وڻ
عبدالڪريم چنا
ناصحاڻو ادب didactic literature
جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي ٿو. ايسوپ جي آکاڻين مان نصيحتن،
هدايتن ۽ ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا. سندس ڪهاڻيون اڄ تائين ٻارن توڙي ٻڍڙن ۾ هڪجهڙيون
مقبول آهن. مولانا روميءَ جي مثنوي به نصيحتن، هدايتن ۽ سبق آموز حڪايتن سان ڀريل
آهي. زمانا بدلجندا رهيا پر نصيحتن ۽ هدايتن کي انداز ۽ اسلوب مٽائي پيش ڪرڻ جو
سلسلو اڄ تائين جاري آهي. سنڌ جي لوڪ ادب جون آکاڻيون ۽ قصا به نصيحتي ادب سان ڀريل
آهن. هي آکاڻيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون اهي جن ۾ انساني ڪردارن وسيلي درس، نصيحت
۽ هدايت ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي اهڙين ڪهاڻين کي نقل/پهاڪو/ٽوٽڪو Parable چئبو آهي. ٻئي
قسم ۾ وري جانورن، پکين، ٻوٽن، وڻن، جيت جڻن ۽ بيجان شين کي انسانن جيان ڪردار بڻائي
پيش ڪيو ويندو آهي، اهڙين ڪهاڻين کي آکاڻي/قصو Fable چئبو آهي.
هن قسم جي ڪهاڻين ۾ جانورن، پکين، جيتن ۽ بيجان شين کي انسان جيان احساس، زبان ۽
سمجھ عطا ڪئي ويندي آهي، ان قسم جي حرفت کي Personification چئبو آهي.
هي حرفت Parable
جو اهم اوزار tool آهي. جڏهن ته استعارو، علامت نگاري ۽ تمثيل Metaphor, Allegory and Symbolism
آکاڻي ۽ ٽوٽڪو Parable and Fable جا اهم اوزار آهن. اهو ذهن ۾ هجي ته آکاڻي ۽
ٽوٽڪو جون هي حرفتون نثر توڙي شاعري ٻنهي ۾ استعمال ٿينديون آهن.
