Showing posts with label وڻ، عبدالڪريم چنا، ناويلا، عباس ڪوريجو، ناول، ناوليٽ، ڪھاڻي، افسانو، فڪشن،. Show all posts
Showing posts with label وڻ، عبدالڪريم چنا، ناويلا، عباس ڪوريجو، ناول، ناوليٽ، ڪھاڻي، افسانو، فڪشن،. Show all posts

Wednesday, October 19, 2022

وڻ - عبدالڪريم چنا

وڻ

عبدالڪريم چنا



ناصحاڻو ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي ٿو. ايسوپ جي آکاڻين مان نصيحتن، هدايتن ۽ ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا. سندس ڪهاڻيون اڄ تائين ٻارن توڙي ٻڍڙن ۾ هڪجهڙيون مقبول آهن. مولانا روميءَ جي مثنوي به نصيحتن، هدايتن ۽ سبق آموز حڪايتن سان ڀريل آهي. زمانا بدلجندا رهيا پر نصيحتن ۽ هدايتن کي انداز ۽ اسلوب مٽائي پيش ڪرڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. سنڌ جي لوڪ ادب جون آکاڻيون ۽ قصا به نصيحتي ادب سان ڀريل آهن. هي آکاڻيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون اهي جن ۾ انساني ڪردارن وسيلي درس، نصيحت ۽ هدايت ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي اهڙين ڪهاڻين کي نقل/پهاڪو/ٽوٽڪو Parable چئبو آهي. ٻئي قسم ۾ وري جانورن، پکين، ٻوٽن، وڻن، جيت جڻن ۽ بيجان شين کي انسانن جيان ڪردار بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي، اهڙين ڪهاڻين کي آکاڻي/قصو Fable چئبو آهي. هن قسم جي ڪهاڻين ۾ جانورن، پکين، جيتن ۽ بيجان شين کي انسان جيان احساس، زبان ۽ سمجھ عطا ڪئي ويندي آهي، ان قسم جي حرفت کي Personification چئبو آهي. هي حرفت Parable جو اهم اوزار tool آهي. جڏهن ته استعارو، علامت نگاري ۽ تمثيل Metaphor, Allegory and Symbolism آکاڻي ۽ ٽوٽڪو Parable and Fable جا اهم اوزار آهن. اهو ذهن ۾ هجي ته آکاڻي ۽ ٽوٽڪو جون هي حرفتون نثر توڙي شاعري ٻنهي ۾ استعمال ٿينديون آهن.