتن ۽ ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا. سندس ڪهاڻيون اڄ تائين ٻارن توڙي ٻڍڙن ۾ هڪجهڙيون مقبول آهن. مولانا روميءَ جي مثنوي به نصيحتن، هدايتن ۽ سبق آموز حڪايتن سان ڀريل آهي. زمانا بدلجندا رهيا پر نصيحتن ۽ هدايتن کي انداز ۽ اسلوب مٽائي پيش ڪرڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. سنڌ جي لوڪ ادب جون آکاڻيون ۽ قصا به نصيحتي ادب سان ڀريل آهن. هي آکاڻيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون اهي جن ۾ انساني ڪردارن وسيلي درس، نصيحت ۽ هدايت ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي اهڙين ڪهاڻين کي نقل/پهاڪو/ٽوٽڪو Parable چئبو آهي. ٻئي قسم ۾ وري جانورن، پکين، ٻوٽن، وڻن، جيت جڻن ۽ بيجان شين کي انسانن جيان ڪردار بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي، اهڙين ڪهاڻين کي آکاڻي/قصو Fable چئبو آهي. هن قسم جي ڪهاڻين ۾ جانورن، پکين، جيتن ۽ بيجان شين کي انسان جيان احساس، زبان ۽ سمجھ عطا ڪئي ويندي آهي، ان قسم جي حرفت کي Personification چئبو آهي. هي حرفت Parable جو اهم اوزار tool آهي. جڏهن ته استعارو، علامت نگاري ۽ تمثيل Metaphor, Allegory and Symbolism آکاڻي ۽ ٽوٽڪو Parable and Fable جا اهم اوزار آهن. اهو ذهن ۾ هجي ته آکاڻي ۽ ٽوٽڪو جون هي حرفتون نثر توڙي شاعري ٻنهي ۾ استعمال ٿينديون آهن.


عباس ڪوريجو جو تازو آيل ناويلا “وڻ” به نصيحتي (ناصحاڻي) ادب جو مثال آهي. هن ۾ آکاڻين ۽ قصن کي سموئي هڪ لڙيءَ ۾ پوئي ناويلا جي رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هر آکاڻيءَ ۾ مختلف ڪردار سامهون اچن ٿا. ڪٿي انساني شڪل ۾ ته ڪٿي پکي، پٿر ۽ وڻ جي شڪل ۾. سڀني آکاڻين منجهان ڪو درس يا نصيحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي.

هي ناويلا ٽوٽل نو 9 حڪايتن جو مجموعو آهي. هر حڪايت کانپوءِ ان تي سمجهاڻيءَ طور ٽيڪاٽپڻي پڻ ٿيل آهي، ان سان گڏ ايندڙ حڪايت واري باب لاءِ به ميدان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. حڪايتي آکاڻين جي پهرئين قصي ۾ هڪ اهڙي شخص جي وارتا بيان ڪيل آهي جنهن جي زال ڪنهن ٻئي مرد سان تعلقات جوڙي ورتا ۽ ان جي نتيجي ۾ مرد سخت ڀوڳنا ۾ آهي. اهو مرد عورت کي بيوفا ۽ ڌوڪيباز قررا ڏيندي هڪ اهڙي پٿر جي ڳولا ۾ آهي جنهن کي هو دل تي رکي پنهنجي دل جو بار ۽ غم ختم ڪري سگهي. اهو به ڏسجي ٿو ته هي مرد جو هڪ طرفو بيان آهي جڏهن ته عورت کي پنهنجي وارتا پيش ڪرڻ جو ڪو موقعو ناهي ڏنو ويو. هن قصي ۾ عورت کي بيوفا ۽ ڌوڪيباز قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته انساني نفسيات موجب هڪ ئي فرد سان سموري عمر محبت نه ڪري سگهڻ ۽ رشتي ۾ هوندي به ڪنهن ٻئي سان محبت ۾ اٽڪڻ جي وارتا به واضح آهي. ليکڪ مرد جي قصي بيان ڪرڻ کانپوءِ دردن ۽ سورن جي وارتائن کي بيان ڪندي سماج ۾ موجود طبقاتي اڻبرابريءَ کي آڻي ٿو. ان جو سبب ايندڙ باب ۾ صرافه بازار ۾ موجود هڪ موچيءَ جي ڪٿا بيان ڪرڻ آهي. جنهن ۾ امير سونارن جي بازار ۾ هڪ غريب موچيءَ جو دوڪان جي موجودگي سونارن کي ٺپ نه ٿي وڻي ۽ اهي ان موچيءَ کي اتان اٿارڻ لاءِ کائنس مهانگي اگھ تي دوڪان وٺڻ جي آڇ ڪن ٿا. پر موچي سندن آڇ نه ٿو قبولي. سونارا کيس ڌمڪيون پڻ ڏين ٿا پر هو اهڙين ڌمڪين کي به نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو. نيٺ سندس انت هڪ حادثاتي موت وسيلي ٿئي ٿو جنهن ۾ صرافه بازار جي مڪار صدر جو هٿ هجي ٿو. موچي ۽ سونارن جو ٽڪراءُ اصل ۾ ڪارپوريٽ دنيا ۾ واپاري مفادن جي تحفظ جي جنگ جو مثال آهي. هتي واپاري پنهنجن مفادن جي بچاءَ لاءِ ڪنهن کي مارڻ تائين به وڃي سگهن ٿا وارو مثال بيان ڪيل آهي. ٻئي پاسي موچي پنهنجي اصولن تي ثابت قدم بيهي پنهنجي حق ۽ ملڪيت جي تحفظ لاءِ جان جوکي ۾ وجهي ٿو ۽ ان ريت مارجي ته وڃي ٿو پر آخر تائين وڪامجي هارجي نه ٿو. موچيءَ جي ڪردار کي ٻن رخن سان وٺي سگهجي ٿو. هڪ ته اصولن تي بيهڻ ۽ نه وڪامجڻ، يعني ڌمڪيون سهي ڪري به مقصد تان نه هٽڻ ۽ موت کي ڀاڪر پائڻ. ٻيو وري اهو ته انسان پنهنجي سوچ کان ٿڙڪي نه ٿو. جيڪڏهن موچي ٻيڻو ٽيڻو اگھ وٺي دوڪان کپائي ٻئي هنڌ سستو دوڪان وٺي ها ته کيس وڌيڪ رقم به ملي پوي ها ۽ ڌنڌو به جاري رکي ها ۽ ان ريت موت جي ور به نه چڙهي ها. هيءَ نواڻ ۽ پنهنجي سهولت واري سوچ جي ابتڙ آڇ کي قبول نه ڪرڻ واري سادگي يا ضديت آهي جيڪا کيس موت جي ور چاڙهي ٿي. ان ريت هو ڪو به فائدو وٺي سگهڻ کانسواءِ مري به وڃي ٿو ۽ سونارن جو ڪم به ٿي وڃي ٿو. هاڻي سوال اهو به اٿي ٿو ته جيڪڏهن هو جيئرو رهي ڪري فائدا وٺي دوڪان وڪرو ڪري ها ته ڇا اهو بهتر نه هو؟ موچيءَ جو دوڪان وڪرو نه ڪرڻ ۽ نئين جاءِ تي نه وڃڻ انسان جو پنهنجي comfort zone مان نه نڪرڻ واري ڊڄ جي عڪاسي آهي ته اگر مان هتان نڪتس ته تباھ ٿي ويندس.

ائين ليکڪ ڳوٺاڻن ۽ غريبن جي سادگي ۽ اميرن جي مڪاريءَ کي بيان ڪندي هڪ اهڙي امير ٺيڪيدار جي وارتا بيان ڪري ٿو جيڪو ٺيڪن ۾ ڪرپشن ڪندي انتهائي شاهوڪار بڻجي ويو آهي پر سندس ان بي ايماني ۽ ڏوهن جي سزا طور هن جي جسم منجهان ڌپ نڪرڻ شروع ڪري ٿي جنهن سبب سندس زال توڙي آفيس جو عملو پريشان ٿي وڃن ٿا. هو مهانگا پرفيوم استعمال ڪرڻ لڳي ٿو پر تنهن هوندي به اها ڌپ ختم نه ٿي ٿئيس. هتي ليکڪ آخر ۾ اهو درس ڏنو آهي ته بدڪرداريءَ جي ڌپ ظاهري صاف سٿرائي ۽ دنياوي خوشبوئن سان ختم ناهي ٿيڻي. دولت ڀلي ڪيڏي به هجي پر اها دولت بدڪرداري ۽ بي ايمانيءَ سبب ملندڙ سزا ختم ٿيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي مدد نه ٿي ڏئي سگهي. ٻيو اهو به درس ملي ٿو ته گناهن ۽ بي ايمانيءَ جي سزا رڳو قبر ۽ آخرت ۾ نه پر هن دنيا ۾ به مختلف طريقن سان ملي وڃي ٿي پر انسان ان طرف سوچي نه ٿو.

ايندڙ ڪٿا ۾ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي وارتا بيان ڪيل آهي جنهن جي معصوميت جي انعام ۾ کيس هر شخص پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن سبب ان قسم جو جانور نظر اچي ٿو. کيس ڪا عورت ٻلي نظر ٿي اچي ته ڪو مرد گڏھ. ڪير بگهڙ ته ڪو رڇ ته ڪو وري سوئر. يعني جنهن انسان ۾ جهڙيون حيواني جبلتون گهڻيون آهن ڇوڪريءَ کي اهو شخص انسان بدران انهن جبلتن وارو جانور نظر اچي ٿو. ائين ئي کيس پنهنجو پيءُ به انسان بدران گڏھ نظر اچي ٿو. اهو گڏھ سخت پورهيو ڪندڙ ۽ بيوقوف هجڻ جي علامت آهي. وري کيس هڪ مائٽ ڇوڪرو ڪتو نظر اچي ٿو. اهو ڪتو وحشت ۽ بدڪرداريءَ جي علامت آهي. پر هن وارتا ۾ ڇوڪريءَ کي ان ڇوڪر پاران ڪنهن به قسم جي جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻائيندي يا ان قسم جي ڪوشش ڪندي ناهي ڏيکاريو ويو.

اڳيون قصو هڪ اهڙي ڇوڪر جو آهي جنهن کي ڪاهل، سست ۽ ننڊاکڙو هئڻ سبب هر ڪو ننڊ سڏي ٿو. اهو ڇوڪر هڪ ڇوڪريءَ جي جملن منجهان اتساهه وٺي محنت ڪري اڳتي وڌڻ ۽ منزل ماڻڻ جو عزم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هو اهو عزم ته ڪري ٿو پر اول ته ڇوڪريءَ جي جملن سبب سخت صدمي ۾ اچي اهو ڇوڪر کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏئي ٿو، ڪنهن سان ملڻ جلڻ ڇڏي گهر ۾ ويهي رهي ٿو، ان ريت هو هيڪلو بڻجي بيمار ٿي پوي ٿو. بعد ۾ هن کي صدمي مان نڪرندي اوجاڳا شروع ڪري ٿو. ان مان سندس ڪجھ ڪري ڏيکارڻ واري عزم جي نشاني ملي ٿي. پر هو ڪهڙي قسم جي محنت ڪري ٿو يا ڪهڙي شعبي ڏانهن لاڙو رکي ٿو اهو ناهي ڏيکاريو ويو. ليکڪ کي ان ڪردار کي منزل ماڻڻ لا درست دڳ ۽ واٽ سان لائڻ گهربو هيو جيڪا کوٽ واضح آهي.

ان کان پوءِ هڪ ڳيريءَ جي تمثيلي آکاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ ته ڳيريءَ جي مثال مان انساني رشتن جي ٽٽڻ ۽ ماءُ اڳيان اولاد جو وڙهڻ ۽ الڳ ٿيڻ واري درد جي ڪٿا بيان ڪئي وئي آهي. ان کي رشتن جي بي قدريءَ جو اظهار پڻ چئي سگهجي ٿو. ٻيو پيغام اهو به ڏنو ويو آهي ته انسان مصيبتن، تڪليفن يا ڪهڙين به مجبورين سبب پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ ڀل وڃي رهي پوي پر کيس پنهنجو وطن ۽ ماتر ڀوميءَ جي سڪ ۽ اڪير سدائين ستائيندي رهندي ۽ هن ۾ واپس وطن ورڻ جي تڙپ جاري رهندي. هي انسان جي ان جبلت جو اظهار آهي جنهن ۾ هو ٻاهرئين ملڪ ۾ ڀلي ڪيڏو به سڪون ۽ سهولتن سان رهي پر پوءِ به کانئس پنهنجو اصلوڪو وطن نه وسرندو.

ان کان ايندڙ آکاڻيءَ ۾ فطرت جي ظالم هجڻ ۽ انساني جان کسڻ واري جبلت ڏيکاريل آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان ناريءَ جي محبوب کي درياهه ۾ ٻڏي مرندي ڏيکاريو ويو آهي. پيغام هي آهي ته انسان ڀلي ڪيڏو به سگهارو ۽ ماهر هجي پر فطرت تي مڪمل ضابطو اڃا به انساني وس ۾ ناهي ٿيو. فطرت انسان هجي يا حيوان هر ڪنهن کي هڪ جيان ئي ورتاءُ ڪندي اڳتي وڌندي رهندي آهي.

ان کان پوءِ واري ڪٿا هڪ اهڙي نيڪ دل ۽ سخي مرد جي آهي جنهن مرڻ کان اڳ ئي وصيت لکي پنهنجي سموري ملڪيت هڪ خيراتي اداري کي ڏئي ڇڏي آهي. اهو ادارو سندس جوڙيل آهي ۽ ان وسيلي هو انيڪ غريب ۽ لاچار انسانن جي مالي مدد ڪري سندن ڏکويل جيون کي سولو بڻائي کين تعليم، صحت ۽ روزگار مهيا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. ان نيڪ شخص جي مرڻ وقت لالچي ۽ لوڀي رشتا مٿانهنس وارثي ڪرڻ لاءِ ان اميد ۾ اچي گڏ ٿين ٿا ته جيئن کين مرحوم هي ڇڏيل ملڪيت مان ڪو حصو ملي پوي.

ناول جي آخر ۾ هڪ جهوني ۽ گهاٽي وڻ جي ڪٿا آهي. ان وڻ جي بيان مان ڪهاڻيءَ جي اڳين ڪردارن جي رهيل ڳالهين کي مڪمل ڪري سڀني ڪردارن جو تعلق ان وڻ سان ڏيکاري وڻ کي مرڪزي ڪردار بڻايو ويو آهي. بيوفا زال وارو مڙس، معصوم ڇوڪري، موچيءَ جي ڌي ۽ سست ننڊاکڙو ڇوڪر، اهي سڀ ڪردار اڳتي هلي ڪهڙي مقام تي پهتا ۽ ساڻن ڇا ٿيو ان جي وضاحت به وڻ پنهنجي وارتا ۾ بيان ڪري ٿو.

هتان اها به خبر پوي ٿي ته معصوم ڇوڪريءَ جي به معصوميت ختم ٿي چڪي آهي ۽ اها به دولت جي لوڀ واري مقابلي ۾ ڊوڙي رهي آهي. ان ريت سست ننڊاکڙو ڇوڪر به اڃا ڪنهن اونچي منزل تي ناهي پهچي سگهيو. ان کي به جدوجهد ڪندي لالچ ۽ لوڀ جي ور چڙهيل ڏيکاريو ويو آهي. اتان انهن ڪردارن کي حڪايتن جي نيڪي ۽ سٺائي واري مقصد جي ابتڙ ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. جيڪا ڳالهھ نصيحتي ادب جي بنيادي پيغام خلاف آهي پر ڪردارن جي اها پڄاڻي سماجي حقيقتن جي عين موجب پيش ٿيل محسوس ٿئي ٿي. ان ريت هي ناويلا نصيحتي ادب سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ ۾ پڻ شمار ٿيندو.

وڻ جي وارتا ۾ هن ڌرتي، فطرت، ماحول، وڻن جي تحفظ ۽ سنڀال جو مثال ڏنو ويو آهي. وڻن جي ڪٽجڻ سبب ماحول ۽ ڌرتيءَ کي جيڪي نقصان پهچن ٿا، ان طرف ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. هتي انسان جيڪو پنهنجي نفعي جي لالچ ۾ ڌرتيءَ جو ماحول خراب ڪندو رهڻ ۽ فطرت جي اصولن جي ابتڙ وڃڻ کان هرگز نه ٿو مڙي واري سماجي حقيقت نگاري چٽي نموني بيان ڪيل آهي.

سڀئي وارتائون سولي ۽ آسان بيان ۾ آهن. هر وارتا ڪا نصيحت ۽ هدايت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسجي ٿي. وارتائون گهڻي ڀاڱي سماجي حقيقتن تي ٻڌل آهن. جڏهن ته بيان ۾ علامت ۽ تمثيل جو پڻ استعمال ٿيل آهي. ليکڪ پاران هدايتن ڀريل سٽن ۽ جملن جو پڻ سٺو استعمال ٿيل آهي. نصيحتن ۽ هدايتن جا پيغام ڏيندڙ آکاڻين جي هن مجموعي کي ٻاراڻي ادب طور به وٺي سگهجي ٿو پر هي هدايتون ٻارن سان گڏ وڏڙن لاءِ به هڪ جهڙيون اثرائتيون آهن. ٻيو ته نصيحت، هدايت ۽ سبق جي ضرورت هر عمر جي انسان کي پوندي آهي.

اڪثر آکاڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون. سماجي حقيقت نگاري سنڌي ادب ۾ ڪافي مضبوط ۽ سگهارو اوزار آهي، جنهن جو هتي به سٺو استعمال ٿيل آهي.

لکڻيءَ ۾ فن ۽ فڪر کي اظهارڻ جي سٺي ڪوشش ٿيل آهي. ليکڪ نيڪي، ٻڌي، پيار، ساٿ، سچائي، قرباني ۽ حب الوطنيءَ جو فڪر ۽ نياپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته ليکڪ ڪهاڻيءَ جي اڻت وارو فن ۾ به ڪامياب ويندي نظر اچي ٿو. پر فن ۽ فڪر جي اها اونچي اڏام محسوس نه ٿي ٿئي جنهن ۾ هن فن پاري کي شاهڪار چئي سگهجي.

هي ناويلا نصيحتي ادب ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ جي ميلاپ جو هڪ سٺو مجموعو چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ان قسم جي ڪجھ وڌيڪ آکاڻين کي ملايو شامل ڪيو وڃي ها ته ناويلا پنهنجي ڊيگھ ۾ وڌڻ سبب ناول بڻجي پوي ها.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۸ ۽ ۱۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment